
هيءُ دنيا سٺن ڀينرن، ڀائرن، زالن ۽ سٺن مڙسن کان خالي ناهي، پر ڪجهه رشتا آزمائش بڻجي ويندا آهن. ڪڏهن ڀينرون ڀائرن جي زندگين کي مشڪل بڻائينديون آهن، ته ڪڏهن ڀائر پنهنجي زالن جي چوڻ ۾ اچي پنهنجي ئي ڀينرن سان ناتو ٽوڙي ڇڏيندا آهن.
سوال هيءُ آهي ته آخر اهو سڀ ڇو ٿو ٿئي؟
ڇا رشتا ايترا ڪمزور هوندا آهن جو ڪنهن جي چوڻ تي ٽٽي وڃن؟
ڇا رت جا رشتا ايترا سستا آهن جو ٿوري غلط فهمي، ٿوري بدگماني يا دنيا جي ڪجهه لفظن تي ختم ٿي وڃن؟
جيڪڏهن ڀائر پنهنجي ڀينرن سان زيادتي ڪن، ته اها به ناانصافي آهي.
جيڪڏهن ڀينرون ڀائرن جي زندگين کي تڪليف پهچائين يا سندن گهرن ۾ فساد وجهن، ته اهو به غلط آهي.
ساڳئي ريت، جيڪڏهن ڪو ڀاءُ پنهنجي زال جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجي ڀينرن سان ناتو ٽوڙي، ته اهو به ظلم آهي.
اصل مسئلو هيءُ آهي ته اسين هڪ ٻئي کي سمجهڻ بجاءِ ٻين جي ڳالهين ۾ اچي فيصلا ڪري ڇڏيندا آهيون.
ياد رکو:



رشتا نڀايو، سمجهي فيصلا ڪريو، ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي ڳالهين ۾ اچي پنهنجن کان پري نه ٿيو. دنيا جون ڳالهيون بدلبيون رهنديون، پر پنهنجن جو ساٿ هجي، ته زندگي حسين بڻجي وڃي ٿي.