دل جي ڪتب خاني مان....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    دل جي ڪتب خاني مان.....!
    فقير محمد سنڌي
    محفل ۾ هن جي ئي اچڻ شرط،
    روشن ٿي اڄ مراد جي شمع..

    سنڌ جي مٽي وفا جو درس ڏئي ٿي، شعور جي ٿنڀ وارو ڪردار ادا ڪري ٿي. هر پرک ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان ۾ تاريخي ماڳ هجن، تاريخ ۾ شخصيتن جو ڪردار هجي ۽ علم ادب جو جڏهن حوالو جاچجي ته ڪيترائي مڙس مٿير روشن ڏيئي وانگر نروار ڏسڻ ۾اچن ٿا انهن ۾ لاڙڪاڻي جو هلڪي مرڪ مرڪڻ وارو ڊاڪٽر احسان دانش به آهي. جنھن علم ادب ۾ ڪيترائي حوالا پنهنجي نالي سان جوڙي تاريخ کي سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . ان لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش ڪيترن ئي محاذن جو محافظ پڻ آهي. ڊاڪٽر احسان دانش هڪ ئي وقت شاعر، محقق، لطيف شناس، براد ڪاسٽر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار طور دنيا جي گولي تي سڃاتو وڃي ٿو. اڄ اهڙي محبوب جو جنم ڏينهن آهي مالڪ در اها ئي دعا آهي ته سدائين اهڙيون بهارون ماڻيندو رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ادب جي دامن کي روشن ڪندو رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو