
توهان ضرور شيڪس پيئر جو هيءُ قول ٻڌو هوندو:
"Expectation is the root of all heartache."
هيءُ ڳالهه بلڪل سچ آهي.
جڏهن ڪنهن کان اميد رکجي ۽ اها پوري نه ٿئي، ته دل کي ڏک پهچي ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ڪئي وڃي ۽ هو ساڳي محبت واپس نه ڪري، ته دل ٽٽي ٿي پوي. !
جيڪڏهن ڪنهن دوست تي ڀروسو ڪيو وڃي ۽ هو دوکو ڏئي.. ته جيءو جهريو ٿو پوي..
جيڪڏهن والدين پنهنجي اولاد کان تمام گهڻيون اميدون رکن ۽ اهي پوريون نه ٿين، ته دل اداس ٿيو وڃي..
جيڪڏهن زندگي ۾ سڪون چاهيو ٿا ته ٻين کان اميدون نه رکو. جيڪڏهن ڪو سٺو سلوڪ ڪري، ته شڪر ادا ڪريو، نه ڪري، ته افسوس نه ڪريو.
جيڪڏهن ڪنهن سان محبت ڪريو، ته هيءَ اميد نه رکو ته هو به اوهان سان ساڳي محبت ڪندو.
جڏهن ٻين کان گهٽ توقع هوندي، ته دل گهٽ ٽٽندو ۽ زندگي وڌيڪ خوشگوار ٿيندي.
جيڪڏهن زندگي کي آسان بڻائڻو آهي ته ٻين تي انحصار ڪرڻ بدران پاڻ تي ڀروسو ڪريو. پنهنجي خوشي کي ٻين جي مرضي تي نه ڇڏيو.
جيترو گهٽ توقع رکندؤ، اوترو گهٽ ڏک ملندو.
الله پاڪ اوهان لاءِ آسانيون عطا فرمائي!