

هي سخت معدني ذرڙا گردن جي اندر ٺهندا آهن. اهي ذرڙا ڪيلشيم، آڪسيليٽ، يا يوريڪ ايسڊ جهڙن جزن جي وڌيڪ مقدار سبب ٺهندا آهن.

جڏهن اهي جزا پيشاب ۾ وڌيڪ مقدار ۾ هجن ٿا ته ڪرسٽل ٺهڻ لڳن ٿا. وقت سان گڏ، اهي ڪرسٽل گڏجي پٿري جو روپ وٺي وڃن ٿا.

گردن جي پٿري جو سائز ريتي جي ذري جيترو ننڍو يا گولف بال جيترو وڏو ٿي سگهي ٿو. جڏهن پٿري پيشاب جي نَلي مان گذرندي آهي، ته شدید سور جو سبب بڻجي ٿي، خاص طور تي جڏهن اها نَلي جي نازڪ ديوارن کي زخمي ڪري ٿي.

ان مان ورتل تصويرن ۾ پٿري جي ٽڪيدار ۽ کُردري بناوت واضح نظر اچي ٿي، جيڪا ان جي تڪليف ۽ شدت کي ظاهر ڪري ٿي.

1. روزانو 8-10 گلاس پاڻي واپرائو.
2. ڪيلشيم ۽ آڪسيليٽ واريون غذائون (چانهه، ڪافي، پالڪ) گهٽ استعمال ڪريو.
3. وقت بوقت طبي معائنو ڪرائيندا رهو.

زيتون جو تيل + ليمي جو رس
مڪئي جي وارن جو قھوو
خالص صوف جو سرڪو

جرمني جي دوا GHR-4 گردن جي پٿري جي علاج ۾ اثرائتي ثابت ٿي آهي. هي ڪنهن به هوميوپيٿي اسٽور تان ملي سگهي ٿي.

متوازن غذا، مناسب مقدار ۾ پاڻي واپرائڻ، ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري هن تڪليف ڏيندڙ مسئلي کان بچي سگهجي ٿو.