شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن
زندگيءَ ۾ هڪ ڳالھ سمجهڻ گهرجي.
هتي نه کٽڻ ضروري آهي نه ئي هارائڻ ضروري آهي.
بلڪه زندگي هڪ راند آهي جنهنجو کيڏڻ ضروري آهي.
**خوبصورتي سان کيڏي هارائڻ وارو به مئن آف دي ميچ ٿي سگهي ٿو.
**جيڪو توهان جو آهي سو توهان کي ملندو ئي ملندو.
تڪميل خواهشات ۾ جلد بازي ۽ حرس ٻين جي حق تلفي جو باعث بڻجي ٿو.
********×*************×***
منحوس ڪير؟؟
صبح سوير شاهي قلعي جو دروازو کليو. بادشاھ سلامت پنهنجي لشڪر، گهوڙن، شڪاري ڪتن ۽ حوارين سميت ڌوڙ اڏائيندو ٻاهر نڪتو. دروازي ٻاهر مذدوري جي تلاش ۾ ويٺل هڪ مسڪين وڌي سلام عرض ڪيو پر بادشاه تڪبر منجهان اڳتي نڪري ويو. خدا جي ڪرڻي اها ٿي جو بادشاھ کي سڄي ڏينهن جي خواري بعد به ڪو خاطر خواہ شڪار نہ مليو شام جو مايوس محل ۾ پهتو.
چمچن ۽ درٻارين بادشاھ جي خوشامد ڪندي چيو ته سائين اڄوڪو ڏينهن منحوس آهي.
بادشاھ جو ميٽر به گهمي ويو چيائين ته صبح ساڻ مون فلاڻي پورهيت جو منهن ڏٺو اهو منحوس آهي وٺي اچوس ۽ قتل ڪيوس.
مسڪين کي ڳولي لڌائون درٻار ۾ پيش ٿيو، جلاد تلوار کنيو تيار.
مسڪين بي گناھ پنهنجي جان ويندي ڏسي ڪجهه همت ٻڌي، دل ۾ سوچي ته مرڻو ته هونئن به آهي ڇو نه ڳالهائي مرجي.
سو بادشاه کي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين.
"قبله موت ته ملي ٿو پر هڪ آخري گذارش آهي جيڪڏهن جان جي امان ملي ته عرض رکان؟"
بادشاهه کيس اجازت ڏني.
"چئو ڇا ٿو چوڻ گهرين"
مسڪين عرض ڪيو.
"ظل الاهي اوهان صبح ساڻ منهنجو منهن ڏٺو اوهان کي ته صرف شڪار نه مليو. پر مون جو صبح ساڻ اوهان جو چهرو مبارڪ ڏٺو ته مون کي مورڳو ڦاسي ٿي ملي،هاڻ انصاف ڪيو ته منحوس مان آهيان يا توهان؟"
بادشاھ کي کل اچي وئي ۽ ائين مسڪين جي جان بخشي ٿي.
جنهن راجا جي چهري مبارڪ ڏسڻ سان پرجا بک، بي روزگاري، مهانگائي ،ناانصافي جو شڪار هجي تنهن کي ڇا چئجي.