
اهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ عمل ٿي سگهي ٿو جڏهن توهان پنهنجي Windows PC تي ڪو تڪڙوبڪم ڪري رهيا هجو ۽ فائيل ايڪسپلورر جي سست ڪارڪردگي کي منهن ڏسو.. ڪڏهن اهو فائلون ۽ فولڊر آهستي کولي ٿو يا مڪمل طور تي هنگ ٿي وڃي ٿو.. پريشاني وڌي وڃي ٿي جڏهن جلد ڪم مڪم ڪرڻ جي رواني متاثر ٿئي..
خوشقسمتيءَ سان توهان ڪجهه سادا قدم کڻي ان کي ٻيهر صحيح نموني هلائي سگهو ٿا پوءِ توهان کي فائيلن ۽ فولڊرن تائين تيزيءَ سان رسائي حاصل ٿيندي ۽ توهان جو ڪم جلد مڪمل ٿي سگهندو.. جيڪڏهن فائيل ايڪسپلورر مڪمل طور تي خراب نه ٿيو آهي ته پوءِ توهان کي هتي ڏنل هڪ يا ٻه طريقا ئي آزمائڻا ڪافي رهندو.. پر جيڪڏهن وڌيڪ مسئلا سامهون اچن ته توهان وٽ وڌيڪ حل موجود هجڻ گھرجن ته جيئن توهان جلدي ڪم تي واپس اچي سگهو
1 فائيل ايڪسپلورر کي ري اسٽارٽ ڪريو

پهريون قدم جيڪو توهان کي وٺڻ گھرجي اهو آهي ته فائيل ايڪسپلورر کي ري اسٽارٽ ڪيو.. ان لاءِ ٽاسڪ مئنيجر کوليو Windows Explorer تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽ ري اسٽارٽ جو آپشن چونڊيو.. ري اسٽارٽ ٿيڻ دوران فائيل ايڪسپلورر ۽ ٽاسڪ بار ڪجهه لمحن لاءِ غائب ٿي سگهن ٿا پر اها عام ڳالهه آهي جڏهن اهي ٻيهر ظاهر ٿين ته ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي يا نه اهو چيڪ ڪريو ري اسٽارٽ اڪثر ڪري فائيل ايڪسپلورر جي سست رفتاري جو مسئلو حل ڪري وٺي ٿو..
2 فائيل ايڪسپلورر جو ڪيش صاف ڪريو

وينڊوز 11 ۾ به اهو سولو طريقو ڪم ڪري ٿو جيڪو اڳين ورجنن ۾ به ڪارائتو رهيو آهي.. ڪيش صاف ڪرڻ سان اهي عارضي فائلون ختم ٿي وڃن ٿيون جيڪي هاڻي ضروري ناهن.. ۽ ان سان فائيل ايڪسپلورر تيزيءَ سان هلي ٿو جيڪڏهن فائيل ايڪسپلورر هنگ ٿي رهيو آهي يا غلط مواد ڏيکاري رهيو آهي ته اهو طريقو ان کي درست ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو..
ڪيش صاف ڪرڻ لاءِ Win + R دٻايو control folders لکي OK تي ڪلڪ ڪريو جڏهن فائيل ايڪسپلورر آپشنز ونڊو کُلي ته General ٽيب تي وڃو ۽ Privacy سيڪشن ۾ Clear بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.. ڪوبه تصديق وارو پيغام ظاهر نه ٿيندو بس هڪ دفعو ڪلڪ ڪرڻ سان ڪيش صاف ٿي ويندو پوءِ فائيل ايڪسپلورر کي ري اسٽارٽ ڪريو ۽ ڏسو ته ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي يا نه..
3 فولڊر جي آپٽمائيزيشن سيٽنگز ترتيب ڏيو

ڪڏهن ڪڏهن فائيل ايڪسپلورر ۾ مخصوص فولڊرن سان مسئلو ٿيندو آهي خاص طور تي انهن فولڊرن سان جيڪي گهڻيون فائلون ۽ سب فولڊر رکن ٿا ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ انهيءَ مخصوص فولڊر کي آپٽمائيز ڪرڻ ضروري آهي..
مسئلا پيدا ڪندڙ فولڊر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو..
۽ Properties تي وڃو..
Customize ٽيب چونڊيو..
مٿي ڏنل ڊراپ ڊائون مينيو مان General items چونڊيو..
۽ Also apply this template to all subfolders تي نشان لڳايو..
پوءِ Apply ۽ OK تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڏسو ته اهو فولڊر هاڻي صحيح نموني ڪم ڪري رهيو آهي يا نه..
4 ٿرڊ پارٽي متبادل استعمال ڪريو..

جيڪڏهن توهان وٽ ٽربل شوٽنگ لاءِ وقت نه آهي ۽ فائيل ايڪسپلورر تمام سست آهي ته پوءِ متبادل ايپ استعمال ڪري سگهو ٿا.. مثال طور File Pilot هڪ تيز ۽ هلڪو ورجن رکندڙ متبادل ٽول آهي جيڪو ساڳئي فائيلن ۽ فولڊرن کي ظاهر ڪندو ان جو انٽرفيس به سادو ۽ سڃاتل آهي..
ٻيو متبادل Files نالي ايپ آهي جيڪا جديد ڊيزائن ۽ سڌريل خاصيتن سان گڏ اچي ٿي ۽ فائيل ايڪسپلورر کان وڌيڪ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي پر بدقسمتيءَ سان اهي مفت نه آهن پر توهان مفت آزمائي سگهو ٿا..

File Pilot - Next-gen file explorer
File Pilot is a file explorer built from scratch for light-speed performance, with a modern and robust interface.

5 سسٽم مينٽيننس ٽول استعمال ڪريو

ڪنٽرول پينل ۾ موجود سسٽم مينٽيننس ٽول فائيل ايڪسپلورر کي اسڪين ڪري سگهي ٿو ۽ عام مسئلا درست ڪري سگهي ٿو.. جيڪڏهن فائيل ايڪسپلورر سست هجي يا هنگ ٿي وڃي ته اهو ٽول ان کي اسڪين ڪري مسئلو حل ڪندو..
ان کي هلائڻ لاءِ ڪنٽرول پينل کوليو..
System and Security تي وڃو..
پوءِ Security and Maintenance چونڊيو..
۽ مينٽيننس سيڪشن کي وڌايو Start maintenance تي ڪلڪ ڪريو..
جڏهن اسڪين مڪمل ٿي وڃي ته فائيل ايڪسپلورر کي ري اسٽارٽ ڪريو ۽ ڏسو ته ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي يا نه
حاصل مطلب:
فائيل ايڪسپلورر جي سست رفتاري جو مسئلو توهان جي ڪم ۾ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿو پر مٿي ڏنل طريقا آزمائي ان کي تيزيءَ سان هلائي سگهو ٿا... جيڪڏهن توهان ڪنهن متبادل فائيل ايڪسپلورر ايپ کي استعمال ڪيو ته توهان ان کي وڌيڪ بهتر سمجهي سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته ان ۾ اضافي خاصيتون هونديون ۽ ساڳين فائلن ۽ فولڊرن کي سنڀالڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي آهي..