• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ھن طرف کان ناوَ ھلِي آ .. منظور سخيراڻي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ھن طرف کان ناوَ ھلِي آ،
ايڏانھن تَڙَ تي آھي ڪو!؟
مُنھنجو سَڏُ ورائي جو...

لَھَرَ لَھَرَ ۾ پيچُ پِيَل آ،
تَن سان پريم پُڄائي ڪو...
مُنھنجو سَڏُ ورائي جو...

ھائي حياتي ماٺو پاڻي،
ڪَنڪَر کي اُڇلائي ڪو...
مُنھنجو سڏُ ورائي جو..

موسم آھي مُکڙيءَ جھڙي،
گڏجي مُند ملهائي ڪو...
منھنجو سڏُ ورائي جو..

چنڊ چڙھيو آ چانڊوڪيءَ ۾،
مُرڪي نيڻ ملائي ڪو..
منھنجو سَڏُ ورائي جو.

ٻول: عبدالغفار تبسم
آواز: استاد منظور سخيراڻي
 
Back
Top