ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ازم

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ فهد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مارچ 2024۔

  1. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ازم
    فھد حسين ميمڻ
    ٿرڊ ويو ۽ فيوچر شاڪ ۾ ايلون، ٽوفلر ٽيڪنالاجيءَ جي فائدن جي ڪري ان جي عام ٿيڻ بابت ٻڌايو آھي.
    تہ ٻئي پاسي وري ماحول دوست ادارا ۽ فرد ٽيڪنالاجيءَ کي برائين جي جڙ ڄاڻائيندي ان کي ختم ڪرڻ جا مطالبا ڪري رھيا آھن.
    سرمائيدارن وٽ ٽيڪنالاجي ٿوري وقت ۾ گهڻو منافعو ڪمائڻ جو وڏو سبب آھي
    عام ماڻھو جي ٽيڪنالاجي اچڻ ڪري مزدوري سستي ٿي پئي آھي يعني انھن جي خون پگهر جي تمام ٿوري قيمت ڏني ٿي وڃي، ڪيترائي مزدور جديد ٽيڪنالاجي اچڻ جي ڪري بي روزگار ٿي ويا
    ڏٺو وڃي تہ ٽيڪنالاجيءَ کي گهڻن پاسن کان ڏسي سگھجي ٿو پر ان جو بنياد انھن جي تخليقڪارن ۽ استعمال ڪندڙن يعني انسانن لاءِ آساني پيدا ڪرڻ آھي. جڏھن اھا ھڪ طريقي سان فائديمند نہ ٿي رھي تہ ان کي ٻئي طريقي سان استعمال ڪري سگھجي ٿو.
    اوپن سورس ٽيڪنالاجي طريقي ڪار، سوشلسٽ نظام معيشت ذريعي ٽيڪنالاجي کي ماحول دوست ان ڪري بڻايو ويندو جو ان سوشلسٽ نظام جو مقصد منافعو ڪمائي دنيا کي جنگ جو ميدان بڻائي انسانن تي ظلم مڙھي منافعو ڪمائڻ نہ ھوندو آھي
    ھڪ بال پنھنجي جوھر ۾ تہ بال آھي پر ان جي فائدي يا نقصان جو اھو ذميوار نہ آھي پر ان جو تخليق ڪار ۽ استعمال ڪندڙ ان جا ذميدار آھي.
    ٽيڪنالاجي اڄ جي سامراج ڪارپوريشن جي ھٿ ۾ آھي سڀاڻي اھا ڪيترن ئي سببن جي ڪري محنت ڪش جي ڪنٽرول ۾ ايندي.
    مصنوعي ذھانت تي ھلندڙ سوشل نيٽ ورڪنگ اوپن سورس ڪميونٽي اصولن موجب ڪنھن جي ذاتي ملڪيت نہ ھوندي.
    اڄ سامراجيت يعني سرمائيداري جي آخري منزل ۾ ڪارپوريشن کي اھميت آھي جيڪا پاگل ڪتي وانگر نسلن جا نسل پئسي جي حوس ۾ ڳڙڪائيندي ٿي وڃي. دنيا ۾ انسان جيڪڏھن ھڪ سو رپيا ترقي ڪري ٿو تہ ھڪ سو سورنھن رپيا ڪارپوريشن لٽي ٿي وڃي. ڪجه ڪارپوريشنون ايتريون تہ طاقت ور آھن جو اھي پاڪستان جيترا ڪيترائي ملڪ خريد ڪري سگھن ٿيون. جڏھن تہ پئسو ٺھي ئي ھاري مزدور جي محنت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل پراڊڪٽ جي برابر ٿو تہ دنيا جون پنج سيڪڙو ڪارپوريشنون 85 سيڪڙو دولت کي جمع ڪيون ويٺيون آھن، يعني جيڪڏھن اھو پئسو گردش نہ ٿو ڪري يا پاڻ کان گهڻو مقدار پنھنجي مالڪ کي واپس منافعي يا وياج جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ سيڙپ ڪاري نہ ٿيندي تہ پيداوار گهٽ ٿيندي عام انسان کي ڪارپوريشن ايترو لٽيو آھي جو ھن وٽ پنھنجي ٺھيل شي خريد ڪرڻ جيترا پئسا نہ بچيا آھن، نتيجي ۾ سرمائيدار غريبن يا ھاري مزدورن لاءِ شي ئي نہ ٿو ٺاھي ھو امير ماڻھن لاءِ شيون ٿو ٺاھي، غريب کي 500 رپيا مليا تہ ھو خوراڪ خريد ڪندو جيڪا آمدني وري ھاري مزدورن کي ملندي تہ ھو وري پيداوار ڪندا ائين زندگي ھلندي رھندي. پر جيڪڏھن امير کي 50 لک مليا تہ ھو بنگلو وٺندو پيجيرو وٺندو جن مان اڳتي ھلي ڪي بہ شيون وڌيڪ پيداوار نہ ٿينديون. ھڪ عوامي بس ۽ ھڪ پيجيرو ۾ اھو ئي فرق آھي تہ بس پيداوار برائي پيداوار ڪري ٿي پر پيجيرو پيداوار برائي نقصان آھي
