• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چند لفظ پنھنجي تعارف جا..!!

وقار_عباسي

فعال رڪن
مانوارا دوستو اسلام عليڪم.

سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي زبان سان چاھ سڀني سنڌين جو فطري عمل آھي، انڪري مان ان جي زبان سان چاھ رکندڙ آھيان ڇو تہ مان بہ سنڌي آھيان.

ھن فورم کي ڪافي عرصو اڳ ڏٺو ھيم پر لاگ اِن ۽ اڪاؤنٽ وغيرہ نہ ھجڻ جي ڪري بس چڪر ھڻي وري ھليو ويندو ھئس، ھاڻي بہ فورم ۾ ڪجھ خاص سمجھ نہ ايندو آھي تہ ڪٿي لکجي، ڪيئن لکجي وغيرہ ۽ انڪري ئي ٻين موضوعن ۾ لکيو ھيم جھڙوڪ تعارفي موضوع ۾ سنڌوءَ سان سڳڌان ڪيو ھيم..

خير قابل احترام دوستو منھنجو نالو وقار علي آھي ۽ پاڻ عباسي آھيان، تعلق سکر ضلعي جي روھڙي تعلقي کان آھي ، ڳوٺ ۾ نمايان مقام شادي شھيد فقير، علي عباس پير ۽ لونگ فقير وغيرہ آھن..
علائقي ۾ کجيءَ جو فصل نمايان ٿئي ٿو گڏوگڏ ڪڻڪ ڪپھ وغيرہ بہ.

منھنجي بنيادي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ٿي، جنھن کان پوء بيچلرز ۽ ماسٽرز (انگريزي) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي.
مان مئي 2022 ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر ۽ نومبر 2022 ۾ جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچر طور ڀرٿي ٿيس ۽ پنھنجي ئي ڳوٺ ۾ پوسٽڊ آھيان، گڏوگڏ پرفيشنل ڊگري يعني بي ايڊ بہ امرت ڪالج سکر مان مڪمل ڪئي.
تعليم جو سلسلو فلحال رڪيل آھي پر سوچان پيو تہ ڪنھن دلچسپ موضوع ۾ ايم فل ڪيان پر وقت جي تنگي ۽ گھر جي خرچن ٿورو منجھايو آھي پر ان شاءالله جلد انرولڊ ٿيندس.

ھي ھيو ادنيٰ جو تعارف..
اوھان جو شڪرگذار، وقار عباسي
 
وعليڪم اسلام وقار عباسي!

سڄي سنڌ سان پيار ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي مٺاس سان جڙيل هجڻ واقعي ساراهه جوڳو آهي. توهان جو تفصيلي تعارف پڙهي سٺو لڳو، خاص طور تي تعليم سان توهان جي وابستگي ۽ پنهنجن علائقائي حوالن بابت ڄاڻ حاصل ڪري خوشي ٿي.

توهان جي اسڪول ٽيچر جي حيثيت سان خدمتن کي پڻ ساراهجي، ڇو ته تعليم ئي قومن جي ترقيءَ جو اهم راز آهي. ايم فل ڪرڻ جي خواهش پڻ بهترين آهي، ۽ اميد آهي ته جلد ئي توهان ان ۾ داخلا وٺي سگھندؤ.

فورم تي نوان ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن مشڪل محسوس ڪندا آهن، پر آهستي آهستي سمجهه اچي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ بابت راهنمائي کپي، ته ضرور ٻڌايو. اميد ته هتي توهان جو وقت سٺو گذرندو ۽ علمي ڳالهين سان لاڳاپو مضبوط ٿيندو.

خوش رهجو ۽ پنهنجو تجربو ۽ ڄاڻ اسان سان ونڊيندا رهندو...!
 
آخري ترميم:
Back
Top