شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن

چيتي ڪتي کان پڇيو. تون انسان کي ڪينئن ٿو ڏسين؟ ڪتي جواب ڏنو. "انسان جڏهن ڪنهن کي حقير سمجهندو آهي ته ان کي ڪتو چوندو آهي." چيتو :" ڇا تو انسان جي ٻچن کي نقصان پهچايو یا کاڌو ؟" ڪتو : بلڪل نه. چيتو :" ڇا تو انسان کي ڪڏهن ڌوڪو ڏنو.؟" ڪتو: بلڪل نه. چيتو :" ڇا تو ڪڏهن انهن جو چوپايو مال ماريو؟" ڪتو : بلڪل نه. چيتو :" ڇا تو انسان جو رت پيتو؟؟" ڪتو.: ڪڏهن به نه. چيتو :" ڇا تو انسان کي منهنجي حملن کان بچايو؟" ڪتو: جي ها. چيتو :" انسان بهادر، ڦڙت ۽ هوشيار کي ڇا چوندا آهن؟ " ڪتو : انهن کي چيتو چوندا آهن. چيتو: پوءِ ڇا اسان توکي شروع کان ئي مشورو نه ڏنو هو ته اسان سان گڏ چيتو ٿي رھ؟ مگر تو انسان جي تحفظ جو ٺيڪيدار ٿي رهڻ پسند ڪيو. مان انسان جي ٻچن کي ۽ انهن جي چوپاين کي ماريان ٿو، انهن جو رت پيان ٿو، انهن جا وسيلا ۽ ڪيل محنت به کائي ٿو وڃان ان هوندي به نه صرف مونکان ڊڄن ٿا پر پنهنجن هيروز کي چيتي طور تي بيان ڪن ٿا. تو کي هي سبق سکڻ گهرجي ته انسانَ پنهنجن جلادن اڳيان سر تسلیم خم ڪن ٿا ۽ پنهنجن وفادارن ۽ همدردن جي توهين ڪن ٿا.؟ (هسپانوي ادب "غلامی جي آخري رمق" مان ماخوذ )