1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سنڌي ٻوليءَ تي فارسي جو اثر

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مولائي شيدائي

    مٺي مهراڻ جي ماٿريءَ سان اڄ کان هزارها ورهيه اڳ ايران جا سياسي مذهبي، تمدني ۽ تجارتي تعلقات قائم رهندا آيا. موئن جي دڙي واري متمدن قوم جنهن سنڌ کي وطن جوڙيو، سا ايران جي مٿانهين پٽ کان نڪري هت پهتي هئي. موئن جي دڙي ۽ هڙپا جا آثار ۽ بروهي ٻولي ثبوت لاءِ ضامن آهن. انهن آثارن مان جيڪي ٺڪر جا ٿانو نڪتا آهن، سي ايراني ساخت جا آهن، مغربي پاڪستان جي شهر پشڪلاوتي (پشاور) ۽ مڪران کان وٺي ويندي مُگڌ جي راڄڌاني پاٽليپتر (پاٽنا) تائين جيڪي عمارتون آثار قديمه جي ماهرن ظاهر ڪيون آهن، تن جي تعمير جو نمونو اصحاخو(پرسيپاليسه ) جي محلاتن سان مشابهت رکي ٿو. سنڌ ۾ بهمن آباد (برهمڻ آباد) ۽ گندواهه (قندابيل) جاشهر بهمن زور بازو تعمير ڪرايا هئا. مڪران جون ٻه ڪاريزون ڪائوسي ۽ خسروي، ڪيڪائوس ۽ ڪيخسرو ڪياني شهنشاهن جون جوڙايل اڄ به موجود آهن. ڪتاب حملات حيدري (تاريخ ميسور) ۾ ڄاڻايل آهي ته ضحاڪ پنهنجي سپهه سالار گرشاسپ کي دکن فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هو ۽ وڃڻ مهل کيس جيڪي هدايتون ڪيائين ، سي هن طرح نظم ۾ بيان ڪيل آهن.

    وصيت چنين کرد، گرشاشپ ڏسو صفحو 7

    را، رکبدر هند پدرو دکن خواب را

    نه داري زخون سياپان دريخ همين کارفرماد رخشنده تيغ

    بچستي دهه انجام کار بزرگ، برايشان چنان زن گله گرگ

    نمائي وارن بوم سالي تمام، که لشکر گران گيردارننگ و نام

    گرت بگذرو چار موسم درآن، زخرهنگ و مردي نيابي نشان.

    ايران جي فرمانروائن ۽ اميرن هندستان جي راجائن جي ڌيئرن سان شاديون ڪيون ۽ نوان شهر تعمير ڪرايا، تاريخ فرشتا پهرين جلد ۾ تفصيل وارو بيان ڏنو آهي. ايرانين سنڌ کي پنهنجي لهجي ۾ هند نالو ڏنو جو پوءِ سڄي برصغير تي پئجي ويو. فردوسي شاهنامه ۾ ڪابل، سنڌ، هند، ساندل، چندلا، ڪشمير ۽ ملتان ايراني صوبا ڄاڻايا آهن. چندل کان سواءِ باقي سمورن صوبن جي اسان کي ماهيت معلوم آهي. ان ڪري ساندل، چناب ۽ راوي دوآبه ”رچنا“ جو نالو هو، جنهن ۾ سيالڪوٽ، گجرانوالا، پسرور ۽ وزيرآباد شهر آهن. سنڌونديءَ تي ”مهراڻ رور“ نالو به ايرانين رکيو هو ۽ ايراني پهرين قوم هئي، جنهن مهراڻ تي جهازراني ڪري مهراڻ جي ڊيلٽا کان هندي وڏي سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ، آفريڪا جي ڪناري کان مصر تائين سامونڊي رستن کي معلوم ڪيو هو. سنڌين کي ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ڪيائون ۽ عربن جي ڪاهن تائين سنڌي ايراني لشڪر ۾ موجود هئا. اهي گهڻو ڪري جاٽ هئا، جن تيعربن ”زط“ نالو رکيو هو. ايرانين جو قديم مذهب ”صاديه“ (آفتاب ۽ اجداد سماويه) هو. سنڌ ۾ ملتان آفتاب جو وڏو مندر هو. ڪيخسرو سيستان (نيمرو) سنڌ جي صوبي ۾ ”ڪرڪويه“ آتشخانو ”هوش گرشاسپ“ نالي تعمير ڪرايو

    هو. سنڌ ۾ اگني پوجا جو ته اڳي ئي رواج پيل هو. ان کان پوءِ ايران ۾ مزدڪيه ۽ مانيه مذهبن جنم ورتو. جن جو دستور موجب سنڌ تي به اثر پيو. ديبل جا واپاري ناتا ايراني بندرن تيز، سيران قيس ۽ ابلهه سان اسلام کانپوءِ به قائم رهندا آيا. ايراني سونا سڪا ”ديرڪ“ ۽ چانديءَ جا چئو ڪنڊا، پنج ڪنڊا سڪا ”سگونه“ هگلي کان وٺي ايجن ٻيٽن تائين چالو هئا. ايراني شهنشاهت جون حدون مهراڻ کان دينيوب ۽ اڙل جي سمنڊ کان ليبيا تائين هيون. مختلف قومن کي هڪڙي نظام هيٺ آڻڻ ۽ مٿن حڪومت هلائڻ جو سياسي ڍنگ ايرانين کي ياد هو.

    عربي دور ؛- ايرانين وانگر عرب به هزارها سالن کان هندستان جي الهندي ڪناري سان واپار ڪندا رهيا. فيقي عرب جهازران قوم هئي جنهن واپار جي سهولت لاءِ ”خروشتي“ خط کان سنڌ ۽ هند کي واقف ڪيو. سر آلرستيين ڄاڻائي ٿو ته خروشتي خط پنجاب، ڪشمير، چيني، ترڪستان، ڪابل ۽ مشرقي ايران تائين رائج هو. هن جو ٻيو نالو ”گنڌار الپي“ هو. پڻ سوامي ديانند، سيتارٿ پرڪاش جي تاريخي افسانن ۾ ڄاڻايو آهي ته مهاڀارت جي يڌ وقت پانڊو ۽ ڪورو عربي ڳالهائي سگهندا هئا. عربن جي ڪاهه ڪري سال 712ع کان 1025ع تائين ٽي صديون عربن سنڌ تي حڪومت ڪئي. عربي زبان دفتري ۽ مذهبي هئي. سنڌي ناگري خط ”عربي- سنڌي“ ساڳئي طرح فارسي پهلويءَ جنم ورتو. سنڌين اڳيان ٻه مشڪلاتون هيون هڪ حڪمران زبان کي پنهنجو ڪرڻ جنهن سان کين مذهبي عقيدو هو ٻيو مادري گهرو زبان جي حفاظت ڪرڻ، ليڪن سنڌين جا دماغ ۽ ذهن اهڙا روشن هئا، جو انهن عربي شعر ۽ حديث جي لحاظ سان اهڙ ناموري حاصل ڪئي، جو نه صرف بغداد ۽ دمشق جي درٻار مان خراج وصول ڪيائون پر امام زهري، سفيان ثوري ۽ امام دارا الهجرت مالڪ سنڌي علمائن اڳيان زانو ادب کوڙيا هئا

    خوش زمزمه گوشئه تنهائي خويشم

    از جوش وخروش، گل و بلبل خبر نيست، !

    پهلويءَ جو عروج : - مامون جي ماءَ ايرانڻ هئي کيس ايرانين سان همدردي هئي، طاهريه (259 هه – 408 هه) تائين حڪومت ڪئي جنهن کان پوءِ صفردين 254 هه ۾ قبضو ڄمايو. ٻنهي گهراڻن خراسان فارس، ڪرمان، ڪابل ۽ سنڌ تي حڪومت ڪئي 279هه – 893ع ڌاري وچ ايشيا ۾سماليه ايراني حڪومت کڙي ٿي. 334 – 945ع آل بويه جي اميرن زور ورتو . مٿيان سمورا گهراڻا خالص ايراني هئا. جنهن ڪري شيراز، بخارا، فرغانه، مرد، نيشاپور، اصفهان، قزوين، هرات، بلخ فارسي زبان جي مدرسن کان معمور هئا. عباسي خلفاءِ به آل بويه جي زيرنگراني بيوس هئا. سڪن ۽ خطبن ۾ اميرالمومنين جي نالي سان گڏ ديلمي اميرن جو نالو به پڙهجڻ لڳو، ادب، طب فلسفو، تصوف، علم الڪلام، شعر و سخن جي زبان فارسي بنجي وئي. فارسي زبان نظم ۽ نثر جي زمين کي پنهنجي جلوه طرازين سان زعفران زار بنائي ڇڏيو. سندس حسن جي ڪرشمن سازين جي مدرسن ۽ ميڪدن جي خلوتگاهن تائين تعريف ٿيڻ لڳي. اقليم زندگي ۾ دلين جي آئينه خانن تي فارسيءَ جو سڪو ڄمي ويو. 401 هه – 1010ع ۾ سلطان محمود تخت تي ويٺو هن 1025ع ۾ ملتان تي ۽ منصوره تي قبضو ڪيو. لاهور ۽ ملتان فارسي ادب ۽ تبليغ جا مرڪز بنجي ويا.فارسي زبان بلوچيءَ کي جنم ڏنو. انهي طرح سنڌي ۽ ملتاني زبان لشڪري (اردو) زبان کي جنم ڏنو. فارسي ٻولي پنهنجي ڪيف آور لفظن درخشندگي ۽ خنده روئي ڪري سنڌي زبان جي سڳنڌ ۽ بوقلمي گوشن اندر مقام پيدا ڪرڻ لڳي. گنبذ نما عمامه پوش زاهدان توڙي ميخانن جي سرمست خلوتين گڏجي فارسيءَ جي آجيان ڪئي، ڪشميري، پنجابي، سنڌي (ملتاني) توڙي پشتو زبانن جو ڪلاسيڪل لٽريچر کولي ڏسو اوهان کي فارسي اثر منجهن نظر ضرور ايندو.

    ازصد سخن، پيرم يک حرف مرايا داست

    عالم نه شود ويران تاميڪده آباد ست

    نوٽ سالگره نمبر مهراڻ، 15 جنوري 1961ع (ورتل )

    موڪليندڙ ياسين سنڌي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو