• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صفدر سنڌي شاعر، سماجي ورڪر ۽ صحافتي سفر ۾ خدمتون....!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
صفدر سنڌيءَ جون شاعري، سماجي ورڪر ۽ صحافتي سفر ۾ خدمتون ....!
فقير محمد سنڌي.

پيھي جان پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگـر ڏيھ ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
(شاھ لطيف)

ابتدائي زندگي ۽ پس منظر:
سنڌ ۾ سومرا دور پنھنجو شاندار ماضي رقم ڪري، موجوده صديءَ۾ ان جا اثر نمايان آهن. ڇو جو موجوده صدي تمام گهڻين ڳالھين ۾ اهميت جوڳي آهي. جنھن ۾ تمام گهڻيون ايجادون ۽ مشينري دور
ڪافي حد تائين ترقي حاصل ڪئي آهي. جنھن جا اثر سڌي ۽ اڻ سڌي طور هر فرد قبول ڪيا آهن. ماضي ۽ حال جو اثر اسان جي دلربا دوست صفدر سومري تي بہ تي نمايان نظر اچن ٿا. روزاني ڪوشش حيدرآباد جو لاڙڪاڻي لاءِ ذميوار بيورو چيف جي حيثيت ۾ پنھنجا فرائض احسن طريقي سان نڀايا، سوشل ڪمن ۾ نئين سنڌ لاءِ پاڻ ارپيو ۽ شاعريءَ جي سفر ۾ ڌرتيءَ جو مڻيادار شاعر آهي.
سومرا ذات کي هڪ اعزاز اهو بہ آهي تہ هو سنڌ جا حاڪم به رهيا آهن. دودي سومري پنھنجي ڌرتيءَ تان سر قربان ڪري پاڻ ۽ خاندان جي ڳاٽ کي هميشہ لاءِ بلند ڪيو. تڏهن تہ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ اسان جي يار صفدر سنڌيءَ جو بہ ڳاٽ اوچو آهي ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن لاءِ قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ شاعريءَ وسيلي بيداري ٿو پيدا ڪري. درياءَ اسان جو جياپو آهي، دريا رهيو تہ اسان جي جياپي جي ضمانت باقي رهندي.
دَرياءُ ٿو لَٽجي، هاڻي ته جاڳو!
تاريخَ ٿِي مِٽجي، هاڻي ته جاڳو!

ڌاريا آيا، ڌَرتيءَ جا نه ٿيا
سِنڌُ ٿِي لُٽجي، هاڻي ته جاڳو!

لَڌو سونُ هِتان، ڀَلو ٿيو ٻين جو
ڪوئِلو ٿو کَڄجي، هاڻي ته جاڳو!

تيل گئس ته ڇا، سمنڊ به سنڌ جو
ڌَڻِي ٿو پِسجي، هاڻي ته جاڳو!

قَسم خُدا جو، ڪوڙ نه آ
پاڻِي ٿو کَسجي، هاڻي ته جاڳو!

صفدر چوي هوش ڪر، سوچ ڪر او سنڌي!
سَڀُ ڪجهه ٿو ڦُرجي، هاڻي ته جاڳو!

