همانگير سولنگي
سينيئر رڪن
ساحر راهو
دل جو پليٽ فارم، ويران ڪا سراءِ
نيڻن جون خواب گاهون، گمنام ڪو جزيرو
چپڙن جا ڦول بڻيا، ساگر جا سـُـڃ ڪنارا
هي شهر دل جو اُجڙي، ڀنڀور جي ڪٿا ٿيو
هر ڪا گلي ٿي ڀاسي، ڇورو آ ٻار ڪوئي
آ مير هر نظر ۾، وارن ۾ چيڙهه ڄميل
چيچن جا ڇهاءَ گم ٿيا، مزدور جي اکين ۾
احساس جي رڳن ۾، اونداهه وئي ڄمي آ
چهرن جي موسمن تي، پن ڇڻ جون بارشون ٿيون
خوشبو جا جهروڪا، خوابن جا ٿيا مسافر
محبوب پل اکين جي، ڳوڙهن ۾ خودڪشي ڪئي
دل جا سوال پـُـل تان ڪريا ته لهر ٿي پيا
گل پوش شهر رستا بارود جو بدن ٿيا
نرگس اکين ۾ موتيو، چادر ٿيو آ ڪاري
ڀاڪر گلاب جا ٿا سارين شهر شامون
شاعر شراب جا پل ڳولين چنڊ راتيون
ڪا ريل جي نه سيٽي، نه آس جا ڪبوتر
لهڻو نه رات ويلي آ دل گهـُـريو مسافر
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
ڀٽڪ داس پل ٿا، منهنجي اکين جي رڃ ۾
تنهنجي بدن جي گرمي، اوڇڻ نه ٿي آ جانان
جذبن جي برف پگهري، کوليان نگاهه ڳڙکي
سڀ عشق جون خدائونور ٿي ويون هن
نيڻن جون خواب گاهون، اُجڙي ويون سفر ۾
دل تي هزار صدما، ٿي اوڙڪون وٺا هن
من جو نفيس چولو، ليرون ٿيو جفا ۾
چـُـنري جا رنگ ڦٽيل، چادر مزار جي ڪا
۽ پيٽ جي جهنم ڳڙڪي ڇڏيون جوانيون
محبوب جي انگل تي مانيءَ ڳڀو آ ڀاري
معصوم خواهشن جا گل ئي سڀئي ڇڻي ويا
راڻو نه ڪاڪ آيو، مومل کي ڪير ماڻي
شيشن جي هن شهر ۾ موتي نه ڪو سڃاڻي
هر باز جي اکين ۾، خواهش جا خواب مرڪن
ڳيرو اداس وڻ جي خاموش لام تي ڪو
ٿو درد جا سنيها دريا جي پار واري
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
ڇڙواڳ چڳ وانگي تنهنجي ڳلن سان کيڏيا
بيتاب لهر وانگي منهنجا چپن ڪنارا
جڏهن ڇـُـهان ته مرڪان، سنگيت ڪوئي ڇيڙيان
تون جي ملين ته جهومان بي خفود ٿيان نشي ۾
ڪوئي سنديس، ڀڻڪو، ناهي هوا چپن تي
ڳڙکي کلي آ دل جي پردا اکين جا سرڪيل
ٻاهر آ شور ڏاڍو انددر ۾ ماٺ ماتم
ننڊن جا پرس ڀريل سڀني اکين جا ليڪن
ڪوئي اُداس پنڇي دل جي اُجاڙ وڻ تي
ويٺو آ سر جهـُـڪائي ڪنهن سوچ جي سفر ۾
ڪنهن کوج ۾ ستارا ڀٽڪن پيا امبر ۾
چانڊاڻ چنڊ چڳون ٿي برسي پئي پڌر ۾
محبوب جي جدائي سڏڪي پئي اندر ۾
مان ڇرڪ ٿي ٿو موٽان تارا سمهي رهيا هن
سورج چڙهي رهيو آ
ڀرسان اُداس راڳيءَ ڇيڙي آ تند صبح جي
ميڙي وجود پنهنجو ساڻن پلن کي چيري
مانيءَ ڳڀي جي پويان مصروف ٿي وڃان ٿو
