
سج تمام گهڻو شور پيدا ڪري ٿو، پر اسين ان کي ٻڌي نٿا سگهون، ڇو ته آواز جون لهرون خلا ۾ سفر نٿيون ڪري سگهن. خلا ۾ نه ڪا هوا هوندي آهي ۽ نه ڪو مادو، جيڪو آواز کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهي.
سج جو آواز ڪيترو ٿي سگهي؟
جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان اسين سج جي آواز ٻڌي سگهون ها، ته اها لڳ ڀڳ 290 ڊي سي بل (dB) جي برابر هجي ها. اها ايتري تيز آواز آهي، جو ان جو مقابلو زمين تي ڪنهن به شئي سان نٿو ڪري سگهجي. مثال طور:
عام انساني ڳالهه ٻولهه: 60 dBٽريفڪ جو شور: 85 dB
ويجهو کان جيٽ انجڻ جو شور: 130 dB
راڪيٽ جو لانچ: 180 dB
سج جو شور (جيڪڏهن ٻڌي سگهون ها): 290 dB
ڇا سج جي شور سان انسان ٻوڙو ٿي سگهي ٿو؟
جيڪڏهن ڪو 290 ڊي سي بل جي آواز ٻڌي، ته نه رڳو هو فوري طور تي ٻوڙو ٿي وڃي ها، پر ان جي جسم تي به خطرناڪ اثر پون ها. ايتري تيز آواز هوا ۾ دٻاءُ جون شديد لهرون پيدا ڪري ها، جيڪي ڪنن جا پردا تباهه ڪرڻ سان گڏ جسم جي اندروني عضون کي به نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
خوشقسمتي سان، خلا جي ڪري اسين سج جي انهي خوفناڪ شور کان محفوظ آهيون!