ڪتاب " رسڻ ريجهڻ راند اسان" جو سرسري جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪتاب "رسڻ ريجهڻ راند اسان جي" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي
    علم سان روشن جڳ ڪري هي،
    مينهن جيان پوءِ هَر جاءِ وسجانءِ.
    ( ذوالفقار سيال )
    زندگي خاموشيءَ سان به گذري سگهي ٿي پر جن نگاهن زندگيءَ کي حقيقي معني سان ڏٺو، انھن ئي زندگيءَ مان صحيح نموني سان لاپ حاصل ڪيو. فطرت کي سمجهڻ جو ڏانهن ٿورن ذهنن کي ميسر ٿيو آهي. اھڙن ذهنن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به شامل آهي،جيڪو ٻارن جي فطرت، شعور ۽ بناوٽي شيون سان واسطو رکي ان سڀني حصن کي ڊاڪٽر سيال وقت تي ٻاراڻي ادب کي ارپيندو رهي ٿو اها خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي.
    چيسٽر فيلڊ جو ذهني خاڪو آهي ته :" توهان ڪيترائي ئي سال زندگيءَ جا ڏسي سگهو ٿا پر خوشين ڀريا سال اهي هوندا جن ۾ توهان وٽ ان لاءِ اهليت هجي". ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو هر سال ڄڻ اهليت وارو آهي. جنھن جو ثبوت هن ڪتاب سميت ٻاراڻو ادب پڻ آهي. خوشي ۽ سائنسي ڄاڻ هن دور لاءِ اهميت جوڳو عمل آهي. جيڪو عمل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن ريت پيش ڪري ٿو.
    ستاره سياره" نظم جو ڪجھ حصو پڙهندڙن لاءِ
    سج جا سنگتي سڀ سياره،
    جيڪي آهن ڏاڍا پيارا.
    نظام شمسيءَ جا هي ساٿي،
    اس ۾ ڪين ٿا ڏسجن سارا.
    دنيا جو وهنوار هلي ٿو
    ڏينهن رات جو ڦيرو ٿئي ٿو.
    يا وري
    کٽندڙ خوش ٿي جهمريون پائن،
    هارائيندڙ جون وايون بتال.
    ڏاھن جو اهو به چوڻ آهي ته نيڪي ئي حقيقي قسم جي سيڙپ آهي جيڪا راھ تان ڪڏهن به نه ٿي ڀٽڪي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ نيڪيء جو عمل ڪجهه هن ريت آهي.
    وڏن جو سدائين چوڻ ئي مڃيو،
    بديءَ کي ڇڏي، نيڪيءَ ڏي وڃو.
    سدا سچ، علم جو ئي رستو وٺو،
    ڪريل جو ڏسو ڪوئي ان کي کڻو.
    وڏو هي خزانو آ تعليم جو،
    علم کان سواءِ ڪوئي ڪم نه چڱو.
    توجھ ڇڪائڻ کي به فطرتي ضرورت جو حصو سمجهيو وڃي ٿو. هن دنيا ۾ محبت ۽ توجھ سان رشتا ناتا جڙن ٿا. جڏهن ڌرتيءَ تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته شاعرن جا جذبا جاڳي پوندا آهن.
    ﷲ سائين جوڙون جوڙ،
    طوفانن جو منهن تون موڙ.
    جڳهيون پنهنجون پاڻي ٿي ويون،
    مينهن وٺو آهي کوڙ.
    واهن ۾ وئي روڻ آ پئجي،
    ڪپ ڀڄي پيا، ٿي وئي ڇوڙ.
    مال متاع ۽ گهر ٻڏي ويا،
    ٻوڏ جو مولا! ڪرڪو ٽوڙ.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ڊاڪٽر يوسف خشڪ لکيو آهي، لکي ٿو ته :" ٻار ڪائنات جو فطري حسن آهن. آسمان ۾ جيئن ستارا جگمگائن ٿا، ائين ڌرتي جي حسن جا ستارا هي خوبصورت ٻار ئي ته آهن ٻار قومن جو آئيندو هوندا آهن."؟
    آئيندي کي ڊاڪٽر سيال هن ريت ترتيب ڏنو آهي.
