باصلاحيت نثر نويس، اديب ۽ ليکڪ پروفيسر ابراهيم لاشاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2023۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    باصلاحيت نثر نويس، اديب ۽ ليکڪ، پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري...!
    فقير محمد سنڌي
    سنڌ ڌرتي دنيا جو واحد خطو آهي جنهن کي رب پاڪ سمورين نعمتن سان سر شار بڻايو آهي قديم زماني کان وٺي هن ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي علم جي اڪابرن ، ڏاهن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڪم جي ڪري هر وقت واهه جو نالو ڪمايو آهي اهڙن شخصيتن منجهان منهنجو دلي دوست ڪيترن ئي صلاحيت جو باڪمال ماڻهو ،کلڻو ملڻو هر وقت پنهنجي لبن تي مرڪون ورهائيندڙ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري آهي جنهن سان منهنجي واقفت ڪافي عرصي کان آهي هي برجستو نثر نويس، اديب ،ليکڪ هڪ بهترين استاد پنهنجي فرض سان هميشه سچو اصل وارهه شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي معتبر شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر پهرين جنوري سال 1976ع خميس ڏهاڙي سردي جي موسم ۾ هن رنگا رنگي جهان ۾ اچي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارو هڪ عجيب خوشي جي ڳالهه ته ان پهرين جنوري سال 1976ع واري ڏينهن سندس جي چاچي محترم حبيب الله لاشاري جي شادي جون خوشيون عروج تي هيون ته ان ئي ڏينهن سنڌ جي هن باصلاحيت دوست جو جنم ٿيو ته گهر ۾ خوشيون ٻيڙيون ٿي ويون ،پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جي والدين کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي هي اسان جو نينگر ادبي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن ،محنت سان( ابراهيم لاشاري) جي نالي سان مشوري ماڻيندو هن ننڍڙي ابراهيم لاشاري جو ڇٺي جو نالو والدين (محمد ابراهيم لاشاري ) رکيو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميد شهيد جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي پڙهائي ۾ مشغول بڻائي ڇڏيو ميٽرڪ سال 1992ع گورنميٽ هاءِ اسڪول کنڊو۽ سال 1994ع ڌاري انٽر گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه مان پاس ڪيايائين تعلي کي اڳتي وڌائيندي سال 1998ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري روزگاري جي تلاش ۾ رات ڏينهن محنت ڪندو رهيو مڱر سرڪاري نوڪري ملڻ جي جستجو جاري رکيائيان بس هن نوڪري جي پچر ڇڏي صحافي دنيا ڏانهن لاڙوڪيائين هن وارهه اسٽيشن لاءِ مختلف ابران ، روزاني ڪوشش ، روزاني سچ ، روزاني عوامي آواز ،۾ پنهنجي صلاحيتن کي نروار ڪندي وارهه جي بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي اڀريو ،هن دوست کي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي ننڍي هوندي کان ئي هئي پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جي پهرين لکڻي سال 1998ع کان باقاعده اڄ ڏينهن تائين سنڌي لوڪ ماڻهن جا خاڪا لکندي سوين سياسي ،سماجي ، مذهبي ، ادبي ماڻهن جي ڪم ۽ ڪردار ،صلاحيتن کي واهه جو روشن ڪيو آهي هن ناليواري اديب جون لکڻيون وڻندڙ آهن هن جي لکڻين جي ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ سولي سهنجي لفظن جو استعمال نهايت وڻندڙ آهي ابراهيم لاشاري کي خاڪا لکڻ جو واقع لاجواب ڏان آهي ڪنهن به شخصيت جي جنم کان وٺي آخري گهڙي تائين ڪم ۽ ڪردار کي واهه جو ماڻهن پڙهندڙن اڳيان روشن عيان ڪرڻ جي ڪمال جي صلاحيت رکي ٿو ابراهيم جي ادبي لکڻين ۾ پاڻ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي شاعري ڪلام جي مختلف موضوعن تي نهايت ڏاءَن سان لکندي نظر پڻ اچي ٿو ابراهيم لاشاري ڪرت جي حوالي سان سال 2006ع کان وٺي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڪرت سان سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي پهريان گورنميٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو لڪچرر مقرر ٿيوتنهن بعد پاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪاليج نئون ديرو ۾ پنهنجي فرض نهايت بهترين نموني سرانجام ڏيندي نظر آيو سال 2022ع مئي مهيني ۾ سنڌ حڪومت ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ترقي ماڻيندي ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي شعبي گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هن وقت پڙهائيندي نظر اچي پيو ابراهيم لاشاري پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خاموش ناهي وٺو پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪندي نظر اچي ٿو پاڻ ادبي محفلين ،ادبي سيمينار، ادبي ميڙاڪن ۾ بهرو وٺندي نظر ايندو رهيو آهي اهڙي ريت هن برجستي اديب ،ليکڪ ، پروفيسر کي بهترين ڪارڪردگي طور ايوارڊ شيلڊ سان نوازويو آهي ابراهيم لاشاري جون سوين لکڻيون هر سنڌي اخبار، رسالن ،مئگزينن جي زينت بڻجنديون رهنديون پيون اچن اڄ نئين سال جي پهرين ڏينهن هن سلڇڻي اديب ،ليکڪ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو جنم ڏينهن آهي پاڻ پنهنجي گهر وارن ادبي دوستن ، پروفيسرن سان اڄ پهرين جنوري 2024ع سومر ڏينهن پنهنجي 48 هين سالگرهه ملهائيندو منهنجون سموريون دعائون هن اديب ،ليکڪ نثر نويس دوست لاءِ ته خوشيون ماڻيندو رهي ۽ سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيندو رهي جئين ايندڙ نسل سندس جي لکڻين مان هڙ حاصل ڪندو رهي پيارا ابراهيم لاشاري اوهان کي نئون سال 2024ع ۽ جنم ڏهاڙو مبارڪ هجي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو