ڪتاب "وچن وفا جا" جو اڀياس

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪتاب"وچن وفا جا" جو اڀياس
    ناشاد شوڪت شنباڻي
    شاعريءَ جي سونهن شاعر جي خيالن سان جُڙندي آھي، شاعري جيڪڏهن پڙهندڙن وٽ پنهنجي جاءِ، پنهنجي اهميت جوڙي ٿي ته اُها شاعر جي ڪاميابي آھي، جيڪڏهن شاعري پنهنجو قدر وڃائي ويهي ٿي ۽ جاءِ جوڙڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته اُها شاعر جي ناڪامي نه پر اڃان وڌيڪ محنت فطرت جي حسناڪي کي مطالعي ڏي متوجا ڪري ٿي ته اڃان وڌيڪ مطالعي جي ضرورت آھي. ڪي ڪي شاعر شاعريءَ کي پنهنجي دل جي ڳالھ يعني اظهار ڪرڻ ۾ ايڏي ته سهڻي ۽ پياري انداز سان لکندا آھن ۽ پڙهندڙ تائين پهچائيندا آھن ته اُها شاعري گهڙيءَ ۾ ئي پنهنجي اهميت جوڙي وٺندي آھي ۽ اُها پڙهندڙن جي پسنديده شاعرن ۾ شمار ٿيندي آھي ڇاڪاڻ ته شاعري آھي ئي ڏات ۽ ڏانءُ جو نانوءُ آهي . ڏات ڏانءُ جڏهن شاعر وٽ آھي ته سندس تخليقن جي سونهن سرس ٿي پنهنجي حسناڪي پڙهندڙن جي دلين ۾ حاصل ڪندي آھي.
    سنڌي شاعريءَ جي اهڙن شاعرن ۾ فقير محمد سنڌي جو نانءُ به سهڻي نموني گڻيو وڃي ٿو. فقير محمد سنڌي تڪراري لفظ سخت معنائون ۽ گهرائي رکندڙ سمجھ ۾ نه ايندڙ لفظن خيالن ۽ بيحد ڏُکَي اظهار کان پاسو ڪيو آھي، فقير محمد سنڌي پنهنجي شاعريءَ ۾ سادگي ۽ سهنجائي وارا لفظ خيال پيش ڪيا آھن، جيڪي هر ڪنهن جي ذهن ۾ سهنجائي سان ويهي سگهن . ۽ پڙهندڙ کي ڪٿي به نه ٿا منجهائِن.
    هڪ يورپي دانشور رابرٽ پين جو چوڻ آهي ته "شاعري اهڙي شيءِ ناهي، جيڪا ڏسڻ ۾ اچي“ البته اها روشن آهي، جنهن سان اسان ڏسون پيا ۽ جيڪا شيءِ شاعري سان اسان چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا، اها آهي زندگي“
    حقيقت آھي ته شاعريءَ ۾ زندگيءَ جهڙو هڪڙو رنگ هڪ احساس ملي اُها ئي شاعري روشن ۽ خوبصورت لڳي ٿي۽ شاعري جي زرخيز زمين تي جيڪي پنهنجي محنت پاڻ ڪن ٿا ۽ تخليقن جا گلاب پوکيندا رهن ٿا اُهي پاڻ ئي پنهنجي محنتن سان اڳتي وڌندي شاعريءَ جي زرخيز زمين تي گلاب جي گل جيان ٽڙي نروار ٿيندا آھن. فقير محمد سنڌي جي تخليق جي سونهن ڪيتري آھي ۽ ڪهڙي آھي اُهو معلوم ڪنداسين سندس تخليقن مان ۽ شاعر جي تخليق پاڻ ئي ڳالهيندي آھي ته مون ۾ ڪهڙيون حسناڪيون شامل آهن.
    لڇندو رهان ٿو
    ڪڏهن يار ايندو
    رهي غم نه رهندا
    جڏهن محب ملندو
    ڪڏهن يار ايندو
    پرينءَ ساڻ منهنجو
    جڏهن ميلو مچندو
    ڪڏهن يار ايندو
    اچي مون کي سنڌي
    پيو پيار ڏيندو
    ڪڏهن يار ايندو...!
    ڪڏهن يار ايندو...!
    فقير محمد سنڌي پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪِي ڪجھ به اظهاريو آھي ۽ دل جو حال پيش ڪيو آھي اهو بيحد خوبصورت آھي جيڪو سهڻي حسناڪي رکي ٿو ۽ پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿو.
