گهڻي وقت کان وٺي محترم سائين عنايت کٽياڻ صاحب ملاقات لاءِ چئي رهيا هئا ۽ پڻ اهو زور ڏئي رهيا هئا ته مڪلي جي ٽڪريءَ جو سير ڪجي ۽ چيائين ته يار منظور مڪلي جي قبرستان ۾ هڪ اهڙو شاهڪار موجود آهي جنھن جي نشاندهي سندس جي دوست سائين خادم سومرو صاحب جن ڪئي آهي جيڪا سائين عنايت جن به ناهي ڏٺو جيڪو توهان کي ڏيکاري اچان ۽ سندس جو دوست سائين خادم سومرو صاحب جن جيڪي هڪ اين جي او سان لاڳاپيل آهن پڻ سنڌ جي تاريخ جا عاشق اهن انهن کي به اهو ماڳ ڏسڻو آهي ۽ ڪجھ تحقيق ڪرڻي اٿس، سوچيم گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن پاڻ لاءِ وقت ناهي ڪڍيو ته آچر ڏهاڙي تي هلڻ لاءِ حامي ڀريم ته دوستن سان گڏجي هلي اهو ماڳ ڏسجي.. 25 آگسٽ 2024ع آچر تي صبح جو ڏهين وڳي سائين وارن کي سچل ڳوٺ کان کڻڻ لاءِ پروگرام رکيو سين پر گھران نڪرندي 12 ٿي ويا، سائينءَ عنايت صاحب پئي سمجهيو ته منظور لنوائي ويو ۽ هاڻ نه ايندو، سائين ٻه ڀيرا فون ڪئي بس معذرت ڪندي چيم ته گهران نڪران ٿو بس ٿوري دير ۾، تنهن تي سائين ڏکاري انداز ۾ وراڻيو جئين اوهان بهتر سمجهو، پر مان مڪمل تيار ٿي ڪار تي نڪري سچل ڳوٺ لاءِ روانو ٿي ويس، 1 وڳي سچل ڳوٺ پهتس جتان سائين عنايت کٽياڻ ۽ سائين خادم سومرو کي ساڻ ڪيم، بدقسمتي سان ڏينهن به تکو ۽ گرم هيو، پر ڪار ۾ اي سي هئڻ سبب سڪون سان مڪلي جي سفر طرف روانا ٿيا سين، سائين خادم سومرو سان پهرين ڀيرو ملاقات هُئي، سائين سان ملي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ڇو ته سائين جن به پنهنجي ئي مزاج جهڙا لڳا جنهن ڪري ڪچهريون ڪندي محسوس ئي نه ٿيو ته ڪو پهريون ڀيرو ملاقات هُجي... رستي تي گهارو لڳ مشهور هوٽل تي چانھ پيتي سين، ۽ سفر طرف روانا ٿيا سين، سفر دوران، لطيف، سنڌ، مشهور ناول، اديب، ڏاها، سائين جي ايم سيد، سنڌ ۽ پنهنجا پنهنجا محبوب بحث مباحثي ۾ شامل رهيا، ڪچهريون، ٽهڪڙا، خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نيٺ وڃي مڪلي پهتا سين، اتي ارڪيالاجي کاتي جو سائيٽ مينيجر جتوئي صاحب مڪلي ريسٽ هائوس تي انتظار ڪري رهيو هو جن سهڻو آڌر ڀاءُ ڪيو، سندن جي ريسٽ هائوس تي تمام بهترين ڪچهري ٿي سائين جتوئي صاحب ارڪيالاجي جا شاگرد رهيا آهن جنهن سبب هتي اٺ سالن کان حڪومت سنڌ پاران 17 گريڊ جي افيسر طور پنهنجي خدمت ڏئي رهيا آهن. ڪچهري ڪندي تاريخ، مڪلي جي مقبرن جي اڏاوت، پٿرن جي نقش نگاري، ڪاريگرن جو تعلق، پٿرن تي چٽيل نقشن جو