
اوھان سڀني آڪواريم ۾ گولڊن مڇي ته ضرور ڏٺي ھوندي، جنھن بابت چيو ويندو آھي ته ڪنهن به شيء ڏانهن سندس ڌيان جو عرصو صرف 8 سيڪنڊ آھي. ھي دعويٰ وڌيڪ ڇرڪائيندڙ تڏهن آھي، جڏهن اهو به ثابت ٿئي ته جديد دور ۾ انسان جو ڌيان به ساڳيءَ ريت گھٽجي رھيو آھي.
اڄ جي موبائل ۽ سوشل ميڊيا جي دنيا ۾، اسان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جو ڌيان ۽ فوڪس آھي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان اهو قيمتي ڌيان سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز تي تمام گهٽ قيمت تي ڏئي رهيا آهيون.
اسان جو ڌيان ڪيئن ڇڪيو ويندو آهي؟
سوشل ميڊيا ايپس اسان جي ڌيان کي قابو ڪرڻ لاءِ ھڪ ڳجھو فارمولو اختيار ڪن ٿيون، جنھن کي "ھُڪ ماڊل" چيو وڃي ٿو. ھن ماڊل جا چار مرحلا آھن:
1. ٽرگر (Trigger) – اسان جي موبائيل تي ايندڙ نوٽيفڪيشن، ريلز، وڊيوز ۽ اپڊيٽس اسان جو ڌيان ڇڪين ٿيون.
2. ايڪشن (Action) – اسان بنا سوچڻ جي انهن نوٽيفڪيشن تي ڪلڪ ڪري، وڊيوز ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون.
3. انعام (Reward) – لايڪس، ڪمينٽس، شيئرز جي صورت ۾ اسان کي خوشي محسوس ٿيندي آهي، جيڪا اسان کي وڌيڪ وقت گذارڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.
4. سرماياڪاري (Investment) – اسان پنهنجو وقت، ڊيٽا، تصويرون، وڊيوز ۽ معلومات انهن ايپس تي محفوظ ڪري ڇڏيندا آهيون، جنهن سان اسان جو نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي.
سوشل ميڊيا اسان جي منفي جذبن سان ڪيئن کيڏي ٿي؟
اهي ايپس اسان جي مايوسي، ذهني پريشاني، بيچيني، ۽ اڪيلائپ جو فائدو وٺنديون آهن. جڏهن اسان اداس هوندا آهيون، ته پاڻ کي وڊيوز، ريلز، يا خبرون ڏسڻ ۾ مصروف ڪري ڇڏيندا آهيون.
اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اسان کي پنهنجي وقت ۽ ڌيان جي قيمت کي سمجهڻ گهرجي. سوشل ميڊيا جو سمجھداري سان استعمال ڪري، ڪتاب پڙهڻ، ورزش ڪرڻ، ۽ پنهنجي حقيقي زندگيءَ کي بھتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي.
وقت قيمتي آھي، ان جو صحيح استعمال ڪريو!