ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو شعري مجموعو "سرد هوا ڄميل ڳوڙها" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو شعري مجموعو، "سرد هوا ڄميل ڳوڙها " جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    آخر تون به مٽجي ويندين،
    جيئندي رهندي منهنجي سنڌ.
    ( ذوالفقار سيال )
    جرئت، حوصلو ڏيندي آهي. حوصلو فرد کي قوم جي شعور لاءِ نوان موڙ، جنهن ۾ ڌرتي جي حب، ڌرتيءَ جي ماڻهن جو ڪيس، ستل ذهن کي سگهه ۽جاڳائڻ جون خوبيون موجود هجن. اهڙئي حوصلي جي محاذ تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر ذوالفقار هن ڪتاب ۾ شعر جي هر بند کي جاڳائڻ طور پيش ڪيو آهي. اسان جي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ڪيتريون ويساھ گهاتيون ٿي رهيون آهن تن جي نشاندهي وڏي واقعي ڪري ٿو.
    در در تي دلال آ سائين،
    پنھنجي دنيا ڌار آ سائين.
    [​IMG]
    موسي جو منھن ڌاري، بدڪاري ٿو ڪري،
    انسان جي صفت ۾، شيطانيت رهي.
    سنڌ جو سڄاڻ فرد، ناز سهتو لکي ٿو ته: " ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان چئن ڏهاڪن کن کان محبت جو رستو آهي هن جو ادب، شعر،سنگيت سان لڳاءُ ائين آهي جيئن ماڻهوءَ کي پنهنجي جيون سان پيار هجي ٿو."
    جڏهن به ڌرتيءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿيو آهي ته، ڌرتيءَ جا فرد سڄاڳ ٿي پنهنجو ڪردار هيٺين نموني سان ادا ڪندا آهن.
    ڦاسي گهاٽ، اوچي ڳاٽ، باغي کي آندائون،
    هو آڪاش ۽ هي لاش ڪيئن نه لهن ٿا لائون.
    سنڌ جي ناليواري ليکڪا سلطانه وقاصي لکي ٿي ته :"ذوالفقار سيال تخليقي ادب جو لکاري آهي. تخليقي ادب جو لکاري پنهنجي وجود جي دنيا کان وڌيڪ ٻاهر جي ڏکي دنيا ۾ پير وجهندو آهي. انسانن جي وجود مان مشاهدا ماڻيندو آهي. لکندڙ تخليقي ادب ۾ پنهنجو رت ولوڙيندو آهي ته پوءِ تخليق سرجي پوندي آهي."
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال انقلاب ۽ رومانس کي گڏ کڻي ٿو هلي، اها سنڌ جي هر شاعر جي خمير ۾ شامل جذبو جيڪو جز کان ڪل طرف سفر ڪندو رهي ٿو.
    هر ڪو مُندي ملهائي،
    تون ڇو مونکان ڌار.
    منهنجون سڀ موسمون،
    تنهنجي هڪ نھار.
    هي دولت ۽ دنيا وڏو بار آهي،
    انهيءَ جي سدائين رواني نه رهندي.
    لتاڙي ويندو وقت سڀني کي اڳتي،
    ڏمر، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، جواني نه رهندي.
    سچائي جو معيار ۽ وسعت اظهار جي آزاديءَ جو اصول ، پيغام ۽ منزل جو تعين فنون لطیفہ جا ذهن ئي ڪندا آهن.
    باغي ٿو سو سڏجي هاڻي،
    سچ جو جهنڊو جيڪو کوڙي.
    ڪي ئي وڪجي پاسي ٿي ويا،
    منزل جو هر رستو موڙي.
    اسان "ذلف" اڻيا هيا عڪس تنهنجا،
    سڀئي بي رخيءَ سان اکوڙي ويو آن.
    چانڊوڪي پبليڪيشن - لاڙڪاڻو - ڪراچي. مئي 2023ع جو 160صحفن جو هي ڪتاب ارپنا ٿيل آهي، علي احمد بروهي ۽ علي عباس بروهي جي نانءُ.
    معيار به صلاحيتن سان جڙي ٿو جيڪڏهن صلاحيت منظم نموني سان ڪامياب وڃي ٿي ته جيڪو معاشري ۾ هٿرادو بگهاڙ آهي ان جو خاتمو ٿي ويندو آهي.
    جيسين ساھ جي رهندي تند،
    سنڌ تون منهنجي آهي جند.
    منهنجو ماڻهو گل گلاب آ،
    پنھنجو اوچو آهي ڪنڌ.
    اچو سنواريون پنهنجي ڌرتي،
    سچ ۽ سونهن جو ٻڌون بند.
    رزاق سهتو لکي ٿو ته :" شاعريءَ جو لاڳاپو انساني ارتقا سان آهي. شاعريءَ ۾ موسيقي گلن ۾ خوشبوءِ جيان موجودگيءَ جو احساس ڏياريندي آهي. رڌم انساني جسم ۾ تحرڪ مچائي انگن ۾ رقص عيان ڪري ڇڏيندو آهي."
    انساني حق طاقتور آهن پر ان جي حاصلات کي ڪيئن ممڪن بڻائجي. "بينجمن ڊسرائيلي" جو ذهني خاڪو به ڪمال جو آهي" انسان حالتن جي پيداوار نه آهي پر حالتون انسان جي پيداوار آهن ۽ انسان هلندڙ ڪارونهوار جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور آهي. "
    اهڙي جرئت جي ڳالهه ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن ريت ڪري ٿو.
    سينو تاڻي سدا تنهنجي سامهون اچون،
    تون آ ظالم نہ توکان ڪڏهن به ڊڄون.
    تو مفادن جا سڀ ڄار اُڇلي ڇڏيا،
    تنھنجي لالچ ۽ هر لوڀ کان ٿا بچون.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ادب سڄاڻ ڊاڪٽر تهمينا مفتيءَ لکيو آهي، لکي ٿي ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جي ناليوارن شاعرن مان هڪ اهم شاعر آهي. شاعريءَ جي ميدان ۾ ڊاڪٽر کي ڀٽائي، سچل، سهڻي، سگا، سنگت سميت ڪل 25 ايوارڊ مليل آهن. تازو کيس صدارتي ايوارڊ تمغہءِ امتياز مليو آهي. هي سندس اڻٽيهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ صرف ٻارڙن جا الڳ 15 ڪتاب ڇپيل آهن، ايڏو تعداد سنڌي زبان ۾ ڪنهن جو ڪونهي. "
    هنج جي صحبت جهڙو فرد ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ سندس ئي غزل جي هنن سان ته سدائين اهڙيون سٽون لکندو رهي.
    توکان ڌرتي ڌار نه ٿيندي،
    اوندھ انڌوڪار نه ٿيندي.
    سنڌ جي ٿڄ ملهائيندا سڀ،
    جيسين ڇاتي ڏار نه ٿيندي.
    ڪاري ڊيم تي لعنت آهي،
    ھاڻي هت سڪار نه ٿيندي.
    ڀور ٿي سڀ لٽيرا ويندا،
    سوديءَ جي بازار نه ٿيندي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو