"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (69) سائين مولوي احمد "شائق" لاشاري صاحب مدرس ۽ مهتمم مدرسہ درگاھ پاڪسنگهار ضلع ٽنڊوالهيار. تحرير : اڪبر علي جروار سائين مولوي احمد شائق لاشاري سندن جنم سال 1954ع ھٽڙي ويجھو ڳوٺ قادربخش لاشاري ۾ ٿيو سندن والد جو نالو حاجي محمد ھارون ھو ، پاڻ جڏھن ڪجھ سمجھ ڀريا ٿيا تہ سندن والد ڳوٺ جي ويجهو ھڪ ٻي ڳوٺ الھرکيو ماڇي ۾ پير شفيع محمّد شاھ جي مدرسي ۾ قران شريف پڙھڻ لاء موڪليو جتي انوقت ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا ھئا جن جو سمورو خرچ پير شفيع محمّد شاھ پاڻ ڀريندا ھئا اتي انوقت استاد مولوي محمد عيسي کوسو صاحب ھئا. سائين مولوي احمد شائق صاحب ھتان کانپوءِ جنھاڻ سومري ويا جتي عربي ۽ فارسي جا شروعاتي ڪتاب پڙھيا اتي سندن استاد مفتي عبدالرحمن سومرو صاحب ۽ مولانا محمد اسماعيل پنھور صاحب ۽ ٻيا ھئا اتان کان ڀينڊي شريف جي مدرسي مدينة العلوم ۾ داخل ٿيا جتي مولانا سائين ابراهيم ميمڻ صاحب وٽ ڪنزالدقائق ، ھدايہ شرح وقايہ ۽ ٻيا ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ دورہ حديث لاء ٽنڊوالهيار جي مشھور مدرسي دارالعلوم اشرف آباد ۾ آيا جتي صحيح بخاري مولانا ظفر احمد عثماني صاحب وٽ پڙھيا صحيح مسلم مولانا محمد مالڪ وٽ پڙھيا ، ابو دائود مفتي وجيہ الدين وٽ پڙھيا ، جامع ترمذي مولانا عبدالرحمان وٽ پڙھي 1970ع ۾ فارغ التحصيل ٿيا انکان پوء تفسير قرآن لاء پنجاب جو رخ ڪيائون جتي رحيم يار خان ۾ مولانا عبدالغني دادروي صاحب وٽ تفسير جا سبق پڙھيائون ، بيعت ۽ ذڪر مولانا سائين عبدالڪريم قريشي ٻير شريف وارن کان ورتائون سائين مولوي احمد شائق صاحب 70 واري ڏهاڪي ۾ ئي پنھنجي ڦوھ جواني ۾ درگاھ پاڪسنگھار آيا جتي جي معزز شخصيت حاجي بچل پلھ کين جي ۾ جايون ڏنيون ، پاڻ اتي ئي رھي پيا ۽ درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون جيڪو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي پاڻ انتھائي شفيق، همدرد ۽ گھڻي ماٺيڻي طبيعت جا مالڪ آھن علائقي جي بھتري جي حوالي سان بہ سندن بھترين ڪردار رھيو آھي ، پاڻ تاريخ ۽ ادب ۾ بہ گھڻي دلچسپي رکن ٿا، مخدوم نوح سرور جي مشهور خليفي درويش پاڪسنگھار متعلق پڻ سڀ کان پهرين تاريخ گڏ ڪرڻ وارا سائين مولوي احمد شائق لاشاري صاحب ئي آھن، سندن ڪتاب. ''جوھر جواھرن جا'' جي نالي سان ڇپجي چڪو آھي سائين جي شاعري جو ڪتاب في الحال ملي نه سگهيو آهي. جيئن سائين جن جو ڪتاب مليو ته سائين جن جي شاعري دوستن سان ونڊ ڪبي. Akbar Ali