• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عادتون سڌاريندڙ.. جيمز ڪليئر جو ڪتاب.. ائٽامڪ هيبٽس

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو ياد رکو ته سڀ کان پهريان اوهين پنهنجون عادتون ٺاهيو... ۽ پوءِ اهي عادتون اوهان کي ٺاهي ڇڏينديون.

شروع ۾ هر سال اسان واعدو ڪندا آهيون ته :
جم وينداسين ۽ پاڻ کي فٽ ڪنداسين،
خراب عادتون ڇڏينداسين، پر پوءِ به اسان ڪامياب ڇو نٿا ٿيون؟
ڇا ڪو راز يا ڪو اهڙو فارمولو آهي، جيڪو اسان کي زندگي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي؟

اڄ جي اهم ڳالهه ٻولهه ۾، مان اوهان کي اهڙيون ڳالهين بابت ٻڌائيندس جيڪي اوهان جون عادتون بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏينديون پر هن ڳالهه ٻولهه ۾ مان اڪيلو نه آهيان..
مان گڏ آھيان جيمز ڪليئر سان، جنھن جي ڪتاب ايٽامڪ هيبٽس کي دنيا ۾ بهترين ڪتاب سمجهيو ويندو آهي.

images

هن ڪتاب جو بنيادي نظريو آهي ته ننڍيون تبديليون وڏن نتيجن جو سبب بڻجن ٿيون.. مثال طور، جيڪڏهن هڪ جهاز لاس اينجلس کان نيويارڪ وڃي ٿو.. پر پائليٽ ان جي رخ کي صرف 35 درجا تبديل ڪري ٿو.. ته جهاز نيويارڪ بدران واشنگٽن ڊي سي پهچي ٿو.

اهو ئي اصول اسان جي عادتن تي لاڳو ٿئي ٿو.. اسان عام طور تي وڏين تبديلين جو انتظار ڪريون ٿا، پر حقيقت ۾ جيڪڏهن روزانو 1 سيڪڙو بهتر ٿيڻ تي ڌيان ڏيون ته سال جي آخر ۾ اسان پاڻ کي 37 ڀيرا بهتر بڻائي سگهون ٿا.

پر، اسان کي نيون عادتون اختيار ڪرڻ ۾ مشڪل ڇو ٿيندي آهي؟
هن ڪتاب مطابق، عادت ٺاهڻ جو هڪ چڪر آهي، جيڪو چار مرحلن تي مشتمل آهي:

اشارو، خواهش، ردعمل ۽ انعام.

مثال طور، جيڪڏهن اوهان اونداھي ڪمري ۾ داخل ٿيو.. ته اوهان جي خواهش هوندي ته روشني ڏسڻ لاءِ سوئچ آن ڪجي.. هي عمل اوهان لاءِ عادت بڻجي وڃي ٿو.

اچو ته پڙهڻ جي عادت کي مثال طور وٺون.. جيڪڏهن اوهان کي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رهي.. ته ڪتاب کي پنهنجي ويجھو رکو جيئن ان تائين پهچ آسان بڻجي.

جيڪڏهن ڪو ڪم ڏکيو لڳي، ته ان کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪا ترغيب شامل ڪيو.. مثال طور، پاڻ کي چانهه يا ڪافي تڏهن ڏيو، جڏهن ڪتاب پڙهو.

جيڪڏهن خراب عادت ڇڏڻ چاهيو، ته ان کي مشڪل بڻايو.. مثال طور، ٽي وي ريموٽ جي بيٽريون ڪڍي ڇڏيو يا موبائيل جا نوٽيفڪيشن بند ڪري ڇڏيو...

وڌيڪ، ڪنهن به عادت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هبيٽ ٽريڪنگ استعمال ڪريو.. روزانو ڏسو ته اوهان پنهنجي مقصدن تي قائم آهيو يا نه.

آخر ۾، جيمز ڪليئر چوي ٿو ته، مقصدن بدران نظام ٺاهيو.. جيڪڏهن اوهان راند جي دنيا ۾ ڪامياب ٿيڻ ٿا چاهيو.. ته کٽڻ تي ڌيان ڏيڻ بدران مَشقَ سان محبت ڪريو..
ڇاڪاڻ ته اصل ڪاميابي عادت بڻجڻ ۾ آهي، نه ڪي مقصد حاصل ڪرڻ ۾.
 
Back
Top