    ڪارپوريشن وٽ صرف نقصان ڪار شين ٺاھڻ جو اصول باقي رھي ٿو، ھوڏانھن ٽئين طرف امير ننڍي امير کان دولت لٽي وڌيڪ امير ٿيڻ چاھي ٿو ۽ ھاري مزدور کي ان جي پيداوار جي برابر ان جي اجرت نہ ڏيڻ ڪري زندگيءَ جون ضرورتون پوريون نہ ٿينديون، اوھان ٻڌو ئي ھوندو تہ گهڻو کائڻ سان آفري ٿيندي آھي ان ڪري امير کان امير بہ دولت جي ڪري آفريءَ جو شڪار ٿي ويندو ۽ نيٺ ڦاٽي مرندو...... ھي اھو نظام آھي جنھن کي سرمائيداري ٿا چون جنھن جو وجود بقاءِ انسانيءَ لاءِ خطرناڪ آھي.
    ڪارپوريشن جو اصول اھو ھيو جيڪا دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ھٿيارن، وياج جي پئسن، ٽيڪنالاجيءَ ۽ پيداواري اوزارن تي ڪنٽرول ڪري ھاري مزدور جي اجرت مان ڪٽوتيون ڪري کين ئي منافعي تي شيون وڪڻي دنيا کي تباھ ڪرڻ آھي، انسان کي تباھ ڪرڻ آھي.
    جڏھن تہ ٻئي پاسي سوشلسٽ سماج جون ھارين مزدورن جون پنچائتون متبادل طور تي سامھون اچن ٿيون.
    جھڙوڪ ھڪ ڳوٺ يا يونين ڪائونسل جي پنچائت جنھن ۾ ڳوٺ يا يونين ڪائونسل جا پيداواري ذريعا اتان جي ھارين مزدورن جي پنچائت جي حوالي ھوندا.
    پنچائت جا عھديدار ووٽن ذريعي چونڊبا جنھن ۾ ھر بالغ ووٽ ڪري سگھي ٿو ووٽ ۾ انڪار جو خانو بہ موجود ھوندو.
    ڳوٺ يا يونين ڪائونسل جي پنچائت پيداوار جي ورھاست جو حق رکندي، ڳوٺ جون سموريون ٻنيون پنچائت جي ميمبرن جي اجتمائي محنت يعني ھارين مزدورن جي خدمت سڀني جي گڏيل ملڪيت ھوندي، جيئن ھڪ گهر ۾ زال مڙس ڪمائين ٿا جيڪا آمدني ٿئي ٿي سا گهر جي سڀني ڀاتين ۾ ضرورت موجب ورھائجي ٿي، ضرورت کان وڌيڪ ناڻو يا پيداوار اھڙي پاڙيسريءَ کي ڏبو آھي جيڪو
    ضرورت مند ھجي.
    ائين ئي پنچائت جي محنت ڪشن جي پيدا ڪيل ڪا بہ شي انھن جي گڏيل ملڪيت ھوندي جتان ھر ڪو ضرورت مند پنھنجي ضرورت جي حساب سان کڻندو.
    جيئن ھڪ گهر ۾ ائين نہ ٿو ٿئي تہ ھڪ فرد پيو سڻڀا طعام کائي ٻيو خاندان جو فرد سڪن ٽڪڙن کان بہ محروم ھجي، پنجائت ۾ بہ ائين نہ ٿيندو.
    ڏٺو وڃي تہ گهر جي ڪمائيندڙ فرد کان وٺي ننڍي ٻار تائين ھر ڪنھن جون ضرورتون محدود اھڙي نموني بہ آھين جو ڪير بہ ويلي تي ٻن کان وڌيڪ مانيون نہ ٿو کائي سگھي يا ڪير ڏينھن ۾ پنج ويلا ماني نہ ٿو کائي سگھي، يعني ھڪ حد مقرر آھي تہ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ماني ھر ڪنھن جي بنيادي ڪوٽا آھي وڌ ۾ وڌ ڏيڍ ماني سڀني جي برابر ضرورت آھي، جيڪڏھن گهر ۾ ڪنھن سبب ڪري گهٽ آمدني ٿي آھي تہ ان ۾ سڀ برابر جا حصيدار ھوندا وڌيڪ آمدني ٿي آھي تہ بہ سڀني جي وڌ کان وڌ ڪمائي جيتري دولت ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪمايل جيتري ھر ڪنھن جو حق آھي.
