شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن
زندگيءَ ۾ توهان کي ٻن قسمن جا ماڻهو ملندا، هڪڙا جيڪا اوهان کي مليل منصب،عزت،ترقي يا ڪاميابي تي ارها هوندا، توهان جي تنزل جي تمنا رکندا يا مٿي اڀرندو ته هيٺان پير ڇڪيندا.
********************
ٻيا ماڻهو اوهان کي اهڙا ملندا جيڪي قدم قدم تي اوهان جي حوصلہ شڪني ڪندا. توهان جي جدوجهد جو مذاق اڏائيندا. ڪڏهن نه گهرندا ته توهان سندن برابري ڪيو.
*********************
باقي ٽئي قسم جا ماڻهو آهن ئي ڪونه، جيڪڏھن ڪو دعوي ڪري ٿو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
هي سائبر ايج جو دور آهي.
هتي " يا شيخ اپني اپني ديکه"
لڳو پيو آهي.
حضرت علي ڪرم ﷲ وجہ الڪريم جو فرمان آهي ته زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دوست اهڙو هٿ ڪيو جيڪو اوهان جي طبيعت کي سمجهي، تڪليف ۾ توهان کي دلاسو ڏئي هڙئون وڙئون مدد ڪري.
اهڙو دوست پنهنجي رت جي رشتن مان به ٿي سگهي ٿو.
پر مشڪل آهي هن دور ۾ اهڙو دوست ملي.
پر جن کي اهڙن دوستن جو ساٿ نصيب آهي سي خوش نصيب آهن، ڇاڪاڻ ته غريب آهي اهو ماڻهو جن جو دوست ڪونهي.
اسان جهڙن" دنيا وارا ڇا چوندا" جي چڪر ۾ زندگي گذاري، هاڻي احساس ٿو ٿئي ته اجايو ڊپ هو، جنهن کي جو چوڻو آهي هاڻي به پيو چوي.
ان ڪري ڪنهن چوڻ واري جي نه ٻڌو.
نه ٻڌڻ به هڪ نعمت آهي.
قصو آهي ته ٻه ڏيڏر هڪ کڏ ۾ ڪري پيا. ٻاهر نڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. مٿان کوڙ تماشبين ڏيڏر اچي گڏ ٿيا.
کڏ ۾ ڪريلن کي مٿي چڙهڻ لاءِ جدوجهد ڪندي ۽ ٽپ ڏيندي چوڻ لڳا "ابا مٿي چڙهي نه سگهندو کڏ وڏي آهي. مٿي اچڻ جي سگهه توهان ۾ ڪونهي".
مسلسل حوصلہ شڪني جا آواز ٻڌندي هڪ ڏيڏر ته فرض ڪري ورتو ته هاڻي زندگي ختم آهي سو کڻي پاڻ کي ڇڏيائين وڃي مزيد گهرائي ۾ هيٺ ڪريو.
ساڳي وقت هڪ ڏيڏر جدوجهد ڪندو رهيو. جينئن تيئن ڪري گهڻي ڪوشش کان پوءِ کڏ مان نڪري آيو ۽ ٻاهر بيٺل ڏيڏرن جو شڪريه ادا ڪيو ته يارو مهرباني توهان منهنجي حوصله افزائي ڪئي مان ٻاهر نڪتس.
*اصل ۾ اهو ڏيڏر ٻوڙو هو *

سمجهڻ وارن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.
هو حوصلہ شڪني جا جملا ٻڌي نه سگهيو.