    فقير محمد سنڌي هاڻ تائين ته کوڙ سارن ڪتابن جو تخليقڪار بڻجي ويو آھي، پر سندس شاعري ۽ جيون جو پهريون ڪتاب ”وچن وفا جا “ آھي جنهن جو اڀياس اوهان اڳيان پيش ڪري رهيو آھيان، جنهن ۾ شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ سهڻا اسم پڙھڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي پنهنجي سهڻن خيالن معنائن سان سرشار آھن.
    فقير محمد سنڌي جيتري قدر شاعريءَ ۾ پنهنجو بيحد متاثر ڪندڙ خيال پيش ڪيو آھي، اُن جو مثال سندس هر تخليق مان واضع نظر اچي ٿو، شاعريءَ ۾ سندس خيال ڏاڍا برجستا آھن جيڪي شاعريءَ جي معيار تي ڀرپور نموني پورا لهن ٿا ۽ نهايت خوبصورت خيال ئي تخليقن کي برجستو بڻائن ٿا.
    ديپ ٻاري هلو
    يار جي پار ڏي
    يار ساري هلو
    واڳ واري هلو
    يار جي پار ڏي
    واري واري هلو
    پر پڪاري هلو
    يار جي پار ڏي
    يار جي پار ڏي.
    هيءَ سموري وائي سهڻن خيالن ۽ چاهت ڀري اظهار سان خوبصورتيءَ جي سرحدن کي ڇُهي ٿي، يار جي پار ڏي ديپ ٻاري هلڻ کان وٺي سندس پار ڏي پڪاري هلڻ تائين هيءَ سموري وائي بيحد ئي پياري ۽ حسين آھي، فقير محمد سنڌيءَ جي سهڻي سادي شاعريءَ کي پڙهي جڏهن هيئن ۾ هنڍائجي ٿو ته اُها ڪجھ ئي پلن ۾ ياد ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن اُها ڪنهن کي ٻڌائجي ٿي ته اُها ٻڌڻ واري کي به گهڻو متاثر ڪري ٿي.
    شاعريءَ جي منفرد سونهن ئي تڏهن قائم ٿئي ٿي جڏهن اُها پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي متاثر ڪري جيڪڏهن اُها منفرد ۽ پنهنجي خيال ۾ پختي هوندي ۽ ڏات ڏانءُ جي رنگن سان سينگاريل هوندي ته اُها پنهنجي حيثيت پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دلين ۾ جوڙيندي ۽ پنهنجو قدر قائم رکڻ ۾ ڪامياب ويندي.
    جيڪر قرب ڪرين
    مون وٽ يار اچين
    ٿورا تنهنجا ٿيندا
    ڀر ۾ ويهي جي
    مون کان حال پڇين
    ٿورا تنهنجا ٿيندا
    شل تون جيئري ئي
    مون تي ڀال ڪرين
    ٿورا تنهنجا ٿيندا
    ٺرندي منهنجي دل
    ڀاڪر يار ڀرين
    ٿورا تنهنجا ٿيندا
    ٿورا تنهنجا ٿيندا.
    ڪيڏي نه خوبصورت وائي آھي جيڪي پنهنجي احساس، فن، فڪر ۽ خيال ۾ پختي آھي، جيئن دل جو اظهار هِن وائيءَ ۾ ٿيل آھي، ائين ٿو لڳي ڄڻ هيءَ وائي بسنتي مند ۾ اڪيلائيءَ ۾ ويهي لکيل آھي هي وائي اڪيلائيءَ جي اظهار کي چٽو پيش ڪري ٿي.
    جيڪر قرب ڪرين
    مون وٽ يار اچين
    ٿورا تنهنجا ٿيندا
    هن ڪتاب ”وچن وفا جا “ ۾ فقير محمد سنڌيءَ برجستي تخليقن جو هڪ سهڻو جهان جوڙيو آھي، جيڪي پڙهندڙ کي ڪٿي به ٿڪائي نه ٿا وجهن، پر اُن کان اڃان وڌيڪ پڙهندڙ جي ذهنن ۾ تجسس پيدا ڪن ٿا. جيڪا خوبصورتي فقير محمد سائينءَ پنهنجي تخليقن ۾ ارپي آھي.
    اهڙو صدمو ڏي جو
    سهي سگهي ماڻهو
    عشق ۾ ڏينهن ڏٺي
    اهڙو رستو ڏي جو
    سهي سگهي ماڻهو
    سهڻا اي سائين
    اهڙو گفتو ڏي جو
    سهي سگهي ماڻهو
    نينهن جي ناڪام کي
    اهڙو ڪستو ڏي جو
    سهي سگهي ماڻهو
    سچ اُهو آھي ته فقير محمد جي شاعري پڙھڻ وٽان آھي، جيڪا جنهن وقت به پڙھجي اُها حسِين ۽ من کي خوبصورت ٿي لڳي. شاعر کي فڪري فن لازمي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته شاعر جو سڀ کان وڌيڪ فڪر ڌيان ڇڪائيندڙ هوندو آھي هو جنهن فڪر تي لکندو آھي ۽ جنهن فڪري خيال کي تخليق جو روپ ڏيندو آھي اُها ئي ڌيان لائق هوندي آھي، فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ جي فڪري اهميت واري آھي جنهن ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون پڙھڻ وٽان آھن، جيڪي پڙھندڙ جو ڌيان پاڻ طرف ڇڪائين ٿيون ،ڇاڪاڻ ته ساديون سهڻيون تشبيهون تخليق جي سونهن کي کنيون بيٺيون آھن.
    فقير محمد جي شاعريءَ ۾ خاص ڪري گهڻي قدر ڏُک، غم سان ڀرپور آهن وڇوڙي جون وايون بيحد ئي گهڻيون آھن جن ۾ بيوفائيءَ جو گهڻي قدر ذڪر آھي، وائين کان علاوه غزل ۾ به فقير محمد دردَ ڏک ۽ وڇوڙو گهڻو بيان ڪيو آهي.
    تنهنجي مٺا سائين گيتن سان دوستي آ
    توکان سواءِ منهنجي دردن سان دوستي آ
    سنڌي نه سک ڏسي ٿو هن ديس ۾ او جاني
    توکان بغير هتڙي ڏکڙن سان دوستي آ.
    ائين کڻي چئجي ته فقير محمد جي شاعريءَ ۾ درد جو الميو الاهي قدر ملي ٿو. اُن سان گڏ تخليقن ۾ پيار جي اظهار جي ڳالھ پڻ سهڻي نموني سمايل آھي ڇاڪاڻ ته فقير محمد جي شاعريءَ ۾ هڪ سادي سٻاجهي سگھ پڻ آھي جيڪا تخليق جو معيار بلند ڪري ٿي، جنهن جي ڪري به تخليق مان معياري خوبصورتي اوهان کي پڙهندي ضرور ملندي.
    زندگي خانہ خرابن ۾ مٺا
    مون گذاري عذابن ۾ مٺا
    تو محبت جو ڏنو هو آسرو
    مان رهيس تنهنجي خوابن ۾ مٺا
    يار ويٺو ڇا وساري وعدا
    سوچيو مون تي خوابن ۾ مٺا.
    شاعريءَ جو عزم ڇا آھي ۽ شاعريءَ جي موضوعاتي سگھ ڪهڙي آھي ۽ ڇا شعر ۾ ڪا معني ملي ٿي، اسان کي سڀ کان پهريان ته هي مٿيون ڳالهيون ڏسڻيون آھن، جيڪڏهن هي شيون شاعر جي شعر ۾ ملن ٿيون ته اُهو ڪامياب شاعري آهي ۽ اُها شاعري پڙھڻ وٽان آھي، ڪنهن بي معني شاعري کي پڙھڻ وقت جو زيان آھي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به صنف جي خوبصورتي اُن جي بندن/ شعرن ۾ ئي هوندي آھي جيڪا خوبصورتي پڙھندڙ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به بي معني ۽ بيمقصد وارا شعر نه ٿا ملن، هر تخليق معني سان ڀرپور آھي، اُن ڳالھ جي خبر تڏهن پوندي جڏهن فقير محمد کي غور سان پڙھبو ۽ هُن جي تخليقن کي سمجهبو پوءِ ئي مڪمل آھي انهن کي ۽ هونءَ به ڪنهن به شاعر کي جڏهن به غور سان پڙھبو آھي ته اُن جي تخليق پوءِ ئي ذهن ۾ ايندي آھي ان جي معني اُن جي اهميت. هي سڀ ڳالهيون غور طلب آھن جيڪي شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ لازمي ۽ اهميت واريون آھن.
    هِن ڪتاب ”وچن وفا جا“ جو مهاڳ سنڌي شاعريءَ جي هڪ مهان شاعر علم عروض جي ڄاڻون يعني هر فن تي دستڪ رکندڙ شاعر سائين سرمد چانڊيي لکيو آھي هِن ڪتاب ۾ شامل مهاڳ بابت لکندُس ته فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ جي هر نقطي تي سائين سرمد چانڊيي دل سان لکيو آھي ۽ دل سان ويچار ڪيو آھي جنهن ۾ هر وائيءَ هر غزل جي خوبصورتي بيان ڪيل آھي.
    اُن سان گڏ فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ تي مختلف شاعرن جا تاثر پڻ ڪتاب ۾ شامل آھن، جن ۾ امير آزاد سومرو، صفدر علي سنڌي، شيخ رياض، ولي محمد ولڻ سومرو، نذير احمد نذير ڊيھو، مير بهادر علي مهر، ۽ اصغر کوسو شامل آھن. هن ڪتاب ۾ فقير محمد سنڌي جو تعارف خوبصورت شاعر علم عروض جي ڄاڻون ۽ عالم جي ايم رئيساڻي لکيو آھي جنهن به بيحد ئي خوبصورت تعارف لکيو آھي.
    ســياڻو جــي آهــين سياســت ڪــري ڏس،
    گهري حـق حقيقـي بغـاوت ڪـري ڏس.
    سچائيَء جـي خـاطر، بلاول جـان بيشـڪ،
    ڏئـي جـان هـر شـيَء سـخاوت ڪـري ڏس.
    ڪري ظلـم ظـالم حڪومـت جـو حـاڪم،
    انهــيَء کــان سراســر حقــارت ڪــري ڏس.
    اسان جيڪڏهن ڏسئون ٿا ته فقير محمد جي شاعري انقلابي پڻ آھي جنهن ۾ جذبا ۽ خوبصورت خيالَ پنهنجي وڏي خوبصورتي رکن ٿا. گهڻو ڪري ته هر شاعر پنهنجي وطن جي درد تي لکندو آھي، ڇاڪاڻ ته شاعر پنهنجي ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو محبِ وطن آھي هو ڪڏهن به ڌرتيءَ تي ڏُک ناهي ڏسي سگهندو، شاعر آھي ئي احساس رکندڙ ۽ احساس وارو، شاعر جڏهن بي احساس شيون ڏسي ٿو ته سندس جذبي جو جهان نروار ٿي پوي ٿو . جيئن فقير محمد سنڌي جو هيٺيون غزل پڙهي سگهجي ٿو.
    گريٽر ٿل بنائڻ ڪين ڏينداسون
    وطن سارو سڪائڻ ڪين ڏينداسون
    هي ڪالا باغ سنڌوءَ تي عزم آهي
    ٿئي ڪجھ ڀي اڏائڻ ڪين ڏينداسون
    ڇني حق سڀئي وٺنداسي سي مڙسيءَ سان
    ڪنهن کي حق ڦٻائڻ ڪين ڏينداسون.
    هِن خوبصورت تخليق سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي انقلابي تخليقون فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ جي سونهن آھن جيڪي پنهنجي وڏي اهميت رکن ٿيون شاعريءَ کي هميشه اهميت واري بڻايو ڇاڪاڻ ته بي اهميت واري شئي ڪڏهن به دل جي حساس جذبن کي ڇهي ناهي سگهندي، جيئن بي اهميت واري ڳالھ هوندي آھي جيڪا اهميت ناهي رکندي اُها ڳالھ ڪرڻ بلڪل فضول هوندي آھي تيئن ئي بي اهميت واري شاعري ڪرڻ پڻ فضول آھي. تنهن ڪري شاعري هجي ته اهميت واري. اڃان به ڪجھ ڌرتيءَ جي پيارَ بابت فقير محمد جا سهڻا ۽ ڪومل جهڙا جذبا پڙهو.
    سنڌ تنهنجي مٽي مان لڱي لائيان
    ساھ سر دل ڏيئي ٿو امر چاهيان
    آس منهنجي اندر عشق تنهنجو ئي آ
    توکي سڀ کان مٿي ٿو ڀائيان
    سون کان وڌ مٽيءَ جو قدر آ هتي
    گيت تنهنجا سدائين پيو ڳائيان
    تنهنجو منشور امن آشتي
    شاھ جو ٿو رسالو سدا ساريان.
    هي ته هئي فقير جي شاعريءَ جي سهڻي پياري حسناڪي، ڪتاب ”وچن وفا جا “ فقير محمد سنڌي جي سهڻن تخليقي شعرن جي گلن جو هڪڙو گلدستو آھي جنهن کي دل سان پڙهي سمجهي سگهجي ٿو فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ ۾حسناڪي رنگن سان ٽمٽار آھي جنهن کي دل سان پڙهي ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو دل سان پڙهو پوءِ ئي ممڪن آھي ته فقير محمد سنڌي جي شاعريءَ اوهان کي سمجھ ۾ اچي ويندي. هيءُ خوبصورت ڪتاب ”وچن وفا جا“ ڏاهپ پليڪشن قنبر مان 2004ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو