اڄوڪي ڪاوش دنيا ۾ ڇپيل اسان جي سماج ۾ عام ملندڙ ھڪ نفسياتي بيماريءَ متعلق ڇپيل ليک:
”مان ڀلو، ٻيا خراب! مان ڀلو ڪم ڪيو انڪري منھنجي عزت ڪريو، ھُو ڪجهہ نہ ٿا ڪن ان ڪري کين بيعزت ڪريو!“
پنھنجي سماج ۾ ھڪ عجيب نفسيات جو ڇيد”مان ڀلو، ٻيا خراب! مان ڀلو ڪم ڪيو انڪري منھنجي عزت ڪريو، ھُو ڪجهہ نہ ٿا ڪن ان ڪري کين بيعزت ڪريو!“

(امر فياض ٻرڙو)
ھزارين سالن کان انساني سماج ۾ مختلف قسمن جا رويا ۽ رجحان موجود رھيا آهن، اھڙا رويا جيڪي ماڻهن جي انفرادي نفسيات ۽ سماجي ماحول جو عڪس هوندا آهن. ھتي پاڻ سماج ۾ ھڪ ئي ٻن متحرڪ ڪردارن تي ڪجهہ لکنداسين جيڪي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪري رھيا آھن پر سندن ڪرت پويان ڪھڙي نفسيات لِڪي پئي ھوندي آھي، ان جو ڇيد ڪنداسين. ھڪ ڳالهہ واضع ھجي تہ پاڻ ڇا پر ھتي ڪير بہ ڪنھن جي نيت کي سمجهي نہ ٿو سگهي ھا پر اھي نتيجا ضرور ڏسي سگهي ٿو جيڪي ماڻهن جي ڳالهين مان ڪڍي سگهجن ٿا. سو اسان ڏسي رھيا آھيون تہ سماج ۽ پنھنجي ماڻهن لاءِ ھتي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪرت ڪندڙ ماڻهو ملن ٿا. اھي ڀلو ڪم ڪندا آھن، سندن ڪم عاليشان ھوندو آھي، جنھن مان ڪافي ماڻهو لاڀ پڻ وٺندا آھن، انهن ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ ڪي کليو کليو ڪم ڪن تہ ڪي وري ڪنجهي ڪنجهي، رُسي رُسي يا چڙيل ماڻهوءَ جيان ڪم ڪندا آھن. اچو تہ پاڻ انهن ٻنهي گروھن جو نفسياتي ڇيد ڪريون:
پاڻ وٽ ھڪڙا اھڙا انسان بہ آھن جيڪي بنا ڪنھن لالچ، خوف يا ڪنھن ٻئي مقصد لاءِ چڱا ڪم ڪري رھيا آھن. ھو اھو سمجهندا آھن تہ اُھي بنيادي طور انسان آھن انڪري کين انسانيت لاءِ ڀلائيءَ رستا ٺاھڻ گهرجن! ڇوتہ اھو سندن فرض آھي. ۽ اھو فرض کين فطرت پاران عطا ڪيل آھي ان ڪري نہ تہ اھي ڪنھن ٻئي مٿان احسان ڪري رھيا آھن نہ ئي وري ٻين تي رعب رکن ٿا تہ اوھان اھو ڪم ڇونہ ٿا ڪريو.اصل ۾ ھن قسم جا ماڻهو بغير ڪنھن ذاتي مقصد جي چڱائي ڪن ٿا ۽ ان کي پنھنجو فطري فرض سمجهن ٿا، اھي نفسياتي طور تي خود شناس ۽ جبلتي طور تي متحرڪ هوندا آهن. مشھور نفسياتي ماهر ابراهيم ماسلو جي نظريي مطابق، اهڙا ماڻهو پنھنجي ضرورتن جي پورڻتا جي بلند ترين سطح تي پھتل هوندا آهن، جتي هو پنھنجي ذات کان ٻاهر نڪري ٻين لاءِ سوچيندا آهن. انهن ۾ خودشناسي ۽ همدردي جو گھرو احساس هوندو آهي، ۽ هو چڱائيءَ کي پنھنجي فطرت جو حصو سمجهندا آهن، نہ وري ڪو ٻين مٿان احسان يا نمائش جو سبب. اهي خاموشيءَ سان چڱائي پکيڙين ٿا ۽ ٻين لاءِ مثال بڻجن ٿا. اهڙا ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ذات اندر خودمرڪزي حيثيت رکن ٿا ۽ نفسياتي طور تي متوازن هوندا آهن. ھن قسم جا ماڻهو جذباتي طور تي پختا، خودآگاهي رکندڙ، ۽ سماجي ذميواريءَ جو گھرو احساس رکندڙ ھوندا آھن. سندن گذريل وقتن ۾ اُھي گهڻو ڪري اهڙي ماحول ۾ پليا هوندا آهن جتي انسانيت ۽ اخلاقي قدرن کي اهميت تي زور ڏنل ھوندو آھي ۽ سندن تربيت ۾ نماڻائي ۽ فقيري شامل ھوندي آھي. اھڙن ماڻهن بابت لطيف سائينءَ جو ھڪ بيت آھي ان جي پھرين سٽ ھوبھو لڳي ٿي تہ:
سِپ موتي پيٽ ۾، ڪُڇي ڪين مھاءُ،
ڪڪڙ آنو ڪُڙه ۾، گهر گهر ڪري گواھ!
ھاڻي مٿين بيت جي ٻي سِٽ ۾ وري جن ماڻهن جي نفسيات آھي اھي اصل ۾ ٻئي درجي ۾ اچن ٿا. اھي اھڙا ماڻهو، جيڪي چڱا ڪم تہ ڪن ٿا پر هر وقت ان جو دھل وڄائيندا آھن ۽ ٻين کي گهٽ ۽ پاڻ کي اعليٰ سمجهندا آھن. نفسياتي طور تي اھي خودپرستي يا گهٽ خوداعتمادي جو شڪار هوندا آهن. اهڙن ماڻهن ۾ خودنمائي ۽ ٻين کان مڃتا وٺڻ جي شديد خواهش هوندي آهي. نفسياتي ماهر الفريڊ ايلر جي نظريي موجب، اهو رويو ھيڻ ڀاونا (احساس ڪمتري) کي لڪائڻ لاءِ هڪ دفاعي مڪينزم ٿيندو آھي. ھن قسم جا ماڻهو پنھنجي عملن کي ٻين جي تعريف يا مقابلي ۾ ڏسندا آھن، ان ڪري اُھي هر محفل ۾ ”مان“ ”مان“ ڪندا رهن ٿا. نتيجي طور اھا مان مان ڪرڻ واري حالت سندن اندروني بيچينيءَ ۽ نفسياتي عدم استحڪام جو سبب بڻجي ويندي آھي. ھي ماڻهو يا تہ سماجي دٻاءَ هيٺ ھوندا آهن، يا ھنن کي ننڍپڻ ۾ گهڻي تعريف يا گهٽ توجھ ملي ھوندي آھي، جنهن سبب هو ٻين کان مڃتا جا طلبگار بڻجي پوندا آھن.
ان قسم جي نفسيات جا ڪجهہ ھاڃيڪار پاسا ٿين ٿا جن ۾ اھي بظاھر تہ ڪجهہ فردن جا رول ماڊل ٿي پون ٿا پر سندن ڪرت جي نقالي ڪندي وري انهن جھڙا ٻيا فرد پڻ پيدا ٿيندا ويندا آھن، جنھن سبب سماج ۾ اڻ سھپ، عدم اطمينان، جھڙيون ڪيفيتون پيدا ٿي پونديون آھن. جن جي ڪري سماج ۾ منافقت ۽ مقابلي کي روش وڌي وڃي ٿي، جيڪا آخرڪار سماجي رشتن کي ڪمزور ڪري ڇڏيندي آھي. جيڪڏهن سماج ۾ پاڻ ڏيکاءَ وارو رويو غالب ٿي وڃي، تہ انسانيت ۽ بي غرضي گهٽجي وڃي ٿي، ۽ ماڻهو صرف پنهنجي ذات جي تعريف لاءِ چڱا ڪم ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪو سماج جي مجموعي ترقيءَ لاءِ نقصانڪار آهي.
انڪري اھو لازمي آھي تہ اسان کي مٿين ٻنهي قسمن جي ماڻهن جو ڇيد ڪري چٽائي رکڻ گهرجي ۽ اھو سمجهجي تہ اسان بھتر نموني سان ڪيتري تميز ڪري سگهئون ٿا. ان سان گڏ اسان کي پنهنجي نيتن ۽ عملن جو جائزو ھر مھل وٺڻ گهرجي تہ جيئن انسانيت جو اصل مقصد برقرار رهي ۽ ھڪ تعميري سماج جُڙي سگهي.