• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نزلہ ۽ زڪام جو اصل علاج صفائي آهي!

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
file-SNsaasYzCYR6ToVSoDakQ7.webp

ٻار ج نڪ وهي پيو، ماءُ پريشان آهي، ڏاڏيءَ جا مشورا هلي رهيا آهن، ۽ بابا دوا وٺڻ ڊوڙي پيو. ڪجهہ ڏينهن دوا هلندي آهي، نزلہ دٻجي ويندو آهي، پوءِ وري واپس اچي ويندو آهي. ۽ هي سلسلو جاري رهندو

نزلہ بيماري نه آهي، پر جسم جو قدرتي دفاعي ردِعمل آهي، جيڪو جراثيم ۽ الرجي خلاف ڪم ڪندو آهي. بلغم ذريعي جسم فالتو ذرڙا ٻاهر ڪڍي ٿو، پر اسان دوا سان ان کي زبردستي روڪي ڇڏيندا آهيون، جنهن سان مسئلو بار بار پيدا ٿيندو آهي.

اصل حل: نڪ جي صفائي
جيئن بند ٿيل ڪمري ۾ مٽي گڏ ٿيندي آهي، تيئن نڪ جي صفائي نه ٿيڻ سان بلغم جمي پوندو آهي، ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي، ۽ کنگهه وڌي ويندي آهي. دوا وقتي آرام ته ڏئي ٿي، پر مسئلي جو مستقل حل نه آهي.

آزمودہ قدرتي طريقا
نيم گرم لوڻ واري پاڻي سان نڪ ڌوئڻ– بلغم ۽ الرجي جا ذرڙا صاف ڪري ٿو.
ننڍڙن ٻارن لاءِ ڪپهه جو ننڍو ٽڪرو نيم گرم پاڻي ۾ ٻوڙي نڪ صاف ڪريو.
ننڍا ساوا فوٽا يا لونگ جي ٻاڦ وٺو، ساه کڻڻ سولو ٿي ويندو.
ماکي ۽ ادرڪ جو قهوو، دارچيني جو جوشاندو – قوتِ مدافعت وڌائيندا.
نيم گرم کير ۾ هيڊ، زيتون يا سرنهن جي تيل سان مالش – ساهه کڻڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿو.


صفائي ۽ احتياط
گهر جي مٽي گھٽ ڪريو، پردا ۽ قالين ڌوئڻ جو بندوبست ڪريو.
هوا جي اچ وڃ يقيني بڻايو.
ٻارن کي هٿ ڌوئڻ ۽ صفائي جي عادت وجهو.


ياد رکو!
نزلہ زڪام جو علاج ڪنهن شربت يا گوريءَ ۾ ناهي، پر قدرتي تدبيرن ۽ روزاني صفائي ۾ آهي. دوا کان پهريان اهي آزمودہ طريقا اختيار ڪريو، ڇو ته اصل علاج صفائي آهي، دوا نه!
 
Back
Top