الف: پنج مڻ ڪڻڪ اپائي، ان جي برابر پئسا/رسيدون ٺاھيا ب: ست مڻ چانور اپائي ان جي برابر پئسا/رسيدون ٺاھيا واپار: الف، ب کان ٻہ مڻ چانور وٺي، انھن تي ٿيل الف جي محنت برابر پئسا ڏنا واپار: ب الف کان ٽي مڻ ڪڻڻڪ وٺي انھن تي ٿيل الف جي محنت برابر پئسا ڏنا ليجنڊ:اصول: جيڪڏھن الف پنج مڻ ڪڻڪ اپائي ستن مڻن جي رسيد پئسا ٺاھي ب کي ڏيندو تہ سڀاڻي ب ان ستن مڻن جا پئسا ڏئي الف کان ست مڻ ڪڻڪ جي گهر ڪندو جيڪا الف وٽ نہ ھوندي، تہ ب، الف جو کيسو دل ماني کسي پورائو ڪندو. جيڪڏھن الف پنج مڻ ڪڻڪ اپائي ٽن مڻن جي رسيد ٺاھي ب کي ڏيندو تہ سڀاڻي کيس ٽن مڻن جا پئسا ئي ملندا ۽ کيس ٻن مڻن ڪڻڪ جو نقصان پوندو. مسئلو: ھاريءَ پنج مڻ ڪڻڪ اپائي پر زميندار کيس 2.5 مڻن جا پئسا ٺاھي ڏئي ٿو پر ھٿيار جي زور تي، اڄ ھاريءَ جي بدحاليءَ جو وڏو سبب اھو آھي تہ کيس پنجن مڻن جي محنت جي بدلي 2.5 مڻن جا پئسا ملي رھيا آھن، جنھن سان کيس 2.5 مڻن جو نقصان ٿيو آھي، مزدور جي بہ اھا حالت آھي. ان سبب ڪري ھاري، مزدور مظلوم آھي وٽس مسلسل نقصان بعد ڪا قوت خريد نہ رھي آھي. ۽ دنيا جي اڪثريت ھاري مزدور آھي، قوت خريد نہ ھئڻ ڪري ھو خريداري نہ ٿا ڪن تہ زميندار، سرمائيدار جو مال ڪير بہ خريد نہ ٿو ڪري، ان ڪري ھو غريبن جو کاڌو ڪڻڪ چانور نہ پر ناريل پائن ايپل اپائي رھيا آھن قلم، ڪتاب يا ٽريڪٽر جي بدران بنگلا پيجيرو اسپيس شپ بڻائي رھيا آھن. جن جا خريدار وري امير آھن پر اھي تمام ٿورا آھن. ھر ھڪ امير وڌ کان وڌ عياشي ڪري لٽ مار جي پئسي مان ناريل اسپيس شپ خريد ڪري ٻئي امير کي مات ڏيندو. ھارائيندو، آخر ڪار ھو اڪيلو ٿي پاڻ بہ مري ويندو، ھڪ حد کان پوءِ اھي پاڻ ۾وڙھي مري ويندا، جنھن سان نہ غريب کي اناج ملندو نہ امير کي عياشي، پر دنيا ھٿيارن آلودگي جو ڍير بڻجي ويندي. اھو آھي دنيا جي انسانن جو مسئلو جنھن جو حل بہ مون لکيو آھي. جيڪڏھن ڪو ڪنھن جو حق لٽي ٿو تہ ڇا ٿئي ٿو؟ ھاريءَ کان زميندار حق لٽيو تہ ھو مري ويندو، پر ان جو رت پئسو بڻجي سرمائيدار وٽ گڏ ٿيل رھندو، ڇا جڏھن سڀ انسان حق لٽڻ ۽ آلودگيءَ وڌڻ ڪري ختم ٿي ويندا تڏھن اھو پئسو ٻڪريون کائينديون. دنيا جي 85 سيڪڙو دولت 5 سيڪڙو سرمائيدارن زميندارن وٽ ڪنھن نہ ڪنھن صورت مثال طور تي ڪڻڪ پيجيرو يا پئسن جي صورت ۾ قيد آھي، جڏھن تہ 95 سيڪڙو انسان مسلسل لٽجي مري ڦٿڪي رھيا آھن انھن وٽ ھڪ پاسي کان ھٿيار آھن تہ ٻئي پاسي وڌ کان وڌ محنت ڪري پنھنجا ٻچا پالڻ جھڙو ناسور آھي، يعني ھڪ ماني کائي مجبورن 50 مانين جو ڪم ڪرڻ. مسلسل لٽجڻ. چوندا آھن تہ اڄ بچت ڪيو تہ سڀاڻي ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندي يا وري اڄ ھڪ ماني جو نقصان ڪري رياست ايوان جا قانون تبديل ڪري ڏينھن سيڙائي انقلاب ڪري وجهون تہ ھميشہ لاءِ درد پيڙا وحشت کان لٽ مار کان نجات ملي ويندي. Like Comment Send Share