• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هارين کي قتل ڪندڙ زميندار قانون کان بچندو

همانگير سولنگي

سينيئر رڪن
گل حسن آريسر

امن واري مارئي ۽ امراڻي جي سرزمين جتي هميشه پيار ۽ محبت جا گيت الاپيا ويندا هئا اُتي اڄ رت جي راند جاري آهي اها سرزمين رتورت آهي آهون دانهون، اوڇنگارون ۽ سڏڪن جا آواز الاپجن ٿا. انسانيت دوستي دشمني جي ور چڙهيل آهي بدامني ، تعصب ۽ نفرتن جو دور آهي ان جا ڪارڻ ڪهڙا به هجن پر آدم جي اولاد کي معمولي ڳالهه تان ايئن گوليون هڻي سڌا فائر ڪري ماريا وڃن ٿا جيئن جانورکي به نه ماريو وڃي جنهن جو تازو مثال عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ دينو چانگ ديهه ٺانٺرائي جو آهي جتي جي مقامي وڏيري سائين بخش مڱريو جي پٽ علي احمد ”عرف“ صدورو مڱريو جو آهي جنهن ڪاوڙ ۾ اچي ڪلاشنڪوف جا سڌا فائر ڪري پنهنجي هارين کي سرعام هنن جي ئي گهر ۾ قتل عام ڪيو. جنهن ۾ گهر ڌڻي هريچند اوڏ گوليون لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 عورتون راڄ ٻائي، تلڇان ۽ ڦولان سخت زخمي ٿيون. جن کي بعد ۾ حيدرآباد علاج لاءِ موڪليو ويو. جتي مهمان ٿي آيل 40 ساله عورت تلڇان اوڏڻ به فوت ٿي وئي. قاتل صدورو مڱريو کي هيڏو هڪ گهر ۾ قتلام ڪرڻ بعد به ڪاوڙ ٿڌي نه ٿي ۽ هو ڪلاشنڪوف کڻي ڪار ۾ سوار ٿي انهن هارين جي گهر ايندڙ رڪشا ڊرائيور پويان قتل ڪرڻ لاءِ مليل ڏس موجب عمرڪوٽ بس اسٽينڊ تي پهتو ۽ موجود رڪشا ڊرائيور لوڻو ڀيل کي گولي هڻي فرار ٿي ويو ۽ رڪشا ڊرائيور حيدرآباد ويندي زخمن جو تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. هاڻي ڀيل ۽ اوڏ برادين جا 3 قتل ٿي ويا عمرڪوٽ پوليس صدورو مڱريو جي والد سائين بخش مڱريو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ قاتل پٽ صدورو فرار ٿي ويو آهي. مقتولن جي وارثن طرفان لاش روڊن تي رکي ڌرڻا هڻي پٽون ۽ پاراتا ڏنا. سمورن پارٽين پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سيد علي مردان شاهه، ايم پي اي پونجو مل ۽ ٻيا ڌرڻي واري هنڌ پهتا احتجاج ڪندڙن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن صدوري جي گرفتار پيءَ ڏسو صفحو 7

سائين بخش مڱريو صحافين کي ٻڌايو ته هارين ان گهر ۾ منهن جي پٽ تي تشدد ڪيو ۽ غير فطري فعل ڪيو ان ڪري ڪاوڙ ۾ هن ايئن ڪيو آهي بااثر ڌريون ڪنري ۾ جت ڌنار وسايو کي قتل ڪندڙ چوڌري زميندار جي پٽ کي چريو ڏيکاري جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي انهي وانگر هن قاتل صدوري کي چريو ڄاڻائي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ آهن.
 
Back
Top