ڏور وجهي ويا ڏک جي....!!

'مقالا' فورم ۾ همانگير سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    مولائي ملاح
    زندگيءَ جي ڪارين راتين مان هيءَ به هڪ ڪاري رات هئي، جيڪا علي عه جي اولاد تي گذري....! سنه 60 هجري- محمد مصطفيٰ صلعم جن جي نوراني نور سان روشن ٿيل شهر مدينه منور جي 28 رجب المجرب وقت عشاءَ (سومهڻيءَ مهل) هن شهر مٿان چڙهي آيل رات کي رد وڇوڙي جي درد واري گرهڻ ورتو. جنهن جو ڏک علي عه جي اولاد اڪيلي سر سٺو- برداشت ڪيو. حضرت معاويه جي مرڻ کانپوءِ سندس نافرمان پٽ يزيد لعين تخت نشين ٿيو. هن تخت تي وهڻ کانپوءِ پهريون ئي حڪم مدينه- منوره جي حاڪم وليد ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ يزيد کيس لکيو ته: حضرت امام حسين عليه السلام کان سندس (يزيد لاءِ) بيعت ورتي وڃي. بيعت جي انڪار ڪرڻ تي حضرت امام حسين عليه السلام جن کان وطن مدينو ڇڏرايو وڃي. امام حسين عه جن کي يزيد لعين جي حڪم تي، مدينه جي حاڪم وليد پنهنجي درٻار ۾ گهرائي کيس وقت جي حاڪم يزيد لعين جو حڪم پڙهي ٻڌايو. شير خدا جي صابرين پٽ امام حسين عه يزيد جهڙي بي ديني، شرابي، جواري، حرام خور، فرد جي بيعت قبولڻ کان سڌو انڪار ڪيو، ته کيس وطن ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. مولا حسين عه بيعت کان انڪار ڪندي وطن ڇڏڻ قبول ڪيو. اها ڪاري رات سنه 60 هجريءَ جي 28 رجب المرجب جي سومهڻيءَ جي مهل هئي. جنهن روشنين جي شهر مدينه منوره کي حسين عه جهڙي حسين هستيءَ کان اڪيلو- جدا ڪيو.

    امام حسين عه پاران وطن ڇڏڻ جو مقصد امن ۽ اسلام جي پرچار، تبليغ ڪرڻ هو. جڏهن ته يزيد لعين جو مقصد اسلام جي ۽ انساني قدرن جي بربادي هيو. جڏهن ته سرڪار حسين عه جن جو مقصد اسلام جي ۽ انسانيت جي آبياري ۽ بقا هيو. جنهن نيڪ مقصد جي تڪميل خاطر حسين عه وطن ڇڏيو، ان جي تڪميل ڪربلا ٿي. اگر حسين عه صبر سان وطن مدينو نه ڇڏي ها ته، اسلام مدينه منورا ۾ ئي دفن ٿي وڃي ها. ان جي پرچار ڪرڻ وارو ڪوئي رهي ئي نه ها. حسين عه يزيد جي بيعت کان انڪار ڪري باطل جي خلاف جهاد جو آواز بلند ڪيو. دنيا تي حق جي سربلنديءَ جو اعلان ڪيو. آخري دم تائين يزيد لعين حق تي فتح حاصل نه ڪري سگهيو ۽ حضرت حسين عه مقتول بڻجي به فاتح بڻجي ويو. ان عظيم انقلاب جي ابتدا 28 رجب جي ڏهاڙي کان ٿي. ڪربلا جي انقلاب ڏانهن ان ئي ڏهاڙي کان پهرين وک وڌائي وئي، جنهن جي دردن جي ڪاري رات گواهه آهي. امام حسين عه وطن مدينو ڇڏيو نه هيو. پر کانئس ڇڏرايو ويو هو. ان وقت امام عه کي وطن ڇڏرايو ويو، جنهن وقت پکي به پنهنجو واهيرو- آکيرو ناهن ڇڏيندا. وطن ڇڏڻ سان ضرور جدائي، وڇوڙو ٿئي ٿو. انهيءَ وڇوڙي جو درد ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. 28 رجب جي رات جيڪو وڇوڙو ڏنو آهي. انهيءَ جو درد هر رات روئاري ٿو. اهڙا وڇوڙا- نياڻين جي سهپ کان گهڻا هوندا آهن. اهڙي وڇوڙي هڪ نياڻيءَ کي عمر ڀر روئاريو. اڄوڪي رات نبي صلعم جن کان سندن جگر ٽڪڙو امام حسين عه جدا ٿيو. ساٿ سميت امام حسين عليه السلام پنهنجن سڄڻن کان جدا ٿيو. سڀ سڄڻ امام حسين عه جي نياڻي سانئڻ صغرا عه جن کان جدا ٿيا. امام حسين عه اسلام جي بقا، سر بلنديءَ خاطر هر طرح جي قرباني ڏني. جن ۾ شهادتن سان گڏ سڄڻن جا وڇوڙا به شامل آهن. امام حسين عه سڀني سڄڻ سان گڏ حويليءَ ۾ پنهنجي پياري نياڻي به ٽڪائي، جنهن کي پنهنجي پياري ڀاءُ علي اڪبر عه جي شاديءَ جي اُڪير هئي. جيڪا آخري دم تائين پوري نه ٿي سگهيس. سائنڻ صغرا عه کان جڏهن اکين اڳيان سڄڻ وڇڙي، جدا ٿي رهيا هئا ته اهو وڇوڙي جو درد، سهپ کان وڏو هيو. ان مهل مديني ۾ سيدن جي حويليءَ اندر هر ماڻهوءَ جي اک آلي هئي ۽ عراق جي سفر تي اُسهندڙ هر ماڻهوءَ جي اک آلي هئي. مديني جي فضا جو ماحول غم گسار رهيو. نيڻن مان ڪرندڙ هر لڙڪ ۾ وڇوڙي جو ارمان ۽ ”امت جي احسان فراموشيءَ جو افسوس هيو.“ ايمان، اسلام ۽ انسانيت جي علمبردارن جي اهڙي درديلي جدائيءَ تي اهل دل شاعر شاهه ڀٽائيءَ پنهنجن نيڻ مان لڙڪن درياءَ وهائيندي، ماتم ڪندي سائنڻ صغرا سلام الله عليها جي وڇوڙي واري درد کي هينئن بيان ڪيو ته:

    هوٿا ڀلائين منهنجو هينئون ٿو هيڻو ٿئي

    تنگ مهارون توڏن جون، پيا ٿا جت جوڙين

    منهنجو لال پنهون ٿا نئن، ڪائي ٻاروچ ڪي ٻولي ڪيو. (شاهه)

    سانئڻ صغرا سلام الله عليها پنهنجن اباڻن کي ويندي ڏٺو ته سندس اکيون سانوڻ جي برسات جيان وسي پيون. ان ڏهاڙي کانپوءِ جدائيءَ جو هر ڏاهڙو قيامت جي ڏهاڙي جيان ٿي محسوس ٿيو. نبي صلعم جي ويڙهي ۾ ان ڏينهن کان ماتم شروع ٿيو، ڪربلا ۾ ٿيندر قتلام جو- 28 رجب جدائي جو ماتم آهي. سڄڻن جو قافلو اٺن تي ويندو رهيو ۽ سانئڻ ڏسندي رهي.

    مٺيس! جهل مهار، ڪٺيس! ڪاههِ مَ ڪرهو

    مون نماڻيءَ جي نجهري، ڀيرو ڪج ڀتار!

    ساجن! توهان ڌار، ڏٺم ڏيهه قيام جو. (شاهه)

    28 رجب جي ڏهاڙي کانپوءِ انهن اکڙين ڪجل پائڻ ڇڏي ڏنو. جن اهو درد ڀريو منظر ڏٺو. پکين آکيرن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو، جن اهڙي جدائي ڏٺي.

    اکين ڪين ڪيو جو رت نه رنائون

    پلاڻيندي پرين کي بيٺي ڏٺائون

    اهڙين اکين کي آئون ڪجل ڪهڙو پائيان

    (شاهه)

    هو اهو وڇوڙي جو درد آهي، جيڪو درد سنه 60 هجري جي 28 رجب المجرب جي رات وقت عشاءَ کان وٺي اڄ تائين امام حسين عه غمگسارن ۽ انسانيت جي اک کي روئاريندو رهي ٿو. امام حسين عه جي انهيءَ وڇوڙي واري درد کي ياد ڪرڻ لاءِ دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ (احتجاجي جلوس ڪڍيا ويندا آهن) ۾ ماتم برپا ڪيو ويندو آهي. اڄوڪا ماتمي جلوس انسانيت جي ستل ضميرن لاءِ ته بيشڪ جو بي موسما ماتم هوندا آهن، پر اهو ياد ڏياريندا آهن. ظلم خلاف هڪ اٿيل آواز جي انسانيت جي هڪ ديرپا انقلاب جي ابتدا جي. 28 رجب جو ڏهاڙو ظلم کان بغاوت ۽ مظلوم جي آواز کي سگهه بخشيندڙ مقدس، مانائتو ڏهاڙو آهي. جنهن جو اظهار عزادار پنهنجي رنگ ۾ ڪندا آهن. سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه ڀٽائي هن ڏهاڙي جي درد کي پنهنجي انداز سان محسوس ڪرڻ کانپوءِ هيئن اظهار ڪيو آهي.

    سڙهه سنوا راڄون، نوان، مهاڻا سندن مير

    ساٿي سفر هليا ٿيا سڻا واسير

    جي اچن ساڻ اڪير- سي ٻيڙا رکين ٻاجهه جا

    (شاهه)

    ڪنڍي ڪلين وچ ۾ جڏهن هنيائون

    موت نه ماريائون، ڏٺو جن ڏکيءَ کي (شاهه)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو