ٻول : ھن طرف کان ناوَ ھلِي آ .. منظور سخيراڻي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2023۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ھن طرف کان ناوَ ھلِي آ،
    ايڏانھن تَڙَ تي آھي ڪو!؟
    مُنھنجو سَڏُ ورائي جو...

    لَھَرَ لَھَرَ ۾ پيچُ پِيَل آ،
    تَن سان پريم پُڄائي ڪو...
    مُنھنجو سَڏُ ورائي جو...

    ھائي حياتي ماٺو پاڻي،
    ڪَنڪَر کي اُڇلائي ڪو...
    مُنھنجو سڏُ ورائي جو..

    موسم آھي مُکڙيءَ جھڙي،
    گڏجي مُند ملهائي ڪو...
    منھنجو سڏُ ورائي جو..

    چنڊ چڙھيو آ چانڊوڪيءَ ۾،
    مُرڪي نيڻ ملائي ڪو..
    منھنجو سَڏُ ورائي جو.

    ٻول: عبدالغفار تبسم
    آواز: استاد منظور سخيراڻي
     
    Mozmil ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو