ڀٽ جو ڀٽائي

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ احسان علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2023۔

  1. احسان علي رند

    احسان علي رند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2022
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Zamindari
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    #هڪل_حقيقت_جي

    سُرُ معذوري، داستان پھريون.

    ٫٫ ۱ ،،
    هَلَندٖي هوتَ پُنھُـوءَ ڏٖي، کُھِـجَنِ ڪٖي کُوٽِيُـون،
    پَـھَـڻُ تَنِـيـن پَـٽُ ٿِـيـٖي، جـٖي لَءِ لالَـنَ لُوٺِيُـون،
    سَڀِ سَھيـليُون سِڪَ کٖي، چُنجهُون ۽ چُوٺِيُون،
    ٻـانـڀَـڻِ! ٿِيءُ ٻُوٽِيُون، تہ ڪُتا کِيَنئِي ڪيـچَ جا.

    لفظن جي سمجهاڻي

    کُھِـجَنِ ... ٿڪجن.
    لُوٺِيُـون ... رليون ڀٽڪيون.
    سِڪَ کٖي ... سببان.
    چُنجهُون ... چوچيون، گهٽ نظر واريو.
    چُوٺِيُون ... تنگدل.

    ٫٫ ۲ ،،
    ڪُتا کِيَنـئِي ڪٖيچَ جا، سَنـدا جـٖي پُنھُوءَ،
    اَگٖهين هُندَ، اَسُونهَ! جـٖي جانارَنِ ياد پُئٖين.

    اَگٖهين ... تون اگهامين، قبول پئين.

    3
    تَنِ پيئِي جانارَنِ ياد، جٖي پارِئَلَ پُنھُوءَ ڄامَ جا،
    سَندِي لالَنَ لاڌِ، مُيا پوءِ مُنڌَ ٿِيِي.

    4
    جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتٖي قَرِيبَنِ جٖي،
    بَھِي بَھُڪِي اُٿِيو، گِهڏِي مَجهان گُهورَ،
    سَڀِ لاهِيندو سُورَ، گِرِي هِنَ غَرِيبِ تان.

    5
    نَڪِي آهِيُون چُوهَڙا، نَڪِي آهِيُون چورَ،
    هاگاما ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِيٖين ڪَنِ تٖي؟

    6
    ڪُتو چٖي قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌَ سَھِي،
    پِھِرين باتِ بَھِي، پُڇُون پوءِ پانڌِيَنِ کٖي.

    7
    ڪُھٖين ته آپ ڪُه، ڏَس م چوھَڙيان،
    سندا آهٖيڙيان، آن نہ سَھندِي هٿڙا.

    8
    ڪتو طالب ڍونڍ جو، اسين ڪتي ڪيڙ،
    چھٽي آهي چيڙ، ڪارايٖي جٖي ڪن ۾.

    9
    =

    10
    جه يار ڏٺائون يار جو، پٺيء پير ڪڙين،
    فرئا نه فرمان کان، انه ۾ آهين،
    ڏسي نه ڏاڙهين، شبان جي سڳ کي.

    11
    سگبان سينڍارئا، بڇئا تي بھن،
    فرئا نہ فرمان کان، مل نہ موتيڙن،
    ڪونه ڏوهُ ڪتن؛ ڏاڪارئا، ڏاڙهين ٿا.

    12
    ڏکا، ڏونگر جا مرون، مر ٿا مون تي ڪن،
    پُڙَندا ڪين پريٽ تي، هن جا سڌر ٿا سڄن،
    سڳائي جي سيد چي، آهي سڌ سڀن،
    هُند نہ هت ٽرن، پر قرابت ڪم ڪيو.

    13
    ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتٖي آيَمِ، هِيئَن،
    رَفاقَتَ راکَنِ جٖي، پَھُتِيَسِ پاهَڙَ سِيئَن،
    ماڙھُو مُلاحِظو تِنھن جو، ڪيچِ نہ ڪَندا ڪِيئَن،
    ذاتِ نِسورِيائِي نِيئَن، پَرَ سَڌَرَ سٖين سَڱُ ٿيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو