• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خراساني گڏهہ

شبير احمد قريشي

سينيئر رڪن
"جڏهن به اظهار پارسائي تي زور هجي. جتي به نيڪي ۽ فضائل جي بيان ۾ واڌارو هجي ته پڪ سمجهو ته اتي ڪنهن ڏوھ جو ارتڪاب ٿئي پيو جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.
يا ته بيان ڪندڙ کي ڏوڪڙ مليل آهن اهي جيڪي ڳالهائين ٿا، جينئن اڪثريت ٽي وي اينڪر ڪن ٿا. سي ڪنهن به ڪنهن بااثر شخصيت جا پياده آهن جن کي پئسه ملن ٿا.



(علامتي ڪهاڻي)

FB_IMG_1741561764279.jpg


قصو مختصر ته همراه گڏه ساڻ ڪري وڪري لاء سڄي بازار گھمندو رهيو ..
گڏه وڪرو ٿي نه سگهيو .
ڪٿي گراهڪ کي پسند نه آيو ڪٿي اگھ گھٽ پئي مليو.
اها ماجرا هڪ دلال پئي ڏٺي سو اچي گڏه واري کي پاسو ڏنائين ...
”يار ھزار روپيا ڏين ته گڏه سٺي اگھ ۾ وڪرو ڪرائي ڏيائينء “ شام پئي ٿي گڏه جي مالڪ کي اميد نظر آئي کڻي ها ڪيائين ...
هاڻي دلال پنهنجي زبان جو فن ڏيکارڻ لڳو.
**”گڏه آعلي خراساني نسل جو آهي
**شيخ سعدي کان وٺي شيخ چلي تائين سڀني هن نسل جي گڏه جي سواري ڪئي آهي.
**هن گڏه جا وڏڙا شاه ايران جي واڙي ۾ هوندا هئا.
**هن گڏھ جي نسل تي نبين به سواري ڪئي آهي وغيره وغيره.
آواز ۽ خوبيون ٻڌي ماڻهو آچي گڏٿيا....
ماڻهن جي ميڙ کي ڏسي مالڪ جي دل ۾ وسوسا اچي اٿيا ۽ اچي بي ايماني چڙهيس سو دلال کي ڪن ۾ چوڻ لڳو.
” يار واقعي منهنجو گڏه ايترين خوبين جو مالڪ آهي ڇا؟ “..............
دلال ڏند ڪرٽيندي ڪن ۾ جواب ڏنس.
”ماٺ ڪري ويھ بي وقوف
هي تو وارو ڏنل هزار روپيه ٿو ڳالهائي باقي هي ساڳيوئي گڏه، گڏھ جو پٽ آهي، سودو نه ڦٽاء! “
سو سائين جڏهن به انهن گھڻو ۽ وڌي ڳالهائيندڙن کي ڏسو ته پڪ سمجھيو کين هزار روپيا مليل آهن ...گڏه مڙوئي گڏه آهي پوء سنڌي هجي يا خراساني. !!!!!!!!!!!!!!!!!!!
 
هيءَ پوسٽ تمام دلچسپ علامتي ڪهاڻي پيش ڪري ٿي، جيڪا خاص طور تي انهن حالتن تي روشني وجهي ٿي، جتي ڪوڙ، چالبازيون، ۽ مصنوعي تعريفون ڪنهن مفاد خاطر استعمال ٿين ٿيون.

توهان جي ڳالهه سان اتفاق آهي ته جڏهن به ڪو شخص نيڪي، فضيلت، يا ڪنهن به شيءِ جي بي حد واکاڻ ڪرڻ لڳي، ته اتي ضرور ڪو مفاد لڪل هوندو. اڄڪلهه ميڊيا، خاص طور تي ڪجهه ٽي وي اينڪر، ۽ سماجي ميڊيا جا به ڪيترائي عنصر، ساڳئي طريقي سان عوام جي راءِ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا.

ڪهاڻيءَ ۾ گڏه وڪڻڻ لاءِ دلال جو طريقو، اصل ۾ اڄ جي دور جي مارڪيٽنگ ۽ پروپيگنڊا جي عڪاسي ڪري ٿو. جيڪو به ماڻهو پنهنجي زبان جي چالاڪي سان ڪوڙي سچ جو ملاءُ ڪري، ماڻهن کي بيوقوف بڻائي، ان جو مثال اڄ به اسان جي سماج ۾ عام نظر اچي ٿو.

بحرحال سچ سدائين پنهنجي جاءِ تي قائم رهندو، ۽ ڪوڙ جو پاليل باغ آخرڪار وائکو ٿي پوندي. جيڪڏهن اسان حقيقت کي پرکڻ سکي وٺون ته ڪو به اسان کي هزار روپين جي لفظي جادو سان بيوقوف نه بڻائي سگهندو.
 
Back
Top