
سائنسي ايجادون، نيون ڳولائون، علم، ۽ خيال انهن کي به فائدو ڏين ٿا، جيڪي سائنس، علم، ۽ انسانيت جا دشمن هوندا آهن.
بغير ڪنهن امتيازي مذهب، نسل، ۽ عقيدي، سائنسدان انسانيت جا خدمتگار هئا.
ايڊيسن جو بلب ۽ ڊسپرين جي گوري وغيره، ڪنهن مولانا جي ڳڻپ کان ٻاهر ڪتابن ۽ تقريرن کان بهتر آهن.
نيوٽن، نڪولا ٽيسلا، رچرڊ فينمين، اليگزينڊر فليمنگ، آئنسٽائن، ميري ڪِيُوري، ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا سائنسدان ۽ موجد نه صرف بهترين انسان هئا، پر انسان دوست مفڪر به هئا. انهن مان گهڻا سٺا هيومنسٽ، ريشنسٽ، ۽ اسڪالر پڻ هئا.
اسان وٽ ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ سائنسدان مشين، روبوٽ، يا ڪا الڳ مخلوق، يا ڪو ٻاهريون نسل سمجهيا ويندا آهن، (جهڙوڪ ڪافر، مشرڪ، يا مذهب جا دشمن).
اهو عام طور تي مذهبي تعصب، ڪم ظرفي، ۽ بگڙيل ذهنيت جي ڪري ٿئي ٿو، جيڪا ننڍپڻ کان وٺي اسان کي عقيدي جي آڙ ۾ وڌي وئي آهي.
جڏهن ته وڏا سائنسدان ۽ موجد نه رڳو وڏا انسان هئا، پر وڏا اسڪالر به هئا.