ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
ساٿيو.. سنڌ سلامت فورم ۾ نئين »Travelling« سيڪشن شامل ڪرڻ جي تجويز ذهن ۾ آئي آهي، هن وقت سفر متعلق تحريرون «مختلف موضوع» ۾ رکيون وڃن ٿيون جيڪڏهن الڳ سيڪشن هجي ته ممبرز کي هن اهم موضوع بابت مواد ڳولهڻ ۽ پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي. سيڪشن جو نالو “سير سپاٽو” يا ڪو ٻيو بهتر نالو رکي سگهجي ٿو.
هي سيڪشن ميمبرن لاءِ هڪ بهترين جاءِ هوندي، جتي هو پنهنجي سفر جا تجربا شيئر ڪري سگهندا، ان کان علاوه عام پڙهندڙ ممبر نوان مقام ۽ دلچسپ جاين بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا. سيڪشن ۾ مختلف ممبر هڪٻئي سان سفر بابت مفيد ڄاڻ، سٺا ۽ اڻ وڻندڙ تجربا به شيئر ڪري سگهندا.
سيڪشن جا اهم فائدا:
سفر جا تجربا: ميمبر پنهنجي سفر جون يادون، تجويزون، ۽ مشورا شيئر ڪري سگهندا.
تصويرون ۽ وڊيو ڪلپس: اڄڪلهه هر ڪنهن وٽ موبائيل فون موجود آهي، اهي ممبر جيڪي گهڻو لکڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن اهي به هن سيڪشن ۾ پنهنجي شهر ۽ ڳوٺن جون خوبصورت، منفرد ۽ لڪل خوبصورت جڳهن جون تصويرون ۽ ڪلپس پوسٽ ڪري سگهندا ، اها ايڪٽوٽي سڀني لاءِ حوصلا افزائي جو سبب بڻجندي.
تاريخي ۽ ثقافتي ڄاڻ: مختلف هنڌن جي تاريخي پسمنظر ۽ ثقافتي اهميت تي بحث ڪرڻ جو موقعو ملندو.
سفر جا مشورا ۽ رهنمائي: نون ۽ ناتجربيڪار مسافرن لاءِ معلوماتي ۽ مددگار صلاحون پڻ مهيا ڪري سگهجن ٿيون.
هيءُ اضافو نه صرف فورم کي وڌيڪ متحرڪ ۽ معلوماتي بڻائيندو، پر اسان سڀني لاء هڪ مضبوط ۽ محفوظ سفر ۾ به مددگار ثابت ٿيندو.