• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز ۾ فائيلن کي تيزيءَ سان نئون نالو ڏيڻ جا 4 طريقا

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
windows-11-file-explorer-android.jpg

آفيس ۾ هڪ ئي وقت ڪيترين فائيلن سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ۽ وري سنڌ سلامت تي مضمونن لاءِ، مون کي اسڪرين شاٽس يا لاڳاپيل تصويرون وٺڻيون پون ٿيون ۽ انهن کي ايڊٽ ڪرڻو پوي ٿو ته جيئن مضمونن ۾ شامل ڪري سگهان. عام طور تي، اهي تصويرون ڊيفالٽ نالن سان محفوظ ٿين ٿيون، جيئن IMG_123، جيڪو انهن کي ترتيب ڏيڻ وقت مشڪل ٿيو پوي. ساڳيو مسئلو وڊيوز سان به ٿيندو آهي. منهنجي ڪئميرا وڊيوز SD ڪارڊ تي MOV_123 وانگر محفوظ ڪري ٿو ۽ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي فائيلن سان ڪم ڪرڻ دوران ڪافي مونجهاري جو سبب بڻجي ٿو.

شروع ۾ هر فائيل جو نالو هٿ سان تبديل ڪندو هئس، پر پوءِ محسوس ٿيو ته اهو تمام گهڻو وقت وٺي ٿو. ان کان پوءِ مون ونڊوز تي فائيلن کي بيچ ۾ نئون نالو ڏيڻ جا طريقا ڳولڻ شروع ڪيا.

جيڪڏهن اوهان جو ڪم منهنجي ڪم وانگر آهي، ته توهان به مون وانگي هاڻي نوان طريقا ن آزمايو، جن سان اوهان هڪ ئي وقت ڪيترين فائيلن کي هڪ ڪلڪ سان نئون نالو ڏئي سگهو ٿا.

1. فائيل ايڪسپلورر استعمال ڪندي
سادو طريقو پر ڪجهه حدن سان

batch-rename-files-windows-11-7.jpg
ونڊوز جو بلٽ ان فائيل ايڪسپلورر هڪ ئي وقت ڪيترن فائيلن کي نئون نالو ڏيڻ لاءِ هڪ سٺو آپشن آهي. بس ان فولڊر تي وڃو، جتي فائيلون آهن، Control + A دٻائي سڀني فائيلن کي چونڊيو، پوءِ ڪنهن به فائيل تي Right Click ڪري Rename چونڊيو. هاڻي اوهان کي هڪ نئون نالو داخل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.

مثال طور، جيڪڏهن اوهان "Screenshot" نالو ڏيو، ته فائيلون هيٺين نموني رينيم ٿينديون:
Screenshot (1), Screenshot (2), Screenshot (3)

جيڪڏهن غلط نالو لکي ڇڏيو، ته بس Control + Z دٻائي واپس آڻي سگهو ٿا.



2. PowerRename – PowerToys جو استعمال
ونڊوز لاءِ جديد حل

powerrename-1.png

ڪيتريون ئي خاصيتون، جيڪي ونڊوز ۾ بلٽ ان نه آهن، انهن لاءِ Microsoft PowerToys هڪ بهترين ٽول آهي. ان ۾ PowerRename نالي خاصيت موجود آهي.

PowerRename استعمال ڪرڻ لاءِ، Microsoft Store مان PowerToys ڊائون لوڊ ڪريو، پوءِ ان ۾ PowerRename کي فعال ڪريو. هاڻي جڏهن به فائيلن کي چونڊيندي، Rename with PowerRename آپشن نظر ايندو.
PowerRename سان اوهان:
فائيلن ۾ اضافي ٽيڪسٽ شامل ڪري سگهو ٿا
غير ضروري لفظ ختم ڪري سگهو ٿا
خاص لفظ بدلائي سگهو ٿا
فائيلن جي نالن ۾ تاريخ، وقت، مقام وغيره شامل ڪري سگهو ٿا


3. Bulk Rename Utility – وڌيڪ آپشنز سان

blk-rename-utility-homepage.jpeg

جيڪڏهن اوهان کي PowerRename کان به وڌيڪ خاصيتون گهرجن، ته Bulk Rename Utility بهترين آپشن آهي.
هي ٽول اوهان کي هيٺيان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو:

فائيلن جا اکر Capital يا Small ڪري سگهو ٿا
فائيلن مان انگ يا خاص نشان ختم ڪري سگهو ٿا
هر فائيل جي نالي سان Parent Folder جو نالو شامل ڪري سگهو ٿا
Clipboard مان ٽيڪسٽ پيسٽ ڪري نالو بدلائي سگهو ٿا
خاص رينيم فارميٽس Favorites طور محفوظ ڪري سگهو ٿا
ان کان علاوه، ان ۾ Preview Feature به آهي، جنهن سان اوهان اڳواٽ ڏسي سگهو ٿا ته فائيلن جا نالا ڪيئن نظر ايندا، ان کان اڳ جو حتمي تبديلي ڪريو.




4. Advanced Renamer – تيز ۽ مڪمل

advanced-renamer-homepage.jpeg

جيڪڏهن Bulk Rename Utility جو يوزر انٽرفيس مشڪل لڳي ٿو، ته Advanced Renamer وڌيڪ سولو ۽ طاقتور ٽول آهي.
ان ۾ Bulk Rename Utility جون سڀ مفت خاصيتون موجود آهن، گڏوگڏ ڪجهه اضافي خاصيتون به مفت آهن، جيڪي Bulk Rename Utility جي پريميم ورزن ۾ آهن، جهڙوڪ:
EXIF Data کي پڙهي تصويرن جا نالا ترتيب ڏيڻ
MP3 فائيلن لاءِ Artist Name شامل ڪرڻ
GPS Data مان مقام پڙهي ان کي فائيل جي نالي ۾ شامل ڪرڻ
جيڪڏهن اوهان تمام گهڻيون تصويرون ڪڍندا آهيو ۽ انهن کي مقام مطابق ترتيب ڏيڻ چاهيو ٿا، ته هي خاصيت تمام گهڻي مددگار ثابت ٿيندي.




آخري لفظ:
جيڪڏهن اوهان کي سادي ۽ تيز طريقو گهرجي، ته File Explorer يا PowerRename بهترين آهن. جيڪڏهن اوهان کي وڌيڪ اختيارن سان ڪم ڪرڻو آهي، ته Bulk Rename Utility ۽ Advanced Renamer وڌيڪ طاقتور ٽولزآهن.

اميد آهي ته هي طريقا اوهان جي ڪم کي وڌيڪ تيز ۽ منظم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا!
 
Back
Top