

اوھان اھو محسوس ڪيو آھي تہ اوھان چيٽ جي پي ٽي، جيمني يا ڊيپ سيڪ کان ڪو سوال پڇيو ھجي ۽ ان وري ”اٽو جي گهوٻاٽو جواب ڏنو؟ اھا ”ڌُڪائي“ ڪرت ڇڙي پاڻ ماڻهن بہ ڪينهي پر مصنوعي ذھانت جي انهن سرشتن ۾ اسان کان گهڻي آھي. ان کي ٽيڪنيڪل ٻوليءَ ۾ اھي سڏيندا آھن ”ھيلوسنيشن“ (Hallucination) يعني ڌُڪو ھڻڻ، ڪوڙ لاڦڻ، يا سولي سنڌيءَ ۾ وڦلڻ. مصنوعي ذھانت تي آڌاريل اھي ماڊل (چيٽ جي پي ٽي وغيرہ) وري ان ڌُڪي واري جواب ڏيڻ مھل ايڏو تہ اعتماد سان ڪوڙ ھڻندا آھن جو اسان کي سندي پاڻ تي شڪ ٿيڻ لڳندو آھي يا صفا ان تي ويساھ ڪرڻ تي فل چوندي آھي. سو ھتي پاڻ ان تي ڳالهائينداسين تہ اھا ڪرت آخر ٿئي ڇو ٿي؟ بنيادي طور تي ان جا ٽي سبب آھن، جيڪي ھيٺينءَ ريت ٿين ھوندا آھن:
1. بيڪار يا اڻپوري ڊيٽا: جيڪڏهن مصنوعي ذھانت جي ماڊل يعني چيٽ جي پي ٽي يا ٻين جي ٽريننگ واري ڊيٽا ۾ کوٽ ھجي يا اڻپوري يا اڌ سچ تي ٻڌل ھجي تہ اهو ماڊل تيار ٿيڻ کان پوءِ پاڻمرادو ڪُوڙِي معلومات ٺاهڻ شروع ڪندو.
2. مصنوعي ذھانت جي سمجهڻ واري حد: مصنوعي ذھانت جا ھي موجودہ ماڊل مڪمل فھم نٿا رکن يعني مطلق ناھن، ھاڻي جڏھن ھنن جي مصنوعي سمجهہ کُٽِي پوي ٿي تڏھن وري اُھي ھروڀرو اڳواٽ ڏنل ڊيٽا آڌار امڪانن جي بنياد تي جواب ڏين ٿا. ھي طريقو اوھان ساحر لڌيانوريءَ جي ھن اردو شعر وانگي سمجهي سگهو ٿا تہ:
دنیا نے تجربات و حوادث کی شکل میں، جو کچھ مجھے دیا ہے، لوٹا رہا ہوں میں! يعني مصنوعي ذھانت جي ماڊلن ۾ جيڪا ڊيٽا اسان وجهندا آھيون درحقيقت ان ئي ڊيٽا کي ھو اٿلائي پٿلائي ھڪ ترتيب ڏئي اسان کي واپس ڏيندو آھي.
3. اوھان جي پڇيل سوال جو ڏکيو ھجڻ: جيڪڏهن اوھان ماڊل کان ڪو اهڙو سوال پڇيو، جنهن جو صحيح جواب اڳواٽ ڏنل ڊيٽا ۾ موجود ئي نہ هجي تہ مصنوعي ذھانت جو ماڊل اوھان کي اٽڪل سٽڪل ڪري جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. ھتي ھڪ مثال رکجي ٿو:
اوھان چيٽ جي پي ٽيءَ کان پڇو: ”شاه عبداللطيف ڀٽائي ڪڏهن پيدا ٿيو؟“ تہ اھا جواب ڏيندي: ” شاه عبداللطيف ڀٽائي سن1689ع ۾ پيدا ٿيو. (ھي جواب بلڪل درست آھي جيڪو ان ماڊل کي تيار ٿيڻ مھل سڄي جڳ جي ڊيٽابيسن مان مليو ھئو.)
پر جيڪڏھن اوھان ھڪ اھڙو سوال پڇو جنھن جو ڌڙ نہ ملي گوڏي سان، مثال:
اوھان جو سوال ھجي: ”شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذاتي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ڪھڙو آهي؟
تہ اھا ھاڻي ڌُڪي ئي نہ پر پير کوڙي ڪوڙ ھڻڻ واري ريت ۾ جواب ڏيندي: شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ذاتي طور انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب "The Philosophy of Latif" نالي ڪتاب خود لکيو.“ جڏھن تہ حقيقت ۾ شاھ لطيف ڪوبہ ڪتاب انگريزيءَ ۾ نه لکيو، پر ھتي مصنوعي ذھانت واري ماڊل هي ھٿ ٺوڪيو جواب ٺاھي اوھان کي ڏنو. ۽ ان ماڊل جي اھا ڪرت اصل ۾ ”ڪوڙ بدوڙ واري ڪرت“ يعني ھيلوسنيشن سڏائيندي آھي.
سو ھاڻي جيڪڏھن اوھان کي ڪو تحقيقي ڪم ڪرڻو آھي ۽ اوھان مصنوعي ذھانت جي ٺھيل ماڊلن جي مدد وٺو ٿا ۽ ان ڪوڙن جوابن کان پڻ بچڻ چاھيو ٿا تہ ڇا ڪندئو؟
پھريون تہ سادو ترين جواب آھي جو اوھان ڀلي ان کان سوال ڪريو پر ان ماڊل پاران مليل جواب جي تصديق ڪرڻ لاءِ ٻين ذريعن ۽ ماڊلن کان پڻ مدد وٺو. يعني ڇڙو ھڪ ماڊل تي ناھي ڀاڙڻو. اوھان اڪيڊميا، گوگل اسڪالر، آن لائين رسرچ جرنلن تان بہ ڳولا ڪري تصديق ڪريو. ڇوتہ مصنوعي ذھانتن جي مختلف ماڊلن ۾ ھي ”ڌُڪيبازي ۽ ڪوڙبدوڙي ڪرت“ ھڪ وڏي چنوتي آھي، خاص ڪري معلوماتي ۽ تعليمي مقصدن لاءِ، ان ڪري ھميشه مصنوعي ذھانت جي ماڊلن جي ڏنل معلومات تي ئي سئو سيڪڙو ناھي ڀاڙڻو، پر ڪجهہ آپڻي بہ گهوٽجي تہ مزو پڻ اچي.
ان ريت ڳولا ڦولها واري عمل ۾ پاڻ جي انداني تخليقي صلاحيت ۽ کوجنائي جبلت کي پڻ پاڻي ملندو رھندو ۽ اسان ۾ ماڻهپي واري روش پڻ برقرار رھندي. ۽ جيڪڏھن اسان سئو سيڪڙو اکيون ٻوٽي چيٽ جي پي ٽيءَ يا ڪنھن ٻئي ماڊل سرشتي جي ڏنل جوابن کي مطلق سچ سمجهي ڪڍ لڳي پونداسين تہ پڪ سمجهو اسان جي داخلي تخلقيقي صلاحيتون پڻ تباھ ٿيڻ شروع ٿينديون ۽ اسان جي اندر فيصلي ڪرڻ واري صلاحيت پڻ ختم ٿيندي ويندي، جنھن جي نتيجي ۾ اسان سڀاڻي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ تميز ئي نہ ڪري سگهنداسين. جيڪا ڳالهہ درحقيقت اسان کي تباھ ڪري ڇڏيندي.