
سنڌي ٻولي، پنھنجي شاهوڪار تاريخ ۽ ثقافتي ورثي سان گڏ، اڄڪلهه مختلف چئلينجن کي منھن ڏئي رهي آهي. انهن ۾ اهم مسئلو اسان جي پبلڪ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ۾ لسانيات جي گهٽتائي ۽ ادب تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ آهي. هيءُ ليک ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ جي ٻين پبلڪ يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن جي نصاب جو جائزو وٺي ترتيب ڏنو پيو وڃي، جن جي ڪري اسان جي سنڌي ٻوليءَ تي سائنسي بنيادن تي ڪم نالي برابر ٿي رھيو آھي۔
پوري سنڌ ۾ صرف پنج اھڙيون يونيورسٽيون آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جون ڊپارٽمنٽون موجود آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:
ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي: ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي: ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو: ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد: ڊپارٽمينٽ آف سنڌي لئنگئيج اينڊ لٽريچر
شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور: ڊپارٽمينٽ آف سنڌي
پاڻ ھتي نموني خاطر ھڪ پبلڪ يونيورسٽيءَ کي کڻي رھيا آھيون، جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ قائم آھي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ “ڊپارٽمينٽ آف سنڌي” جي نصاب جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مجموعي طور سنڌي پڙهائڻ لاءِ 78 ڪلاڪن مان 71.5 ڪلاڪ ادب تي ۽ صرف 7.5 ڪلاڪ ٻوليءَ (لسانيات) تي مشتمل آهن۔ (يعني 5.85 سيڪڙو ٻولي ۽ 94.15 سيڪڙو ادب پڙھايو پيو وڃي) جيڪو ادب ۽ لسانيات جھڙن سبجيڪٽن وچ ۾ ھڪ وڏي وٿيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عمل سنڌي ٻوليءَ جي سائنسي مطالعي ۽ تدريس ۾ وڏي رنڊڪ آھي۔
ڪراچي يونيورسٽيءَ جيان وري سنڌ جي ٻين پبلڪ يونيورسٽين، جن جو مٿي ذڪر پيش ڪيو ويو آھي، تن ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳي ئي صورتحال آھي. ڪجهه پبلڪ يونيورسٽين ۾ ته سنڌي شعبو وجود ئي ڪين رکي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو اسان وٽ ٻوليءَ تي سائنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ وارن جو ڳاڻيٽو ڪو چيچن تي ڳڻڻ جيترو آھي. باقي ادبي طور ايترو جهجهو ڳاڻيٽو آھي، جو ھتي ادب ۾ پاڻ مڪمل طور تي پنھنجو پاڻ ۾ خودڪفيل ئي نه پر تمام گهڻا آسودا آھيون.
لسانيات سبجيڪٽ جي اڻاٺ جا نقصان:
ٻوليءَ جي سائنسي ڄاڻ ۾ گهٽتائي:
لسانيات جي تدريس جي گهٽتائي سبب، شاگرد ٻوليءَ جي جوڙجڪ، صوتيات، نحو ۽ معنويات جھڙن اهم پاسن ۾ ڄاڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. فرق اھو ئي نه پر ٻوليءَ جي بڻيادي واڄن، انهن واڄن پويان تصورن ۽ ساختيات جي ھتي تمام گهٽ اڳڀرائي ٿي رھي آھي. جنھن سان ٻوليءَ جي درست استعمال ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون۔
تحقيقي ڪم ۾ رنڊڪ:
لسانيات جي ڄاڻ کان سواءِ، ٻوليءَ تي نوان تحقيقي ڪم ڪرڻ ۽ ان کي جديد دور جي تقاضائن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ھلڻ ۾ وڏيون رنڊڪون پيش اچن ٿيون۔
ٻوليءَ جي ترقي ۾ رڪاوٽ:
لسانيات جي ماهرن جي کوٽ سبب، ٻوليءَ جي ترقي، نون ٻولن جي تخليق ۽ ٻوليءَ جي معيار کي برقرار رکڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون۔
مٿين ڳالهين کي سامهون رکي جيڪي مناسب حل نظر ۾ اچن ٿا، سي ھيٺينءَ ريت آھن:
نصاب ۾ توازن آڻڻ:
سنڌي شعبن جي نصاب ۾ ادب ۽ لسانيات جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ ضروري آهي، جيئن شاگرد ٻنهي پاسن ۾ مھارت حاصل ڪري سگهن۔
لسانيات جي ماهرن جي ڀرتي:
تعليمي ادارن ۾ لسانيات جي ماهرن کي ڀرتي ڪري، شاگردن کي ٻوليءَ جي سائنسي مطالعي ۾ تربيت ڏيڻ گهرجي۔
سنڌي شعبي جو قيام:
جن يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا موجود ناهن، اتي انهن جي قيام لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ۽ تحقيق کي هٿي ملي سگهي۔
تت:
سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي ته تعليمي ادارن ۾ ادب ۽ لسانيات تي برابر ڌيان ڏنو وڃي. نصاب ۾ توازن آڻڻ، لسانيات جي ماهرن جي ڀرتي ۽ نون سنڌي شعبن جو قيام ان ڏس ۾ اهم انقلابي وکون ٿي سگهن ٿيون، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون۔