تنهنجي زال جي بدن جو جيترو حصو ڍڪيل آهي، ان تي تنهنجو حق آهي،
پر جيڪو حصو کوليل آهي، ان کي ڏسڻ جو حق اسان سڀني جو آهي.
پر جيڪو حصو کوليل آهي، ان کي ڏسڻ جو حق اسان سڀني جو آهي.

چون ٿا ته قاهره کان ويندڙ ٽرين ۾ چڙهيل اهو پوڙهو گهٽ ۾ گهٽ سٺ سالن جو هو. سندس رهڻي ڪهڻي ۽ لباس هر لحاظ کان ڳوٺاڻو لڳي رهيو هو، پر ان سان گڏ هو هڪ دانا ۽ سمجهدار ماڻهو لڳي رهيو هو.
هڪ اسٽيشن تي ٽرين بيھندي آهي، ۽ هڪ نوجوان جوڙو چڙهي اچي ٿو، جيڪو انهي پوڙهي جي سامهون واري سيٽ تي اچي ويهي ٿو. صاف ظاهر هو ته نئون پرڻو ٿيل جوڙو هو. پر افسوس جي ڳالهه اها هئي ته ڇوڪري انتهائي غير مناسب لباس پهريل هئي. برمودا پينٽ ۽ بنا آڱرين واري شرٽ، جنهن جو ڳاٽ به کليل هو. انهيءَ لباس ۾ رڳو سندس ڪلهن نه پر بدن جو وڏو حصو بي پرده نظر اچي رهيو هو.
مصر ۾ اهڙو لباس عام ڳالهه هئي، ۽ ڪو به ڇوڪريءَ کي بدنيتي سان نه ڏسندو هو. پر ان پوڙهي جو رويو سڀني لاءِ حيران ڪندڙ هو، خاص طور ڇوڪري جي مڙس لاءِ، ڇو ته پوڙهو بنا ڪنهن شرم جي ڇوڪري کي غور سان ڏسڻ لڳو. سندس نظرون ڪڏهن ڇوڪري جي کليل ڪلهن تي هونديون ته ڪڏهن سندس اگهاڙين ٽنگن تي.
مٿان وري اهو ته پوڙهي پنهنجي چھري کي هٿڙن تي ٽيڪ ڏئي، آرام سان ڇوڪري کي ڏسڻ لڳو. ڇوڪري بي چين ٿي پئي، بار بار پاسو بدلائي رهي هئي. آخرڪار ڇوڪرو غصي سان چوڻ لڳو:
"بابا، ڪجهه ته حيا ڪريو! شرم اچڻ گهرجي توهان کي، پنهنجي عمر ڏسو ۽ پنهنجون حرڪتون ڏسو! پنهنجو منهن ٻي طرف ڪريو ۽ منهنجي زال کي سک سان ويهڻ ڏيو!"
پوڙهي ڳوٺاڻي تحمل سان ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي، پوءِ وقار سان جواب ڏنو:
"پٽ، مان نه ته توکي اهو چوندس ته پاڻ شرم ڪر، نه ئي اهو چوندس ته توکي پنهنجي زال کي اهڙو لباس پهرائڻ ۾ شرم نه آيو؟
تون آزاد انسان آهين، جيڪڏهن چاهين ته پاڻ به اگهاڙو گهم ۽ پنهنجي زال کي به گهما.
پر مان توکي هڪ ڳالهه چوندس:
ڇا تو پنهنجي زال کي اهڙو لباس ان لاءِ پهرايو آهي ته اسان ان کي ڏسون؟ جيڪڏهن تنهنجو ارادو اهو ئي هو، ته پوءِ ڪاوڙ ڇا جي؟"
پوڙهي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
"ڏس پٽ، تنهنجي زال جي بدن جو جيترو حصو ڍڪيل آهي، ان تي تنهنجو حق آهي، پر سندس بدن جو جيترو حصو کوليل آهي، اهو ڏسڻ اسان سڀني جو حق آهي !"
"۽ جيڪڏهن توکي منهنجي ويجهو ويهي تنهنجي زال کي ڏسڻ تي تڪليف ٿي آهي، ته ان ۾ منهنجو قصور ناهي، منهنجي نظر جو قصور آهي، جيڪا ڪمزور آهي، ان ڪري مون کي ويجهو ٿي ڏسڻو پوي ٿو."
پوڙهي جي ڳالهين ۾ نصيحت ته هئي، پر هڪ نرالي طريقي سان. ماڻهن سمجهي ورتو هو ته هن پنهنجي پيغام جوڙي تائين پهچائي ڇڏيو. ڇوڪريءَ جو چهرو شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ ڇوڪرو ته ايئن لڳي پيو ڄڻ زمين ڦاٽي وڃي ۽ هو ان ۾ لهي وڃي.
جڏهن ايندڙ اسٽيشن تي ڇوڪرو لهڻ لاءِ تيار ٿيو، ته پوڙهي کيس سڏ ڪندي چي:
"پٽ، اسان جي ڳوٺن ۾ وڻن جا پن جيستائين ڍڪيل هوندا آهن، ۽ اھي تيستائين محفوظ هوندا آهن، جيسين ڍڪيل ھجن پر جيڪڏهن ڪنهن وڻ جا پن ڇڻي وڃن ته اسان ان کي ڪهاڙي سان ڪاٽي، تنور ۾ وجهي ساڙي ڇڏيندا آهيون!"
اڄ جي ڳالهه ڪڙي آهي، پر آھي حقيقت آهي!