    رسڻ ريجهڻ راند آ هن جي،
    هي معصوم ٻاجهارو آ
    منهنجي ڀر ۾ ويهندو آهي،
    مون لاءِ چنڊ ستارو آ.
    ڏسندي هن کي ٿڪ لهن ٿا،
    جاني جيءُ جيارو آ.
    ناياب سرڪش سنڌي لکي ٿي ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاراڻي شاعريءَ ته وري اهڙي آهي جو آئون حيران ٿيندي آهيان ته، ڊاڪٽر سيال جن ايترو پوئتي ڪيئن پيا وڃن ۽ پوئتي وڃن به پيا ته، بلڪل ٻار بڻجي پيا وڃن."
    ڊاڪٽر سيال جي ڪجهه نظمن جون حسناڪيون.
    تنهنجي جهول ۾، ڪجهه به ناهي،
    ساري دنيا آهي مُنهنجي.
    هلي ٿو دنيا جو انهيءَ تي نظام،
    سج، چنڊ، ڌرتي سياره هي جام.
    ليڪن منهنجي ماءُ چوي ٿي،
    ﷲ سڀ جو پالڻهار.
    سمبارا پبليڪيشن جو 366هون ڪتاب" رسڻ ريجهڻ راند اسان جي" جي ارپنا اعجاز عليم عقيلي، عبدالحق عظيم، ذوالفقار نقوي، فيض ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر خليل ڪاڪيپوتي جي نانءِ ٿيل آهي.
    هڪ بزرگ کان ڪنهن پڇيو ته انسان ۾ ڪيترا عيب آهن جواب مليو ته بيشمار عيب آهن پر هڪ خوبي سڀني عيبن تي پردو وجهيو ڇڏي، اها آهي خوش اخلاقي، خلوص، محبت تمام قيمتي ۽ مهانگي شيءِ آهي. ڊاڪٽر سيال جو صحتمند ذهن ٻارن لاءِ هيٺين ريت سوچي ٿو.
    ديس ۽ ڌرتيءَ جي خدمت ۾،
    سڀني جو مان خيال رکان ٿو.
    قلم جنهن جي هٿ ۾ آهي،
    علم ٽن جي سٿ ۾ آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر ڪلپنا چيلاڻي لکيو آهي، لکي ٿي ته "ڪتاب رسڻ ريجهڻ راند اسان جي" مان ظاهر ٿئي ٿو هر ڪويتا ۾ نواڻ آهي. هر ڪويتا دل کي ڇهي ٿي وڃي ٿي - گڏوگڏ ٻار کي ديش پريم، سٺا سنسڪار، علم، دعا، اسڪول، وڏن جو ادب ۽ پيار جون جهلڪيون ملن ٿيون. "
    پيار به دنيا جو عظيم مقصد آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اختيار ڪيو آهي هن کي ڪٿي به خوف ڪونهي ۽ ثابت قدمي سان ادب جي پيچرن تي سفر ڪندو ٿو وتي.
    اخوت سان ڪريو ديس آباد هي،
    ٻڌي ۾ رکيل آهي طاقت سدا.
    هي جهيڙا ۽ جهڳڙا برو آهي ڪم،
    ورهايو زماني ۾ محبت سدا.
    سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ پبلشر ناز سنائي لکي ٿو ته :"ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن سان پيار ڪندڙ ۽ سندن مستقبل لاءِ اونو رکندڙ آهي. والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سندن ڪمرن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ڪتاب رکن."
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي نظمن ۾ سچي محبت، شائستگي، تهذيب جو اونو، محبت ڪندڙ پيچرا، چشمي جهڙيون خوبصورت اکيون ۽ دلجوئي شامل آهي. تڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي 2023ع تي تمغه امتياز سان نوازيو ويو، اهو سنڌي ادب، ٻولي ۽ ٻاراڻي تخليقن لاءِ وڏو اعزاز آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون :
    خبر ناهي ڇو آهي ۽ ڇا آهي؟
    محبت زندگيءَ جي انتها آهي.
    محبت ئي اسان جي منزل آخر،
    محبت ئي اسان جي رهنما آخر.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو