• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيڪي سانڍيم ساھ ۾.. اوڍو ارشاد

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
مانواري Otho Irshad جي ڪتاب ”جيڪي سانڍيم ساھ ۾“ تي منھنجو لکيل مھاڳ اوھان سان ونڊيان ٿو. ھي ڪتاب⹁ ”ڊان اسٽڊي سرڪل“ فيبروري 2025ع ۾ ڇپرايو آھي.
شبير ڪنڀار

FB_IMG_1741478290083.jpg


ميڙِي چونڊيءَ جو ڪُل اثاثو
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ٻاروتڻ کان ماڻهوءَ جا حواس لڳاتار⹁ سماج کي ڏسي وائسي پسگردائيءَ جو علم ميڙيندا⹁ سندس ميڄالي ڏانھن موڪليندا رھندا آھن. جنھن جي آڌار تي ھو⹁ اڇي ڪاري⹁ ٿڌي ڪوسي⹁ ڪڙي مٺي⹁ لسي کھري⹁ سُرھي کِکي⹁ سُرٻاٽ سانت توڙي موج ۽ مستيءَ کي پرکيندو آھي. اھي حواس ئي آھن⹁ جن جي آڌار ھو لذتن کي ماڻيندو ۽ ڪرھتن توڙي پيڙائن کي ڀوڳيندو آھي. وقت جي وِيرَ کيس ڪٿي بہ دم ھڻڻ يا ٽڪڻ ڪان ڏيندي آھي ۽ اھڙن مزن توڙي ڀوڳنائن کي⹁ ساروڻيون بڻائي⹁ کيس اڳتي وٺي ويندي آھي.
ڏکَ ۽ سکَ⹁ پيڙائون توڙي لذتون⹁ گذري وڃڻ کان پوءِ⹁ ساروڻيون بڻجي ميڄالي جي ڪنھن ڪنڊ ۾⹁ گهر ڪري رھي پوندا آھن. پوءِ سڄي عمر جڏھن ۽ جتي بہ اھڙي لاڳاپيل ڪا شادماني يا ڪو ھاڃو ٿيندو آھي تہ اھي ساروڻيون⹁ ھانءَ تي ھُري (ياد) اينديون آھن. ان مھل ڄڻ تہ ماضيءَ جو ورق وري ويندو آھي⹁ ماڻهو زمان ۽ مڪان مان نڪري⹁ واپس اُتي ان جاءِ وڃي پڄندو آھي. انهن ساروڻين جي شدت ايڏي تہ تکي ھوندي آھي جو⹁ ماڻهو ساڳئي ڏک⹁ ساڳئي سک⹁ ساڳي پيڙا⹁ ساڳي لذت واري احساس مان جھڙوڪر وري وري پيو گذرندو آھي ۽ اندر ۾ اڀريل اھو احساس⹁ کيس کلائي يا روئاڙي وجهندو آھي. تڏھن ئي تہ چوندا آھن: ”پرائي پٿر⹁ سور سڀڪو پنھنجا روئي.“ عجب تہ اھو آھي جو اھو کلڻ ۽ روئڻ⹁ ماڻهوءَ کي ڏاڍو مِٺو ھوندو آھي⹁ ڇاڪاڻ تہ سندس ميڙي چونڊيءَ جو سچوپچو ڪُل اثاثو⹁ اھي ئي ساروڻيون⹁ ھونديون آھن. جيڪي کيس ننڊ ۾ خواب بڻجي ۽ جاڳ ۾ ڏڍ دلاسو بڻجي تارينديون⹁ تڳائينديون ۽ کلائينديون رھنديون آھن.
چوندا آھن تہ: ”ماڻهو جيترو رُلي⹁ اوترو کُلي“ ۽ ٻيو تہ جيترا ڪتاب پڙھبا⹁ ڪچھريون ڪبيون ۽ ٻڌبيون⹁ سوچ ۽ سمجهہ جي ايراضي بہ اوتري ئي واڌ ويجهہ يا ڊيگهہ موڪر ڪندي. تنھن ڪري ائين بہ سمجهبو آھي تہ: سڀڪو ڪتاب آھي⹁ مطلب تہ ڪتابن جيترو علم⹁ سڀڪو پاڻ سان⹁ ساروڻين جي شڪل ۾ سدائين ساڻ کنيو ھلي. ٺيڪ آھي⹁ سڀڪو ايترو علم ساڻ کنيو پيو ھلي. پر ان بي بھا علم کي⹁ ڪنھن ڪاڳر تي اتاري ڇڏڻ جو ڏانءُ بہ سڀڪنھن وٽ تہ ڪونهي. تنھن ڪري سڀڪو⹁ پنھنجو اھو اثاثو⹁ پاڻ سان کڻيو⹁ دنيا مان گذريو وڃي. ڪٿي پڙھيل اٿم⹁ جنھن جي پوري پڪ ڪانهيم پر گهڻي ڀاڱي⹁ ھُريم پيو تہ علامہ آءِ آءِ قاضي صاحب ئي لکيو تہ: ”جيڪڏھن سنڌي ماڻهو⹁ رڳو پنھنجون يادگيريون لکي ڇپرائين⹁ تہ ھوند سنڌي ادب مالا مال ٿي پوي.“ سو ساروڻيون ڪو ننڍو نہ⹁ پر سڦا وڏو اثاثو آھن.
”جيڪي سانڍيم ساھ ۾“⹁ جھڙو عنوان رکندڙ ارشاد اوٺي جو ھي ڪتاب⹁ آھي تہ ساروڻين جي بنياد تي لکيل⁏ پر ھن ڪتاب کي نِجو پِجو ساروڻين جو ڪتاب بہ نٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ تہ ھن ڪتاب جي ليکڪ⹁ پنھنجي⹁ توڙي پنھنجي وڏڙن ۽ وڏڙين جي⹁ ساروڻين جا پيرائتا⹁ پيرا کنيا آھن. ملندڙ ڏَسَ موجب⹁ ڳولي⹁ ڳولي ماڻهن کي ھٿ ڪيو اٿس⹁ کانئن ريڪارڊ جي درستگين لاءِ پڇائون ڪيون اٿس⹁ اخبارون توڙي ٻيا⹁ لکيل حوالا ڳوليا ۽ ڪم آندا اٿس⹁ تڏھن وڃي ھي ڪتاب تيار ٿي⹁ اسان تائين پڳو آھي.
ڪتاب جي لکت جو انداز⹁ ھونءَ تہ سڌو سنئون بياني آھي. پر پوءِ بہ⹁ ارشاد جي لکت ۾ ڪيترائي وَرَ (Varieties) آھن. ڪتاب پڙھندي⹁ ڪٿي لڳندو تہ ارشاد ڀر ۾ ويٺو اندر اوري. ڪٿي لڳندو تہ اسٽيج تي بيٺو⹁ تقرير ڪري. ڪٿي لڳندو تہ ڪنھن سنگتيءَ سان ھجتون پيو ڪري. ڪٿي تہ چپ چاپ لکندو وڃي⹁ لکندو وڃي. جيڪي ساڻس روبرو مليا ھوندا⹁ تن کي سندس ڳالهائڻ واري لھجي جي⹁ خبر ڀليءَ ڀت ھوندي. اھي سندس ڳالهين واري واس کي⹁ پري کان پرکي سگهن ٿا. پر عام لوڪ پڻ سندس تَر جي لھجي وارو ساءُ چڱيءَ ريت ھن ڪتاب مان چکي سگهي ٿو.
ھي ڪتاب اڻسڌيءَ طرح ٽن ڀاڱن ۾ آھي⹁ جنھن جو پھريون حصو جنھن ۾ ارشاد پنھنجي پيءَ⹁ پنھنجي ڳوٺ ۽ پنھنجي آڪھ جي بڻ بڻياد بابت لکيو آھي. تنھن جو ھڪڙو پاسو اھو آھي تہ ان ۾ رڳو سندس ڪڙم ۽ ڳوٺ کان سواءِ ڪا ڳالهہ لکيل ئي ڪانهي⹁ پر ٻيو پاسو اھو بہ آھيس⹁ جنھن مان پيرائتي پروڙ پوي ٿي تہ: جنھن دؤر ۾ ”محمود اوٺي“ اھو ڳوٺ پي ٺاھيو⹁ ان وقت⹁ ان تَرَ ۾ ڪير ڪير آباد ھئا؟ سماجي حالتون⹁ ڪھڙيون ھيون؟ ھڪ ٻئي جو⹁ لھ لحاظ ڪيترو ڪيو ويندو ھو؟ اوکي سوکيءَ ۾ وڏڙن⹁ ڪئين وقت گذاريو؟ مھل لنگهائڻ ۽ مھل ٽارڻ ۾ ڀَرُ ڪھڙي پاسي ھوندو ھو؟ تعليم جي لاٽ⹁ ڪٿي ڪٿي ڪيتري روشن ھئي؟ اھا ڪنھن⹁ ڪنھن ٻاري؟ ڪھڙن ان کي⹁ اُجهائڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ان جو اندازو ھن ڳالهہ مان لڳايو تہ: پڙھڻ کان لنوائڻ تي⹁ پيءُ پنھنجي دادلي پٽ کي⹁ اھڙي تہ زورائتي چماٽ وھائي ڪڍي⹁ جو مُٽ وھڻ لڳس ۽ مٿان وري ٻي اُلاريائينس ۽ معصوم ٻار ھڪدم⹁ وچن ورايو تہ ھاڻ تعليم کان منھن ڪون موڙيندس! تڏھن کيس معافي ملي.
ڪتاب جو ٻيو حصو⹁ تَرَ جي ناليرين شخصيتن جي پروفائلن تي مشتمل آھي. ھن حصي ۾ تر جي اڪابر استادن⹁ توڙي ٻين سخي ۽ سورھين بابت ليک آھن. جنھن ۾ خاص ڪري دولتپور ۽ آسپاس جي راڄن تي ڌيان ڌريل آھي. ميڙي چونڊي⹁ ڇنڊي ڇڙي ارشاد⹁ پنھنجي محسنن ۽ ناماچار رکندڙ ماڻهن کي ھن حصي ۾ رکيو آھي. جن مان ھرھڪ وڏي درجي تي پُڳل مڻيادار مڙس ٿو لڳي. سندن زندگيءَ جي⹁ ھنن پاسن کي ڏسي⹁ پڙھندڙن کي تر جي ماڻهن جي سخا⹁ علم دوستي ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ جا ڏاڍا مثال ملندا. ھونءَ بہ ھر ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪي ارڏا ڪردار کپندا آھن⹁ تہ جئين ھو پاڻ⹁ انهن جي ڇڏيل پيرن جي نشانن تي⹁ پنڌ ڪري پنھنجي زندگيءَ کي سجايو ڪري سگهي. ارشاد⹁ اھڙا جيئرا جاڳندا مانجهي مڙس ميڙي⹁ ھن ڪتاب ۾ ھٿ ڪيا آھن⹁ جن کي پڙھي ھيءُ توڙي ايندڙ نسل پنھنجي⹁ ابن ڏاڏن تي پاڻ پڏائڻ جھڙا ٿي پوندو ۽ ان لاءِ کين ڪيترائي مثال پڻ ملي پوندا.
ڪتاب جو ٽيون حصو⹁ ملاکڙي ۽ ملهہ پھلواڻن تي مشتمل آھي. جنھن ۾ ارشاد ڳولي ڳولي پنھنجي تَرَ (ھتي تر پوري ضلعي جي لاءِ ڪتب آندل آھي) جي پھلواڻن⹁ کي ھٿ ڪيو آھي. سندن ڪارنامن توڙي ڪوششن کي پڻ سانڍيو اٿس. ان کان سواءِ ملهن کي پاڻ وٽ رھائي⹁ کارائي پياري⹁ تاتي تيار ڪري ملاکڙي ۾ لاھڻ واري پَرِ کي پڻ⹁ پنھنجي ڪتاب ۾ ھٿيڪو ڪيو اٿس. ڪيڏي نہ شاندار ڳالهہ آھي تہ: ”ملاکڙو ماريندڙ ملهہ پھلواڻ کان وڌيڪ خوشي⹁ ملهہ پھلواڻ کي تيار ڪندڙ⹁ راڄائتي سخي مرد کي ٿيندي آھي⹁ جنھن تي ھو خوشيءَ ۾ ڪون ماپندو آھي ۽ پيو ان تي پاڻ پڏائي لوڪ کي ٻڌائيندو آھي.“ سمجهان ٿو تہ ھن وقت جي نوجوانن کي ملهہ⹁ ملاکڙي بابت انهن ڳالهين تي حيراني لڳندي⹁ پر اھو اسان جو تاريخي ورثو آھي. جيڪو خوشحال سنڌ جي شوق ۽ تفريح جي پاسن کي پڌرو ڪري ٿو.
جيتوڻيڪ⹁ ھيترين خوبين ھوندي بہ ھھڙو ڪتاب بہ ھڪ پاسي کان ٻُسو يا اڻپورو ٿو لڳي⹁ جيڪڏھن ڪنھن ٻئي ليکڪ جو ھجي ھا⹁ تہ ٿي سگهي ٿو تہ آئون ڳالهہ ڳھي ڇڏيان ھا⁏ پر ارشاد اوٺو⹁ جيڪو ماين (عورتن) جي آزاديءَ جو تَرَ ۾ ھڪڙو مثال آھي. تنھن پنھنجي ڪتاب ۾ رڳو ھڪ مائيءَ جو پروفائل لکيو آھي! جيڪڏھن تر ۾ ماين جو⹁ ڪو ڪردار نہ رھيو آھي تہ ارشاد ڇٽل آھي⹁ جي نہ تہ پوءِ اھا حد مٿس لاڳو آھي. اھو فيصلو پڙھندڙ پاڻ ڪن.
سمجهان ٿو تہ ھي ڪتاب⹁ تر جي ماڻهن کي سندن ابن ڏاڏن جي آتم ڪھاڻيءَ وانگر لڳندو. ڇو تہ ان ۾ ھر ڪنھن کي پنھنجي پاڙي اوڙي مان ڪنھن شخصيت جو عڪس اولڙا کائيندي ڏسڻ ۾ ايندو. ھن ڪتاب جا ڪي مضمون اھڙا آھن⹁ جيڪي سموري آڪھ اڳيان پڙھجن ۽ پنھنجي ڪڙم بابت ساڳين ڳالهين تي ھڪ ٻئي سان کُلي ڳالهائجي تہ ٿي سگهي تہ ان بھاني⹁ اسان کي بہ پنھنجي تَرَ⹁ ڳوٺ⹁ ڪڙم وغيرہ بابت وساريل ڄاڻ ملي پوي ۽ ڪو ٻيو ھھڙو ڪتاب تيار ٿي پوي.
شبير ڪنڀار
ھالا⹁ سنڌ
خميس 16 جنوري 2025ع
 
Back
Top