
... تازو ئي هڪ خبر سامهون آئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته سائنسدانن کي خلا ۾ زمين کان لڳ ڀڳ 9 ارب نوري سال پري، آسمان ۾ ستارن جي جھرمٽ بوٽس (Bootes) جي آس پاس، هڪ حلقي ۽ ڪمان جهڙي شڪل وارا وڏا ڍانچا (Large Scale Structures) مليا آهن، جيڪي 1.2 ارب نوري سالن تائين پکڙيل آهن. اهڙي قسم جي ديوهڪِل ڍانچن جي موجودگي اسان جي موجوده عقل ۽ فهم کي چئلينج ڪري ٿي.
سادن لفظن ۾، مطلب اهو ته، ڪائنات جي ڪنهن خاص حصي ۾ ڪهڪشائن جو وڏو تعداد گڏ هجڻ جو مطلب آهي ته مادو هڪ غير معمولي حد تائين گڏ ٿيل آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سائنسدان ان ڳولا تي حيران ڇو آهن؟
هن سوال کي سمجهڻ لاءِ اسان کي جديد ڪائنات جي هڪ دلچسپ نظريي، اسٽينڊرڊ ماڊل آف ڪاسمولاجي (Standard Model of Cosmology) کي سمجهڻو پوندو.
فلڪيات ۽ ڪائنات جي تحقيق جو اصل مقصد ڪائنات کي سمجهڻ آهي - يعني اها ڪيئن ٺهي، ڪيئن ترقي ڪئي، ۽ هينئر تائين ڪيئن پهتي. گذريل صدي دوران، فلڪيات ۾ ڪيتريون ئي اهم دريافتون ٿيون آهن جيڪي قديم نظريي کي نئون رخ ڏئي ويون، ۽ سائنسدانن هڪ اهڙو ماڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ڪائنات جي پيدائش، بناوت ۽ ترقي کي واضح طور تي بيان ڪري. انهيءَ ماڊل کي اسٽينڊرڊ ڪاسمولاجي ماڊل سڏيو وڃي ٿو.
هن ماڊل جا چار بنيادي نقطا آهن:
1. بگ بينگ نظريو – ڪائنات هڪ تمام گهڻي مرڪوز حالت مان ڌماڪي ذريعي تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
2. ڪائنات جي جوڙجڪ – ڪائنات 5 سيڪڙو عام مادو، 27 سيڪڙو ڊارڪ ميٽر، ۽ 68 سيڪڙو ڊارڪ انرجِي تي مشتمل آهي.
3. نظريو اضافيت – ڪائنات ۾ ڪشش ثقل جي وضاحت جنرل رليٽيويٽي ذريعي ڪئي وڃي ٿي.
4. ڪائناتي اصول – وڏي پيماني تي، ڪائنات هر طرف کان هڪجهڙي (Homogeneous) ۽ isotropic آهي.
اهو چوٿون نقطو ئي سڀ کان اهم آهي، جتان هي تازي دريافت اسان جي ڪائناتي نظريي کي چئلينج ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪائنات واقعي هڪجهڙي ۽ isotropic آهي، ته پوءِ هي ديوهڪِل ڍانچو، جيڪو ڪائنات جي ڪنهن هڪ علائقي ۾ وڏو مقدار رکيو ٿو لڳي، نظرياتي ماڊل سان مطابقت نٿو رکي.
سائنسدانن لاءِ مسئلو اهو آهي ته، جيڪڏهن ڪائنات ۾ مادو هڪجهڙو پکيڙيل آهي، ته پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ مخصوص علائقو ايترو وڏو ڍانچو ٺاهي سگهي؟
سائنسدان ان ڳولا تي حيران آهن، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته بگ بينگ نظريو يا ڪانياتي ماڊل غلط آهي. سائنس کي مضبوط ثبوت گهربل هوندا آهن، ۽ هاڻ سائنسدان وڌيڪ تحقيق ڪندا ته هي دريافت اسان جي ڪائناتي سمجھه کي ڪيئن بهتر ڪري سگهي ٿي.