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
دل جو پليٽ فارم، ويران ڪا سراءِ
نيڻن جون خواب گاهون، گمنام ڪو جزيرو
چپڙن جا ڦول بڻيا، ساگر جا سـُـڃ ڪنارا
هي شهر دل جو اُجڙي، ڀنڀور جي ڪٿا ٿيو
هر ڪا گلي ٿي ڀاسي، ڇورو آ ٻار ڪوئي
آ مير هر نظر ۾، وارن ۾ چيڙهه ڄميل
چيچن جا ڇهاءَ گم ٿيا، مزدور جي اکين ۾
احساس جي رڳن ۾، اونداهه وئي ڄمي آ
چهرن جي موسمن تي، پن ڇڻ جون بارشون ٿيون
خوشبو جا جهروڪا، خوابن جا ٿيا مسافر
محبوب پل اکين جي، ڳوڙهن ۾ خودڪشي ڪئي
دل جا سوال پـُـل تان ڪريا ته لهر ٿي پيا
گل پوش شهر رستا بارود جو بدن ٿيا
نرگس اکين ۾ موتيو، چادر ٿيو آ ڪاري
ڀاڪر گلاب جا ٿا سارين شهر شامون
شاعر شراب جا پل ڳولين چنڊ راتيون
ڪا ريل جي نه سيٽي، نه آس جا ڪبوتر
لهڻو نه رات ويلي آ دل گهـُـريو مسافر
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
ڀٽڪ داس پل ٿا، منهنجي اکين جي رڃ ۾
تنهنجي بدن جي گرمي، اوڇڻ نه ٿي آ جانان
جذبن جي برف پگهري، کوليان نگاهه ڳڙکي
سڀ عشق جون خدائونور ٿي ويون هن
نيڻن جون خواب گاهون، اُجڙي ويون سفر ۾
دل تي هزار صدما، ٿي اوڙڪون وٺا هن
من جو نفيس چولو، ليرون ٿيو جفا ۾
چـُـنري جا رنگ ڦٽيل، چادر مزار جي ڪا
۽ پيٽ جي جهنم ڳڙڪي ڇڏيون جوانيون
محبوب جي انگل تي مانيءَ ڳڀو آ ڀاري
معصوم خواهشن جا گل ئي سڀئي ڇڻي ويا
راڻو نه ڪاڪ آيو، مومل کي ڪير ماڻي
شيشن جي هن شهر ۾ موتي نه ڪو سڃاڻي
هر باز جي اکين ۾، خواهش جا خواب مرڪن
ڳيرو اداس وڻ جي خاموش لام تي ڪو
ٿو درد جا سنيها دريا جي پار واري
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ
ڇڙواڳ چڳ وانگي تنهنجي ڳلن سان کيڏيا
بيتاب لهر وانگي منهنجا چپن ڪنارا
جڏهن ڇـُـهان ته مرڪان، سنگيت ڪوئي ڇيڙيان
تون جي ملين ته جهومان بي خفود ٿيان نشي ۾
ڪوئي سنديس، ڀڻڪو، ناهي هوا چپن تي
ڳڙکي کلي آ دل جي پردا اکين جا سرڪيل
ٻاهر آ شور ڏاڍو انددر ۾ ماٺ ماتم
ننڊن جا پرس ڀريل سڀني اکين جا ليڪن
ڪوئي اُداس پنڇي دل جي اُجاڙ وڻ تي
ويٺو آ سر جهـُـڪائي ڪنهن سوچ جي سفر ۾
ڪنهن کوج ۾ ستارا ڀٽڪن پيا امبر ۾
چانڊاڻ چنڊ چڳون ٿي برسي پئي پڌر ۾
محبوب جي جدائي سڏڪي پئي اندر ۾
مان ڇرڪ ٿي ٿو موٽان تارا سمهي رهيا هن
سورج چڙهي رهيو آ
ڀرسان اُداس راڳيءَ ڇيڙي آ تند صبح جي
ميڙي وجود پنهنجو ساڻن پلن کي چيري
مانيءَ ڳڀي جي پويان مصروف ٿي وڃان ٿو
دل جو پليٽ فارم ويران ڪا سراءِ