شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن
ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا ٽي وي اينڪر رڙيون پئي ڪيون، مونکي کل اچي وئي.
هڪ جوڳيء کي دست لڳا.
ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ بعد پرهيز جو پڇيائين.
ڊاڪٽر مسڪرائيندي جواب ڏنو.
"بس مرلي تيز نه وڄائجائن"
سمجهي ويا هوندا.

چاچا سائين توهان جي خوشگوار گهرو زندگي جو ڪهڙو راز آهي؟
ابل مون ۽ زال پاڻ ۾ معاھدو ڪيو آهي ته زندگيءَ ۾ مان جڏهن به تو تي ڪاوڙ ڪيان ته تون بورچي خاني ۾ هلي وڃجائن.
جڏهن توکي مون تي ڪاوڙ لڳي ته مان مٿي کُڏ تي هليو ويندس.

پوءِ چاچا.!!!
هائي....... پٽ پوءِ وري ڇا.
مان گذريل ويهن سالن کان کُڏَ (ڇت) تي ئي آهيان.

************************'' *****
شيخ صاحب جي دور انديشي مشهور آهي.
مون وٽ دعوت تي آيو، سندس فرمائش تي دال چانور ڪرايم.
مٺي ۾ بادام جو حلوہ به هيو.
دال چانورن سان بسم ﷲ ڪيائين.
وچ تي حلوہ بادام نوش ڪيائين.
آخر ۾ وري دال چانور.
يا حيرت.... شيخ صاحب مٺو آخر ۾ کائبو آهي.... مون پڇيو.
جواب مليو دور انديشي سائين.
اهو وري ڪيئن؟
شيخ صاحب ڪمال سادگي سان جواب ڏنو.
"ڏسو سائين خراب موسم پيو هلي
جيڪڏهن الٽي ٿي ته آخر ۾ کاڌل دال چانور نڪرندا .
جي دست ٿيا ته پهرين کاڌل دال چانور نڪرندا.
گهٽ ۾ گهٽ وچ تي کاڌل بادام حلوه ته محفوظ رهندو."

***************************
مسجد شريف ۾ ٻه بزرگ قيام پذير هئا.
هڪ بزرگ ٻئي کان پڇيو ”حضور توهان ڪنهن جا مريد آهيو“
ٻئي بزرگ وراڻيو ته” مان پنهنجي پير و مرشد جو ائين نالو نٿو وٺي سگھان.پهرين وضو ڪندس پوء ٻڌائيندس.“
مسجد ۾ موجود سڀني ماڻهن جا ڪن کڙا ٿيا ،انتظار ڪرڻ لڳا....
بزرگ وضو ڪيو پوء به رڪعت نماز ادا ڪئي دعا گھري ۽ اچي روئڻ لڳو ايتري قدر جو سندس دامن آلو ٿي ويو.
پوء انتهائي عقيدت و احترام سان چوڻ لڳو ته ”سائين مان پنهنجي زال جو مريد آهيان “
مسجد جي ماڻهن يڪ زبان ٿي چيو ”ماشاء الله توهان به اسان جا پير ڀائي نڪتا.“

***********************'*' *
سخت بيماري ۾ مبتلا مرندڙ زال پنهنجي مڙس کي چيو "ميان مان ته مران پئي پر توهان ٻي شادي ڪڏھن ڪندا"؟ مرد به دل خوش ڪرڻ لاءِ چيس ته جيستائين تنهنجي قبر جي مٽي آلي رهندي مان شادي نه ڪندس. "
ﷲ جي ڪرڻي جو ڪجهه وقت کان پوءِ مائي فوت ٿي وئي.
ٽيجهو، ڏهو، چاليهو، ٻارهو...
مڙسالو جڏهن به وڃي ته قبر آلي.
نيٺ وڃي ڏھ سال ٿيا ته قبر سڪي ئي ڪونه.
يا حيرت همراه اچي منجهيو ڇا ماجرا آهي؟ مائي جي ڪا ڪرامت؟؟
هڪ ڏينهن معمول ڇڏي بي وقتائتو قبرستان ويو ته ڇا ٿوڏسي، سندس سالو پاڻيءَ جا دٻا کنيو قبر کي ويٺو آلو ڪري.
حيرت مان وڃي جهلائينس.
هي تنهنجي ڪرامت آهي جو قبر سڪي ئي ڪانه ٿي!!!
سالي سڳوري مسڪين شڪل بڻائي جواب ڏنو.
"ادا جنهن وقت ادي وفات پئي ڪئي ته مون کان وعدو ورتائين ۽ پارت ڪندي چيائين ته تون هر روز منهنجي قبر تي پاڻيءَ هارجائن....
هي منهنجي وصيت ڪري سمجھ"
سو ادا اهو ڏينهن هي ڏينهن مان ان تي پيو عمل ڪيان.
اهو ٻڌي همراه جا تاڪ لڳي ويا.
ان ڪري چوندا آهن ته بيگم سان مرڻ وقت به مذاق نه ڪيو.