صفدر سومرو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي زرخيز مٽيءَ ۾ پھرين فيبروري 1976ع تي تراب علي سومري جي گهر پيدا ٿيو.
صفدر سنڌي حب الوطني کي ايمان جو جزو سمجهي ٿو. زندگي ۾ عاجزيءَ هن کي عظمت ڀرين انسانن جي صف ۾ بيهاريو آهي. زندگيءَ ۾ ڪوشش کي هن پنھنجو مقصد بڻايو آهي. مالي مشڪلاتن جي باوجود، صفدر جي خاندان هن جي سکيا جي شوق کي همٿايو ۽ هن جي تعليمي سرگرمين ۾ مدد ڪئي.
ان مضبوط بنياد سندس مستقبل جي ڪاميابيءَ جو بنياد رکيو.
ڊاڪٽر احمد حسين ڪمال پنھنجي مضمون " ڪائنات، انسان ۽ فڪر جو سائنسي انداز" ۾ زندگيءَ جو انداز ڪجھ هيٺين ريت پيش ڪيو آهي.
زندگي کيا ہے، عناصر کا ظہور ترتیب،
موت کیا ہے، انہیں اجزاء کا پریشان ہونا.
"حقیقت هيءَ آهي تہ رڳو زندگي ئي نہ پر ڪائنات جي هر هڪ شيءِ عنصرن جي تربيتي عمل جو ڪرشمو آهي" اهڙيءَ طرح صفدر سنڌيءَ بہ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ علم ۽ ڏاهپ کان منھن ڪونہ موڙيو آهي، انساني حقن ۽ ڀلائي وارن مورچن کي اولين ترجيح ڏني آهي. تڏهن تہ ڀٽائي گهوٽ فرمايو.
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
مذهبي تعليمات وسيلي دنيا جي هر ساھ کي سڪون جي زندگي گذارڻ جو درس ڏنو ويو آهي جيئن انساني حقن جي پاس ڌاري ٿي سگهي. ان پاسي کي محسوس ڪندي صفدر سنڌيءَ پنهنجي زندگيءَ جي واٽ صحافت ۾ ڳولي ورتي.
صحافتي ڪيريئر ۽ پبلڪ سروس جو مول متو ڄاڻي مرڪزي خيال انسان دوستي جو ثبوت آهي. صحافتي موڙ تي صفدر کي گهڻي نموني جا ڏوهاري ڪردار مليا هوندا جن هن کي وقت سر جنجهوريو هوندو پر هڪ مضبوط ۽ مستقل مزاج رکندڙ فرد هر ڏکي موڙ سان منھن ڏئي ويندو آهي.
اياز گل چواڻي تہ :
بي قربن جي دنيا ۾ او قرب ورهائڻ وارا،
هرڪو تنھنجي هيرن جهڙن جذبن کي ٺڪرائيندو.
صفدر سنڌي جو صحافتي ڪيريئر عوامي خدمتن لاءِ لڱن ۽ جذبي جو ثبوت آهي. هڪ شاندار جستجو ۽ هڪ بهترين رڪارڊ سان، هن پاڻ کي ميڊيا انڊسٽري ۾ هڪ معزز صحافي طور متعارف ڪرايو جنھن جو ماضي ڪٿي بہ داغدار ڪونھي. سچائي ۽ انصاف سان سندس وابستگي کيس پنهنجي قارئين جو اعتماد حاصل ڪيو آهي. هڪ صحافي جي حيثيت سان، صفدر مسلسل سماجي ذميواري جي مضبوط احساس جو مظاهرو ڪيو آهي، پنهنجي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي اهم مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ مثبت تبديلي کي فروغ ڏيڻ لاءِ . هن جي عوامي خدمت جي شاندار جذبي ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگين تي هڪ بامعني اثر ڇڏيو آهي جنھن ۾ صفدر جا ڪالم، تجزيہ ۽ شاعري اتساھ جو سبب پڻ آهن.
صفدر سنڌي، سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ پنهنجي ماروئڙن سان بي پناھ محبت ڪندڙ آهي سندس شاعري بہ احساسن جي ترجماني ڪري ٿي. هو هن وقت صحافي تہ ڪونھي پر سنڌ جي ڏکويل ماروئڙن جو درد ڏسندي سوشل ورڪر جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض نڀائي رهيو آهي. صفدر جي شاعري موجوده حالتن جي عڪاسي ضرور ڪري ٿي.
زندگي جي چوواٽي تي گهڻا يار ها،
مطلب جي دروازي تي گهڻا ڏار ها.
ڪو سچو ساٿي نہ هو پورهيت جو،
وڏيري جي خوشامند لاءِ گهڻا تيار ها.
ڏٺو سوليءَ تي لٽڪيل لاش غربت جو،
وزير جي اوطاق تي آفيسر گهڻا ڪمدار ها.
حقدار کي حق آخر ڪيئن ملندو صفدر،
هتان جي منصف جا بہ گهڻا ڪردار ها.
ذاتي ڪاميابيون ۽ موجوده ڪردار
اڄ صفدر سومرو 17هين گريڊ جي آفيسر جي حيثيت سان سنڌ جي هڪ سرڪاري کاتي ۾ هڪ باوقار عهدي تي فائز آهي سندس محنت ۽ ثابت قدمي جو ثبوت آهي. هن جي عملي قدم جي شروعاتن جي باوجود، هو عزت ۽ اختيار جي حيثيت حاصل ڪرڻ لاء معاشري ۾ دوستيءَ جي دم تي اڃان وڌيڪ مقام ماڻيو آهي. صفدر جو سفر ڪيترن ئي فردن لاءِ هڪ مثال آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته عزم ۽ مضبوط ڪم جي اخلاقيات سان، ڪو به ماڻهو مشڪلاتن تي غالب اچي سگهي ٿو ۽ پنھنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو. صفدر سنڌي پنهنجي شاندار ڪيريئر ذريعي پاڻ کي هڪ سچو ليڊر ۽ عوامي خدمت جو هڪ روشن مثال ثابت ڪيو آهي. زندگيءَ جي هر پل کي محبوب جي مرڪ سمجهي آسان بڻائي ڏيکاريو آهي.
ڪڪرن جي رٿ تي هلي آءُ پيارا،
اها ڳالھ هڪڙي اسان جي مڃو ڪا.
ٻنھي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي ﷲ عليه وسلم فرمايو، تہ " جيڪو ڪوشش ڪندو، ان کي ان ڪوشش جو ڦل ضرور ملندو. ڪوشش ڪندا ڪريو، ڇو تہ ﷲ تعالي توهان تي ڪوشش فرض ڪئي آهي."
صفدر سومرو سنڌ جو اهو ساڃاھ وند آهي جنھن مال نہ، دوست ميڙيا آهن ۽ جن دوستن کي ميڙيو سمجهو ان نوراني خزانو گولي لڌو. تڏهن تہ ڀٽائي گهوٽ اهڙن ڪردارن لاءِ فرمايو آهي.
ماڻھو گهرن مال، آءُ سڀ ڏينھن گهران سپرين،
دنيا تنھن دوست تان، فدا ڪريان في الحال،
ڪيس نام نهال، پسڻ تان پري ٿيو.
صفدر سنڌي عام سادي زندگي ۾ غريبن جو هڏ ڏوکي صحافت جي سفر کان 17هين گريڊ جي آفيسري رات جي پيٽ ۾ ڪونہ حاصل ڪئي آهي ان ۾ ان جي ڪوشش، خانداني تعاون ۽ دوستن جون دعائون شامل آهن. هن دور ۾ ايترا سارا ڪٺن مرحلا طئي ڪرڻ آسان ڪم ڪونھي. صفدر سنڌي جا زندگيءَ ۾ کنيل قدم ۽ ڪمن کان سڄاڻ حلقا چڱيءَ طرح واقف آهن. منھنجي اها ئي دعا آهي تہ پنھنجي خاندان ۽ پرين پيارن دوستن سان سدائين سلامت هجي.
ڪري قرب پيارا اچو اڄ اڱڻ تي،
ڪيو پيار ويھي سو دل جي چوڻ تي.
روزاني عوامي ڪوشش لاڙڪاڻو
پھرين فيبروري 2025ع،
 
Back
Top