توهان عمومن ڏٺو هوندو ته اسين شاپ تان سي ڊيز وٺي ايندا آهيان فلم سافٽوئير وغيره مسئلو اهو ايندو آهي ته اها سي ڊي ڪرپٽ هئڻ جي ڪري هلندي نه آهي جهڙوڪ ڪا اسين فلم وٺي آياسين پر اها هلي ڪونه ٿي ڇو ان جا فائل ختم ٿي چڪا آهن ۽ نه وري اها اسانجي ڪمپيوٽر ۾ ڪاپي ٿيڻ ٿا ان جي لاءِ هي سافٽويئر اچي ويو آهي توهان هن کي انسٽال ڪري ڪا خراب سي ڊي وهجي ان جا فائل ڪاپي ڪيو انشالله ڪاپي ٿي ويندا ان ذريعي توهان مووي وغيره ڏسي سگهندا هن جي تصوير ۽ لنڪ هيٺ ڏيان ٿو۔ Uploaded with ImageShack.us هي لنڪ آهي هتي ڪلڪ ڪيو۔ http://depositfiles.com/en/files/2w8mi48fd
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ ادا همانگير توهان ته واقعي بهترين سافٽوئير شيئر ڪيو آهي اهو مسئلو ته گهڻن دوستن سان پيش ايندو آهي ڪافي دفعا مون سان به ائين ٿيو آهي ليڪن هاڻي لڳي ٿو ته اها پريشاني نه ٿيندي۔ اوهان جي مهرباني جو اوهان سنڌي ڀائرن سان اهڙو سٺو سافٽوئير ونڊ ڪيو الله تعالى اوهان کي شاد رکي۔
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ ادا رحيم بخش صاحب اميد ڪيان ٿو ته مان هن فورم تي تمام انتهائي ڪارآمد سافٽويئر شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ هائو يار! اهو ڪم ڪيو اٿئي نه ثواب جو ۔۔۔ ڪئي اهڙيون سي ڊيز نه هلنديون آهن بلڪه پڙ ڪڍي بيهنديون آهن پر لڳي ٿو ته هاڻ ۔۔۔ سوٽي هجي ساڻ ته گڏهه گوهي ئي نه ڪري ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿوارا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ ادا نثار صاحب پنهنجي ڪوشش جاري رهندي هميشه جنهن مان اسانکي فائدو پوي اميد ڪيان ٿو اسان ڀائرن جو ساٿ ائين ئي رهندو پيار محبت سان هڪ ٻئي سان شيئرنگ پئي هلندي رهندي سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ تمام بهترين ونڊ آهي ادا همانگير سولنگي صاحب ان حوالي سان ته ڪافي سافٽ ويئرس آهن مارڪيٽ ۾ پر توهان جو هي شيئر ڪيل سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪري پو۽ ئي پنهنجا ڪمينٽس ڏيندس سدائين گڏ
جواب: هي تمام سٺو سافٽويئر آهي۔ http://depositfiles.com/en/files/2w8mi48fd ادا لنڪ ڪلڪ ڪرڻ سان هي جواب ملي ٿو This file does not exist, the access to the following file is limited or it has been removed due to infringement of copyright.
جي ادا مون وٽ به اهو ساگو ايرر اچي رهيو آهي۔ This file does not exist, the access to the following file is limited or it has been removed due to infringement of copyright.