تعلق، مڪلي سان لاڳاپيل بادشاھن ۽ سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي جي اڳوڻي لکت بابت ڄاڻ لاءِ سٺي معلومات ۽ خيالن جي ڏي وٺ سهڻي انداز سان ٿي، جنهن بحث ۾ خاص ڪري سائين عنايت کٽياڻ ۽ خادم سومرو صاحب چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جن ڪجھ ڪتابن جا حوالا مڪلي بابت پئي ڏنا ڪجھ وقت ڪچهري ڪرڻ بعد اتي موجو بجلي تي هلندڙ ٽوئرسٽ گاڏي تي چڙهي سائين جتوئي صاحب مڪلي جي هر هڪ سائيٽ جو تفصيلي دورو ڪرايو، اسان سان گڏ اتي روس کان آيل وفد جن کي آئي بي اي ڪراچي جي ٽيم پاران آيل آفيسر جن ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد جيڪي پڻ سنڌي ئي هئا مڪلي جي تحقيقي دوري تي پهتل هئا ۽ جتوئي صاحب جن جا مهمان هئا پڻ اسان سان گڏجي ويا سهڻن ڳالھين جي ڏي وٺ ٿي ۽ گڏجي مڪلي جي دوري تي نڪتا سين، گھمندي گھمندي مڪلي جي آخري ڪنڊ اتر طرف جتي مائي مڪلي جي قبر ۽ دولهه دريا خان جو مقبرو آهي اتي هڪ اهڙو مقبرو پڻ گهمي ڏٺم جيڪو واقعي مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو، جيڪو ڄام نظام الدين جي نالي سان منسوب آهي، مڪلي لاءِ ته ڪيترا ڀيرا وڃڻ ٿيو آهي پر هي شاهوڪار مقبرو پهريون ڀيرو گهمي ڏٺم، جتي مقبري جي داخلي دروازي وٽان تمام سهڻو نقش ٿيل ڪنهن مندر جي اڏاوت مثل سهڻن پاون ۽ ونگن تي جڙيل در نظر آيو جنهن تي به شاهوڪار نقش نگاري ٿيل ڇت وٽان گيلري نموني جڙيل مهاڳ نظر ايو جنهن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي موهي وڌو، ان جي وٽ سان ڏاکڻي پاسي داخلي دروازي کان جڏهن مقبري ۾ اندر داخل ٿيا سين ته ٺيڪ ان گيلري جي جاءِ تي ان جي اندران مسجد جي محراب طور ٺهيل نظر ايو، مطلب ائين ڏسجي ته ٻاهران هڪ مندر جو ڏيک ڏيندڙ داخلي دروازو هجي ۽ ٺيڪ ان ئي جاء جي اندران مسجد جو محراب جڙيل نظر ايو جنهن ۾ پڻ نقش نگاري ٿيل هئي ۽ وڏي ڳالھ ته محراب ٺيڪ ڪعبي جي طرف ئي هيو جئين ڪو نماز به پڙهي سگهي، ٺيڪ ڏکڻ طرف کان هڪ ڏاڪڻ نظر آئي جيڪا سائين جتوئي صاحب جي ٿورن سان کولي وئي ۽ پهريون ڀيرو ان مقبري جي اندران ڏاڪڻ تي چڙهي ڏسڻ جو موقعو مليو جتان ڏاڪڻ تي چڙهندي اولهه طرف هڪ ڳڙخي، يا دري نظر آئي جتان بي انداز هوا ۽ روشني جو گذر ٿي رهيو هيو جو دل باغ بھار ٿي وئي دل ٿي گهريو ان دري ۾ ويهي رهجي ۽ هتان سج لهڻ جو منظر پسجي، وري ان ئي ڏاڪڻ ۾ اتر ۽ اوڀر طرف اڃا مٿي طرف چڙهڻ لاءِ پڻ ٻه ڏاڪڻيون نظر آئيون ۽ اهڙي