صحرا ۽ سمونڊن جو مشترڪ گل ،حسن مجتبي. ڪتاب مان رقص پراڻو آهيان "جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    صحرا ۽ سمونڊن جو مشترڪ گل حسن مجتبيٰ!

    ”مان رقص پراڻو آهيان“ ڪتاب تي هڪ نظر
    فقير محمد سنڌي.

    آءُ ڀٽائيءَ جو بيت آهيان،
    رسالن ۾ ڳولجان مون کي.
    )حسن مجتبيٰ(

    حسن مجتبيٰ جا نثري نظم ۽ تجريدي نظم، سرد هوا ۾ عورت جي ڀنل وارن وانگر آهن جيڪي هر اک کي سُرور ۽ خوشبو آڇي من ۾ نکري پون ٿا. ٻئي پاسي حسن جا نظم سرنهن جي فولهار ۾ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ جا حسين لمحا آرس ڀڄندي محسوس ٿين ٿا. حسن جي نظمن جي اها بي خوبي آهي ته تاريخي طور تي پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن کي نروار ڪري مينار وانگر پنهنجو ڏيک ڏين ٿا.

    ڪتاب جو مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي گيتڪار ۽لطيف شناس سرمد چانڊيي لکيو آهي، لکي ٿو ته : ”عروضي جفاڪشيءَ کان پوءِ نثري نظم جا نظارا به نهايت رنگين ۽ خوشبودار آهن. حسن مجتبي اهي بهار جا جهونڪا به ساڻ کڻي آيو آهي. ڪجهه بحثي جديد شاعريءَ جو وڳو آهي، ان ڪجھ بحثي نظم جو رس کٽو به آهي ته ڪڙو به آهي.“

    حسن جي ننڍڙي زندگي هڪ نئين رخ تي بيٺل آهي، جنهن جا کوڙ سارا رستا آهن ۽ روڪ بند پڻ موجود آهن. حسن پنهنجي دل جي ڳالھ سماج تائين رسائي آهي ۽ سماج هن کي ڇا ٿو آڇي اهو وقت تي ڇڏيل آهي.

    مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جو 172هون ڪتاب صاحب ڪتاب ”شاھ جي سرمد، اياز جي عزيز ۽ محبوبا جي نانءُ ڪيو آهي.

    جواني ماکيءَ کان مٺڙي ٿئي ٿي، تتل رڻ جو هن کي الڪو ئي نه ٿو رهي. ڇو جو حسن جو ماضي شاندار آهي ۽ مستقبل پر اميد پڻ آهي.

    ڪتاب جي مهاڳ ۾ صاحب ڪتاب لکي ٿو ته :" تجريدي نظم Abstract poem فني هيئت۾ نثري نظم جو هڪ نمونو آهي، تجريد جي لغوي معني آهي ”تنهائي“ تنهائي جي لغوي معني آهي ”علحدگي“. اهڙيون ڳالهيون جيڪي سڌي ريت هوندي به ناممڪن هجن."

    ”قداور ڌرتي“ نظم حُسن جي ڄاڻ پيو ڏئي پيار جي ۽ حب الوطني لاءِ نيڻ نڇاور ڪري، سمنڊ جي گهرائي جيترو اجرو من ٿو رکي ڌرتيءَ ماءُ لاءِ.

    تنهنجي چمي!

    سنڌ جي ٿڌڙي هير آهي!
    هوائن جو عاشق هي فقير آهي.
    مون تنهنجي
    پيار ۾ سمنڊ کي نديءَ جو قرار ڏنو آهي.

    مون ۾ تون
    تو لاءِ مان ان جو آهيان،
    جيڪو منهنجو ناهي!
    قداور ڌرتي منهنجي ماءُ آهي،
    تون سنڌ جي انام ڪهاڻي آهين.

    ڪنھن ڏاهي جو چوڻ آهي ته : ”ان ڳاله جي چڱيءَ طرح خبر رکو ته توهان ڪنهن کي تبديل ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن نه ٿا تبديل ڪري سگهو ته پوءِ انهيءَ حقيقت کي دل سان تسليم ڪريو.“

    حسن جي نظم جي خوبصورت تشبيهه جا ڌرتيءَ لاءِ، خاص فردن لاءِ، خاص ڪري شاعرن ۽ ان ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي حقيقي محور طور پيش ڪيو آهي. حقيقت کي تسليم ڪرڻ به زندگي جو بي بها تحفو آهي، اهڙن تحفن کي وقت ۽ حالتون بهتر ئي ڪنديون آهن.

    ڌرتي ڀاڪر ۾!
    ڌرتي!
    منهنجي ڀاڪر ۾
    سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي
    پنھنجي ڊائريءَ جو ورق اوهان کي ڀيٽا.
    چنڊ اياز جو غزل آهي،
    ۽ سيارا سڀئي شاعر آهن.

    دنيا جي اندر پهرين نقش، نقاشي ۽ پوءِ تجريد جو جنم ٿيو آهي. اهو فنڪار جي قابليت سان ٺهڪي اچي ٿو ته هو اها شڪل ٺاهي جيڪو هو تصور ڪري ٿو ،چاهي حقيقت هجي يا تخيل ،مڪمل طور تي نئين شڪل ۾، جيڪا جاميٽري شڪلين کان پري رکندي ،حتمي ڊرائنگ جي اصل شڪل سان ملندڙ يا نه ٿي سگهي. دنيا ۾ تجريدي فن جي علمبردار پڪاسو کي سڏيو وڃي ٿو. ان سفر ۾ سنڌ جي شاعرن به پاڻ موکيو آهي. ان ۾ حسن مجتبيٰ به عملي وک وڌائي آهي.

    تون سنڌ جي هنر جي تصوير آهين!

    جديد عشق تنهنجي نيڻن کي سجدو ڪندو آهي،
    ھوا تنهنجو سپنو آهي.
    تون منهنجي جديد محبوبا آهين!
    مان تنهنجي ڪائنات آهيان.
    تنهنجو پيار مومل جو محل ناهي،
    مان تنهنجو چشمو آهيان،
    تون سنڌ جي هنر جي تصوير آهين،
    مان تنهنجو عاشق
    تون مومل
    راڻو مان!.

    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي نامياري ليکڪ اعجاز منگي لکيو آهي، لکي ٿو ته: ”حسن مجتبيٰ فن جي نيل گگن مان نڪتل اهو ڪرڻو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي دکن کي پنهنجي سرن۾ سمائيندو. هو نيون راهون روشن ڪندو، هن جي شاعري صرف سنڌ وندي مٿان چمڪندڙ چنڊ ناهي پر هُن جي ڏات موهن جي دڙي جي مٿان اڀري آيل هڪ نئون سورج ثابت ٿيندي.“

    حسن مجتبيٰ جا جذبا سچائي جي پار جا انمول امن پکين وانگر آهن، جن کي ڏسي پيار ۽ پريت جو ديس ياد اچي.
    ”ڪولرج“ جو ذهني خاڪو به ان نوعيت جو آهي ته ”خوشي هميشه اعلي گڻن تي قائم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان جو بنياد هميشه سچ تي هئڻ گهرجي.“
    آخر ۾ پنهنجي حسن مجتبيٰ لاءِ سندس ئي تخيل.

    سنڌڙيءَ ۾ تون

    پٿر جو ماڻهو!
    محبت جو جهنگل!
    مٽيءَ جي ڌرتي!
    هوا جي خوشبو!
    ۽ سنڌڙي ۾ تون
    سدائين مونکي زندگيءَ جي اسائينمينٽ ٿي مليا آهن.
    ***​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو