علم کانسواء انسان اڌورو آھي..!!

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ vasand chouhan طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2023۔

  1. vasand chouhan

    vasand chouhan
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2023
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    وسندچوهاڻ مٺي

    علم کانسواء انسان اڌورو آهي..!

    علم جي لغوي معني آهي ڄاڻ علم انسان جي ٽئين اک آهي جنهن سان انسان انسانيت سکي ٿو علم ئي آهي غريب کي امير ڪري ڇڏي ٿو.علم جنهن وٽ هوندو اهو اندريان ڏاڍو طاقتور هوندو ڇو ته علم خوف ۽ جهيڙي کان بچائي ٿو علم صرف ڪاميابي ڏانهن وڌائيندو آهي جنهن ماڻهو وٽ دولت آهي پر علم ناهي ته سمجهو ان وٽ ڪجھ به ناهي،علم اهو سمنڊ آهي جنهن جي گهرائي جي ڪا به حد ناهي جيڪي به انسان سرڪ ڀرين ٿا اهي هميش لاء امر ٿي وڃن ٿا.
    علم توهان کي ايماندار ۽ عادل بڻائي ٿو،علم روشني آهي انڌهيري ۾ روشني بڻائي ٿو ڇڏي علم توهان کي اڪيلو ڪڏهن به نه ڇڏيندو ڏک سک مرڻ تائين حامي رهندو آهي علم سان توهان دنيا هلائي سگهو ٿا.
    اڳر توهان امير آهيو پر توهان وٽ علم ناهي ته سمجهو ڪجھ به ناهي زندگي ۾ جيترو ٿي سگهي علم پرايو،علم ئي اخلاق ادب ۽ ڀائيچاري سيکاري ٿو.
    دولت به علم جي محتاج رهندي آهي علم جو هٿيار توهان وٽ ھوندو دولت پاڻ مرادو اچي سگهي ٿي اڄڪلھ جي دور ۾ ھرهڪ چاهيندو آهي ت مون وٽ دولت هجي پر سڀ ڪجھ دولت نه هوندي آهي اسان پيسي کي هلائيندا آهيون پيسو اسان کي نه مڳر واحد علم آهي جيڪو پيسي کي به هلائي ٿو ۽ اسان کي به هلائي ٿو علم هوندو ته توهان ماء پيء جهڙي عظيم شخصيتن جو احترام ڪندو ۽ انهن کان کوڙ ساريون دعائون حاصل ڪندا.
    علم لاء جي ولايت به وڃڻو پوي ته وڃو ڇو ته علم اوهان کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو هميش گڏ گڏ هلندو علم ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي. اسڪول وڃڻ ڪيترو اهم آهي پنهنجي والدين کان پڇو انهن جا خواب هوندا آهن، ته توهان مستقبل جا هيرو بڻجي وڃون توهان علم پرائي انهن خوابن جا سانڀيان بڻايو علم انسان ۾ تہ هو ڪڏهن غائب ٿي نٿو سگهي علم اهو جيڪو مرڻ کانپوء به روشن رکي ٿو.
    اڄ جيڪو وزيراعظم جي ڪرسي تي اهو علم جي ڪري ئي وزيراعظم جي ڪرسي تي آهي،علم انسان ڪاميابي ڪامراني جي ڪنجي آهي،ان کانسواء انسان مٽي جي ٺهيل ان مجسمي وانگر آهي جنهن کي شڪل ته آهي پر روح کان محروم آهي علم کانسواء انسان ڪڏھن به مڪمل نٿو ٿي سگهي
    ڇو ته اهو علم ئي آهي جيڪو انسان ۾ شعور،سڃاڻپ،عقل ۽ صبر جهڙيون انيڪ خاصيتون پيدا ڪري ٿو ان ڏيئي جي مثل آهن جنهن جي لاٽ صدين کان موجودھ اوندهه کي هڪ پل ۾ ختم ڪري انهي روشني جا رنگ وکيري ٿو.
    اسان کي گهرجي ته علم حاصل ڪريون علم صرف نوڪري نه بلڪ ڪي اسان جي ضرورت آهي علم پرايون چار ماڻهن جي وچ ويهي سگهون.
    جئين شاعر مير حسن مير چواڻي:
    سوچن کي سرهاڻ بڻايو ڪردار سان دنيا مهڪايو،
    پنهنجو پنهنجو فرض نڀايو علم پرايو سنڌ سنواريو.

    --
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو