شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن

بي مقصد ۽ اڻ لاڀائتو تعليمي نصاب.(ڪمرشلزم) ٻار کي جلد دانشوربنائڻ وارن لاء هڪ سبق آموز واقعو...

هڪ مولوي ڪنهن ڳوٺ آيل هجي.
تبليغ جو شوق هئس.
جمعو اچڻ وارو هو سو وڏي محنت سان هڪ خطبو تيار ڪيائين.
قدرت جي ڪار اها ٿي جو ان ڏينهن ڪنهن سبب ڪري مسجد ۾ صرف هڪ نمازي پهچي سگهيو.
مولوي صاحب اهو لقاء ڏسي پريشان ٿيو.
سمجه ۾ نه آيس ته ڇا ڪريان .
هن اتي موجود واحد جماعتي کان پڇيو ته هاڻ ڇا ڪجي ؟
واضع رهي ته ٻهراڙي جو لوڪ به پنهنجي تجربي ۾ يڪتا آهي، جماعتي مولوي صاحب کي جواب ڏنو
" سائين مان هڪ سادو ڳوٺاڻو پر هڪ ڳاله ضرور سمجھان ٿو ته جيڪڏهن مان پنهنجي گهر مينهن يا مال متاع لاء گاه پٺو آڻيان ،واڙي ۾ اڃا هڪ ئي مينهن پهتي هجي ته ڇا مان ان کي گاه نه وجھندس؟ ....
مان به اڪيلو آهيان جي بسم الله .....
مولوی صاحب کي دليل وڻيو خوش ٿي ويو.
دليل موجب پُرجوش خطاب شروع ڪيائين ،هڪ ڊگهي تقرير ۔
وچ وچ ۾ جماعتي کان داد به وصول ڪندو رهيو جماعتي واه واه به ڪندو رهيو.
آخر ڪار تقرير ختم ٿي .
هاڻي مولوي صاحب داد طلب نظرن سان ڳوٺاڻي طرف ڏسي پڇيو.
ڪر خبر خطبو ڪينئن لڳو؟
ڳوٺاڻي وڏي اوٻاسي ڏني ۽ چوڻ لڳو.
”مولوی صاحب ! مان هڪ سادو سادو ڳوٺاڻو ضرور آهيان پر اها خبر اٿم ته جيڪڏهن منهنجي سامهون هڪ مينهن هجي ته سڀني مينهن جو چارو گاه ان جي سامهون هرگز نه وجهندس “.
نصاب تعليم مرتب ڪرڻ وارن جي نالي.