واهه ڀٽائي تنهنجي واٽ

'مقالا' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2009۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ


    واهه ڀٽائي تنهنجي واٽ

    عاشق سولنگي

    جنين سک ناه ڪو، چارڻ سي چئجن.

    رڃن راه پڇن ، مٿي ڪلھن ڪينرا.
    ” شاه”

    شاھ سائين جي رسالي ۾ سر پرڀاتي اھڃاڻ آھي اٻوجھن لاءِ سجاڳي جو، شاھ سائين اونداھ جي خاتمي ۽ روشني جي ظاھر ٿيڻ کي پرڀات سڏيو آھي. ۽ ھي سبق ڏنو ته اميدون موجود آھن پر خلوص جدوجھد ڪيو، جھڙي به حال ۾ آھيو، رڳو وقت جو قدر ڪيو، قربانيون ڏيڻ سکي پئو، آرام کي حرام سمجھو، رڃن ۾ راھون پڇي قدم وڌايو، وکون کڻو ته انقلاب ۽ آزادي کي پھچي پئبو. غلامين جي ڌٻڻين ۾ ڦاسندي ڦاسندي انسان اڻڄاڻائي جي اوڙاھ ۾ اڇلجي ويندا آھن، غلامي جي براين ۾ غلطان ٿيندي انسان چڱائين ۽ مداين ۾ فرق ڪرڻ ئي ويساري ويھندو آھي، ان سڄاڳي لاءِ ڪي ايماندار ، وفادار سخي ماڻھو چارڻ بڻجي رڃن ۾ ڪاھي پوندا آھن. انھن چارڻن کي ھر وقت آزادي ۽ انقلاب جي سڏ کي سريلو بڻائڻ لاءِ ڪلھن تي ساز موجود ھوندا آھن. شاھ سائين چيو ته جنين سک ناھ ڪو، چارڻ سي چئجن، چارڻ اھي آھن جن کي ڪو به سک آرام ناھي. ھو ھر وقت جدوجھد ڪندڙ ھوندا آھن. ھو ھڪ لمحي لاءِ به جدوجھد کان ٻاھر نه ھوندا آھن. آزادي جا سج اڀارڻ لاءِ چارڻ سڄيون راتيون جاڳندا آھن. غور فڪر ڪندا رھندا آھن. ساٿين کي سنڀاليندا آھن. جتي سجاڳي ۽ ڄاڻ جي اڻاٺ ايتري آھي جو رڳو رڃ ئي رڃ نظر ٿي اچي ، چار ڻانھن رڃن ۾ سجاڳي جو سفر جاري رکندا آھن. عاشق، عابد، عارف، سالڪ ۽ انقلابي ڪڏھن به پنھنجي پنھنجي ڪرت کان غافل نه رھندا آھن. ھر ڪنهن کي پنھنجي پنھنجي منزل جي روشني تائين پھچڻ جي تانگهه ھوندي آھي. ۽ ساڻن سازو سامان پنھنجي پٺي تي موجود ھوندو آھي.

    انسان لاءِ حقيقي سک ۽ آرام، عزت ۽ خوشحاليون آزادي جي انقلابن ۾ سمايل آھن. جڏھن غلامين جي اونداه ختم ٿيندي ۽ آزادي جي پرڀات ٿيندي ته آزادي جي احساس کي محسوس ڪندي ھر فرد خودبخود چـڱاين ڏانھن راغب ٿيندو.

    شاھ سائين جدوجھد ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪرائيندي ھدايت ڏئي ٿو ته ڪلھن تي ڪينر کڻي ھي سريليون صدائون ھڻندا غلامن ۾ آَزادي جي پرچار ڪرڻ لاءِ چارڻ بڻجي پئو ۽ رڃن ۾ راھون ھموار ڪندا اڳتي وڌندا رھو. شاھ سائين انھن جدوجھد ڪندڙساٿين جي سڃاڻپ ڪرائيندي چوي ٿو ته جيڪي سک سان ستل يا ويٺل ناھن. جن کي دنيا جون ڪي به آسائشون ۽ لذتون ميسر ناھن. جن پنھنجا سک ڦٽايا آھن. چارڻ اھي ئي چئي سگھجن ٿا، سکن ۾ رھندڙ ماڻھو چارڻ بڻجي رڃن ۾ راتيون نه ٿا گذاري سگھن، جيڪي ماڻھو مسلسل جدوجھدن ۾ ھوندا آھن ته انھن کي ھڪڙو فائدو اھو به پھچندو آھي ته اھي ماڻھو تمام گناھن کان به بچي پوندا آھن. انيڪ براين کان پري رھندا آھن. اھي چارڻ مست مگن ٿي رڃن ۾ صدائون ھڻندا ، سجاڳيءَ جو سڏ ڏيندا آھن. آزادي لاءِ آماده ڪرڻ لاءِ سريلا ساز وڄائي ، سچائي، سرت، سڄاڳي، سلامتي ۽ سورھيائي جا نغما ڇيڙيندا آھن. ھر وقت جدوجھد ۾ رھندڙ ماڻھو انساني ڪمزورين کان ڪوھين ڏور ھوندا آھن.

    انسانن، قومن ۽ وطنن جي آزادي لا پڻ چارڻ بڻجي سک ڦٽائي جھر جھنگ، جبل، ٻيلا، ٿرن ۽ برن ۾ جھاڳڻو پوندو، آزادين جي عاشقن کي آزادين جي حاصلات لاءِ ھر قسم جي اونداھين سان روشنين لاءِ جھيڙڻو پوندو، جھالت ۽ نااھلي جي اونداھ سان ويڙھاند ڪري، علم ۽ اھليت جي روشني به اپنائڻي پوندي. ۽ اجاڳر به ڪبي رھبي، رڃن کي جھاڳي آزادين جون راھون ھموار ڪندي منزلن تي پھچڻ لاءِ روشن خيالي ۽ اڻ ورچ چارڻن جي ضرورت ھوندي آھي يعني اٽل ارادي وارن بيباڪ ۽ قربانيون ڏيندڙ انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مسلسل محنت ۽ عقلمندي ۽ قربانيون ڏئي ھر قسم جو سک آرام ڦٽو ڪرڻ سان ئي منزلون ماڻي سگھبيون. سنڌ ۽ دنيا جي سمورن غلام قومن ۽ غلام ماڻھن کي شاھ سائينءَ جي ھن عالمي انقلابي رھنمائي مان فيض حاصل ڪرڻ گھرجي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام لاجواب ادا علي علي
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا علي علي تمام لاجواب شيئرنگ آهي،
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: واهه ڀٽائي تنهنجي واٽ

    انسان لاءِ حقيقي سک ۽ آرام، عزت ۽ خوشحاليون آزادي جي انقلابن ۾ سمايل آھن. جڏھن غلامين جي اونداه ختم ٿيندي ۽ آزادي جي پرڀات ٿيندي ته آزادي جي احساس کي محسوس ڪندي ھر فرد خودبخود چـڱاين ڏانھن راغب ٿيندو.

    اهو انسان ئي خوشين جي انقلاب جو پانڌيئڙو هوندو آهي جيڪو پنهنجي نفس جي گرفت کان آزاد هجي ٿو۔ سڀ کان وڏي قيد انسان جي نفس جي قيد آهي ۽ اهي ئي انقلاب جا نقارا وڄائيندي ڏٺا ويا آهن جن پنهنجي پاڻ کان پنهنجي آزادي ماڻي آهي اد بهترين ونڊ آهي خدا اوهان کي اسان جي اصلاح جاري رکڻ جي توفيق ۾ هميشه مشغول رکي ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو