• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏيندا رهو ته گهرندا به رهو..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
file-QKhzGxQgkUtQ1iRNHtHyhG.webp

هيءُ واقعو منھنجو ناھي، پر منھنجي ھڪ دوست ٻڌايو ھو، ۽ ان به ڪنھن ٻئي کان ٻڌو ھو. پر هيءُ ڪمال جو واقعو آھي، جنھن ۾ زندگي جو ھڪ بهترين سبق لڪيل آھي.

ٻڌائيندڙ ٻڌايو: "مان پڙھائي پوري ڪرڻ کان پوءِ لنڊن مان واپس آيس، سڄو ڏينھن گھر ۾ بيڪار ويٺو ھوس. ھڪ ڏينھن، منھنجي والده مونکي چيائين: 'تڪڙو وڃ، ۽ پاڙيسرين کان ٿورو لوڻ وٺي اچ.' مون حيران ٿي امان ڏانھن نهاريو ۽ چيم، 'امان، اوھان ته ڪالهه ئي لوڻ خريد ڪيو هو، اهو ڪاڏي ويو؟ ۽ ٻيو ته الله جو اسان تي وڏو ڪرم آھي، پوءِ اسان کي پاڙيسرين کان لوڻ وٺڻ جي ڇاجي ضرورت آھي؟'

منھنجي ماءُ مرڪندي چيو: 'تون پهريان لوڻ وٺي اچ، پوءِ توکي سمجهايان ٿي.' مان بيزاريءَ سان پاڙيسرين ڏانھن ويس. اسان جا پاڙيسري گهڻو غريب هو، سندس دروازو به ڀڳل هو. در کڙڪايم، ته گھر واري ٻاهر نڪتي. مون سلام ڪيو ۽ چيو، 'مان اوھان جي پاڙيسري خواجه صاحب جو پٽ آھيان، منھنجي والده کي ٿورو لوڻ گھرجي، جيڪڏھن ممڪن هجي ته مهرباني ڪري ڏيو.'

اهو ٻڌي، ان عورت جي منهن تي مرڪ اچي وئي، هوءَ اندر وئي ۽ ھڪ ننڍڙي ڪٽوريءَ ۾ ٿورو لوڻ وجهي آئي. مون ڏانھن ڏيندي چيائين، 'پٽ، امان کي منھنجي سلام ضرور ڏجان، ۽ کين چئو ته جيڪڏھن ڪا ٻي ضرورت هجي ته به ضرور چئي سگهن ٿيون. مون وٽ اڄ تازيون ڀينڊيون به آھن.'

مون ٿورو شرم محسوس ڪيو، پر ٿورا لفظ چئي، لوڻ کڻي گھر وري آيس. امان ڏٺو ته مان ناراض آھيان، ته ھن ٽهڪ ڏيندي منھنجي مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيو، 'پٽ هي غريب آھن. هي روز مونکان کاڌي لاءِ ڪا نه ڪا شيءِ گھرن ٿا. شروع شروع ۾، جڏھن انھن جا ٻار اسان جي گھر جو در کڙڪائيندا ھئا، ته مون انهن جي اکين ۾ شرمندگي ڏٺي. انھن کي ان احساس کان بچائڻ لاءِ، مون به کائن ڪا نه ڪا شيءِ گھرڻ شروع ڪئي. ڪڏهن لوڻ، ڪڏهن مرچ، ته ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ.'

امان جا لفظ ٻڌي، منهمجيون اکيون آليون ٿي ويون. امان کي ڀاڪر پائي سندن هٿ چميم. پوءِ ھن مونکي زندگي جو وڏو سبق ڏنو: 'پٽ، پنھنجن غريب پاڙيسرين، مٽن مائٽن، ۽ دوستن کان ننڍيون ننڍيون شيون گهرندا رهو، ان سان انهن جي انا سلامت رهندي ۽ توهان سان تعلق مضبوط ٿيندو.'

اهو ٻڌي، مون ٻيهر ماءُ جي ھٿن کي چميو. شام جو، امان ان پاڙيسري کي ڀاڄي موڪلي، ۽ موٽ ۾ انهن وري ٿوري ڀينڊي موڪلي گھرڻ لاءِ ويوس.

هيءُ واقعو منهنجي لاءِ اک کوليندڙ هو. پوءِ مونکي والد جو هڪ پراڻو عجيب عادت به ياد آيو. هو پنھنجي دوستن کان هميشه حقو، گُڙ يا تماڪ گهريندو هو. حالانڪه، اسان وٽ اڳ ۾ ئي هر شيءِ موجود هوندي هئي. هڪ ڏينهن مون ان کان پڇيو، 'ابا، اوهان وٽ سڀ ڪجهه موجود آهي، پوءِ اوهان دوستن کان ڇو گهرندا آهيو؟'

ابا مرڪندي چيو: 'منھنجا دوست هاڻي پوڙها ٿي ويا آھن. اڪيلائيءَ جو شڪار آھن. انهن لاءِ منھنجي ھيءَ ننڍڙي فرمائش، خوشيءَ جو سبب بڻجي ٿي. مان جڏهن انهن کان ڪا شيءِ گهران ٿو، ته اهي خوش ٿي وڃن ٿا. ان بہاني، مون سان ملڻ اچن ٿا، مان انهن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃان ٿو، انهن جو خيال رکندو آھيان، ۽ واپسيءَ تي انهن لاءِ نوان ڪپڙا ۽ جُتيون به وٺي ڏيندو آھيان. ائين، اسان جو رشتو زنده رهي ٿو.'

اها حقيقت، مونکي لوڻ واري واقعي کان پوءِ ئي سمجهه ۾ آئي. اسان جي پراڻي نسل جا ماڻهو ڪيترا وسيع دل ۽ محبت ڀريا هئا، جيڪي هر حال ۾ ماڻهن سان جوڙيل رهندا هئا.
 
Back
Top