    ڳالھہ جو مقصد آھي تہ دنيا جو ھر انسان ھن وقت ماھوار ھڪ لک رپيا ڪمائي ٿو سڀني ڪمائيندڙ انسانن جي دولت جمع ڪري ھر ھڪ ڪمائيندڙ توڙي نہ ڪمائي سگهندڙ (ھن نظام ۾) فردن ۾ ورھائي وڃي تہ ھي ھڪ کي ھڪ لک رپيا ملندو. اھا آھي ان پنچائت جي بنيادي خاصيت تہ وڌ ۾ وڌ ھر انسان کي ھڪ لک رپيا ملڪيت رکڻ جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي يا پگهار ڏئي سگھجي ٿي. اھو پنچائت جو فرض آھي تہ انھن حدن اندر پنھنجي ميمبرن ۾ ماليات جي ورڇ ڪن، جيئن ڪمزور يا ٻار گهر ۾ ڪمائي نہ سگھندا آھن تہ بہ کين خوراڪ ڏني ويندي آھي ان ڪري جيڪي ماڻھو ڪم نہ ٿا ڪن انھن کي بہ پنچائت اھڙي ڪمائي مان حصو ڏيندي جيڪا پنچائت جي ھاري مزدورن جي ڪمائي آھي.
    اھڙو گودام يا اسٽور ڳوٺ يا يو سي جو بنيادي جز ھوندو.
    اھڙي نموني ھر يو سي يا ڳوٺ ۾ ھڪ ننگر خانو ھوندو جتي مفت ننگر ٽي وقت ھلندو.
    يونين ڪائونسل جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ اھي شيون پنچائت خريد يا وڪري لاءِ رکندي جيڪي ڳوٺ يا يوسي جون بنيادي ضرورتون ھونديون
    ان بعد وڌيڪ خاص شيون تعلقي ڪائونسل جي سپر اسٽور ۾ رکبيون جتان تعلقي جون سموريون يونين ڪائونسلون خريد و فروخت ڪري سگهن، تعلقو ڪائونسل ان جي ماتحت يونين ڪائونسلن تي مشتمل ھوندي. ان بعد وڌيڪ اھم شيون ضلع ڪائونسل اھڙي نموني صوبائي توڙي ملڪي ۽ عالمي پنچائتون ووٽ ذريعي چونڊبيون، پر ننگر خانا يونين ڪائونسل بنيادن تي ھوندا.
    ھڪ لک پگهار کان مٿي جنھن جي بہ آمدني ھوندي اھا ڪٽي مفت ننگر خانا تعليم، صحت انفراسٽرڪچر تي توڙي بيروزگاري الائونس تي خرچ ڪيا ويندا.
    مثال طور تي ھڪ تعلقي ڪائونسل جي ھڪ يو سي مان ڪو گراھڪ پنج مڻ ڪڻڪ خريد ڪرڻ چاھي ٿو تہ تعلقي ڪائونسل جي ٻي يو سي مان ڪير ڪڻڪ وڪڻڻ چاھي ٿو، ھاڻي ٻنھي يونين ڪائونسلن جو مرڪز تعلقي ڪائونسل آھي ھاڻي تعلقي ڪائونسل جي پنچائت جا عملدار ٻنھي يو سيز جي فردن کي ڏيتي ليتيءَ لاءِ خدمت فراھم ڪندا، ٽرانسپورٽ ڏيندا، رڪارڊ رکندا.
    ان بعد پاڪستان جي يوسي جو ھڪ ميمبر آمريڪا جي ھڪ يو سي جي ميمبر سان واپار ڪرڻ چاھي ٿو تہ عالمي تنظيم ٻنھي فردن يا گروھن جو واپار ڪرائيندا ٽرانسپورٽ ۽ رڪارڊ رکندا.
    ھڪ يونين ڪائونسل جو ميمبر ڪيترن ئي نيٽ ورڪن جو ميمبر ٿي سگھي ٿو جھڙوڪ ڊاڪٽر، عالمي ادب، اھو آھي سوشلسٽ ڪميون يا پنچائت جيڪا ڪارپوريشن جي ابتڙ زندگي دوست آھي.