طرح پاڻ مٿي چڙهي ويا سين جتان سموري مڪلي ۽ اوسي پاسي جو ڇاته وڻندڙ منظر هيو جو هڪ رومانس ڇائنجي ويو، ويتر وري ان مهل موسم صفا دلربا ٿي پئي ۽ سڀني دوستن پاران مختلف لڳل خوشبوئن ۽ پرفيوم هوا جي دوش تي ماحول کي معطر ڪري وڌو، خاص ڪري روس جي ايل وفد ۽ ساڻن گڏ آيلن ماحول کي مهڪائي وڌو ۽ مون پاران محبوبن جي پسنديده خوشبو Havoc سرور پئي ڏنو جتي جا ڪجھ منظر ڪيمرا ۾ قيد ڪيا اٿم، پر ان مقبري کي ڇت يا گنبذ نه هيو، بس 3 فٽن جيتري چوطرفن کان ڀت تي ننڍڙو ڪٽهڙو ڏنل هيو جتان آرام سان گهمي ڦري سگهجي ٿو پر وڏي احتياط سان، ٿورو به ڌيان هٽجن سبب ۽ ڪٽهڙو نه هئڻ سبب حادثو به ٿي سگهي ٿو، خير مان نه تاريخ دان آهيان نه ئي آثار قديم جو ڄاڻو پر پنهنجي ماڳن کي ڏسڻ، گهمڻ ۽ سمجهڻ جو شوق رکندڙ آهيان، وري جتي سائين عنايت کٽياڻ جهڙا تاريخ جا ڄاڻو سنگت ۾ هجن ته چاهه اڃا به وڌيڪ ٿي ٿو وڃي، اتان مقبري وٽان قدرتي منظر پنهنجي جوڀن تي هيو، اتي گهمندي ئي ڪڪرن ڪارا ويس ڪري ڇڏيا ۽ جهٽ پل ۾ وسڪارو به وسي پيو گهمڻ جو مزو محبوب جي ديدار جهڙو ٿي ويو، جيڪو مون اڳواٽ ڪراچي کان پيشنگوئي ڪري ڇڏي هُئي ته اڄ قهر جو ڏينهن آهي پر لڳي ٿو شام تائين موسم مٽجي محبوب جي ڦرڻي گرڻي انداز جيان ٿي سگهي ٿو ۽ اسان جو پنڌ اجايو نه ٿيندو جتي سائين خادم سومرو صاحب بهترين فوٽوگرافي ڪندر اهو پڻ ياد ڏياريو ته يار تو سهي چيو هو ته موسم محبوبن جي ملڻ جهڙو روپ ڌاريندو ۽ مزو اچي ويندو ۽ ان مهل جا ڪجھ منظر اوهان سان ونڊ ڪيان ٿو ۽ ڪجھ مون پاران تصويرون پڻ ورتم پئي سي به اوهان سان ونڊ ڪيان ٿو، روس جي وفد ۽ سندن سان آيل سنڌي ميزبان موڪلائي هليا ويا، پنهنجي سنڌي لڄائپ ۽ مهمانن جي لحاظ ڪارڻ تصويرون ڇڪرائڻ لاءِ ڪون چئي سگهيا سين، پر ڪٿي ڪٿي وڊيو ۾ ساڻ نظر اچي رهيا هوندا جنهن لاءِ مان معذرت ڪندي لکان ٿو ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ وفد اسان لاءِ تمام ادب ۽ احترام جي قابل آهن جيڪو اسان تي فرض پڻ آهي. آخر ڪار سج لٿي جتوئي صاحب جن کان موڪلائي ڪراچي لاءِ روانا ٿيا سين، رستي ۾ وري سهڻي ڪچهري ٿي جنهن ۾ صرف مون پاران ۽ سائين عنايت پاران پنهنجا حال پئي اوريا سائين خادم سومرو صاحب پئي مزا ورتا، اسان ٻنهي پنهنجا ۽ پنهنجي محبوبن جا سڀ احوال ونڊ ڪيا پر سائين خادم سومرو صاحب وٺي مزا ورتا ۽ ٽهڪڙا پئي ونڊ ڪيا، رات جو ڏهين وڳي ڌاري سائين وارن کي سچل ڳوٺ پهچائي مان گهر واپس موٽي آيس..