    ٽيڪنالاجي اسان کي اتي مدد ڪري سگھي ٿي
    سوشل نيٽ ورڪنگ ذريعي ھر ھڪ وٽ ھڪ اڪائونٽ ھوندو يا ڪنھن چونڊيل نمائندي کي پنھنجي علائقي جي اڻ واقف عوام جو اڪائونٽ سنڀالڻ جو اختيار ھوندو
    جڏھن بہ اسان خريداري ڪندا آھيون تہ پئسن ۽ شي جي ڏي وٺ سان گڏ ٻيون بہ ڪيتريون ئي شيون عمل ۾ اينديون آھن
    مثال طور تي اھڙو سافٽ ويئر پوري ملڪ يا دنيا جي سڀني فردن توڙي ڀائپين کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکندو،
    آڇ يا آفر ۽ ضرورت يا ڊمانڊ کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو مطلب تہ توھان کي ڪلو ڀڳڙا کپن تہ توھان پنھنجي ضرورت ڪمپيوٽر تي رکندا، ان وقت تائين جيڪڏھن ڪنھن بہ اھڙي آڇ يا آفر نہ ڪئي آھي تہ توھان جي پوسٽ محفوظ رھندي جيئن ئي آفر ڪرڻ وارو پنھنجي آڇ ڪلو ڀڳڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ رکندو تہ توھان کي خبر پئجي ويندي تہ توھان جي ضرورت جي پورائي لاءِ ڪنھن حامي ڀري آھي، توھان آڇ قبوليندئو ۽ خريداري ڪندئو. پر جيڪڏھن توھان اھڙي شي خريد ڪرڻ چاھيو ٿا جيڪا اڳ ئي علائقي واسيءَ پروگرام ۾ وڪري لاءِ رکي آھي تہ لاڳاپيل بالا پنچائت جيڪا ٻنھي يعني خريدار توڙي وڪري ڪندڙ کان مٿاھين مرڪز تي ڪم ڪري رھي آھي اھا ڏيتي ليتي ڪرائيندي.
    ھڪ ٻي شي بہ آھي تہ توھان موبائيل وڪرو ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ تي رکي آھي پر ڪو ترت خريدار نہ ملي سگھيو آھي، ھاڻي ڪير چاھي تہ ان موبائيل خريد ڪرڻ واستي اوھان سان ھينئن رابطي ۾ اچي تہ ٻن ڏينھن کان پوءِ مان توھان کان موبائيل خريد ڪندس اڌ پئسا ھاڻي ڏيان ٿو اڌ ٻن ڏينھن بعد ڏيندس تيستائين اھا موبائيل ڪنھن کي وڪرو نہ ڪندا تہ اھڙي عمل کي ائين چئي سگھجي ٿو تہ ڪنھن ان خريداريءَ جي ھامي ڀري آھي يا اھا پراجيڪٽ ٿي آھي، جيئن ئي ٻہ ڏينھن گذرندا تہ اھا شي منتقل ٿيندي
    يعني خريداري يا فروخت ۾
    پراجيڪٽ، منتقلي
    آڇ، ضرورت
    خريداري، فروخت
    جھڙا خانا پاڻ پروگرام ڀريندو.
    جيڪڏھن سمورو مھينو گذرڻ باوجود ڪنھن کي فردن جي عالمي جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو جيترو منافعو نہ ٿيو آھي تہ ڪميون ان کي اوترا پئسا ڀري ڏيندو يا وري ڪنھن کي ھڪ لک کان وڌيڪ منافعو ٿيو آھي تہ ڪميون ان کان اضافي پئسا ڪٽي وٺندو.
    اھڙي اڪائونٽنگ سوشل نيٽ ورڪ ۾ اسان اھو بہ ڏسي سگھندا سين تہ ھن مھيني ۾ ھن علائقي جي ھن نيٽ ورڪ ۾ ھي خريد و فروخت ٿي، ھن فرد کي ھيترو منافعو مليو
    ھن علائقي جي فرد جي ھيءَ ضرورت آھي ھن جي ھيءَ آفر آھي، ڪوٽا بجيٽ موجب شين جو جائزو وٺڻ، يا اھو معلوم ڪرڻ تہ اڄ ھيترا پراجيڪٽ تڪميل تي پھتا آھن، ھيتريون اھڙيون ضرورتون آھن جيڪي اڃا پوريون ٿي نہ سگهيون آھن وغيرہ وغيرہ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو