شبير احمد قريشي
سينيئر رڪن
پيارا هن کي رڳو لائڪ نه ڪيو پر هڪ باشعور سنڌي هئڻ ناتي منهنجو ساٿ ڏيو.
_________________________
1- ڪڏهن ڪنهن جي به تڏي تي چانهن، شربت نه پينداسين.
2- ڪانڌپي جو ڀت يا ڪوڙو ڀت نه کائيندا سين.
3- موت واري گهر ۾ رهي انهن تي مالي ٻوجهه نه بڻباسين.
4- ٽيجهي يا ڏهاڻي جي ڀت نه کائيندا سين.
جتي ملا ويهي ست طعامي کائين.
***************
اسان وٽ ڪنهن جي گهر فوتگي ٿئي ٿي ته اهو وايو منڊل ڪونه هوندو آهي جينئن ٻهراڙين ۾ ڪنهن وقت ۾ هوندو هو .....
************
ڏکاري گهر ۾ تڏي وجهڻ واري جاءِ تي گلم وڇائجي ويندا هئا، ويهڻ جو انتظام ٿي ويندو، پاڻي ڪانجهي، قبر کوٽائي، ڪفن يا غسل جو انتظام، اطلاع پهچائڻ وغيره ائين ٿي ويندو هو جو ڏکاري ڌر کي خبر ئي نه پوندي هئي.
******************
ڏکاري گهر ۾ چلهو نه ٻرندو هو.
ٽي ڏينهن ماني يا مهمانن ذمه پاڙي وارن جو هوندو هو.
***************
آيل تعزيت ڪرڻ وارن مائٽن لاءِ هنڌ بستري جو ۽ ماني لاءِ پاڙيوارا ذمہ وار هئا.
****************
نيرن تي چانھ پاپا، بسڪيٽ اصل ٿرماس ڀرجي ملندا هئا.
********************
ڏکويل گهر جي ۽ مهمانن جي مانيءَ جا ويلا ان جا مائٽ عزيز ڀائر ورهائي کڻندا هئا.
******************
هاڻي جنهن گهر قضيو ٿئي اهو نسوري عذاب ۾ گرفتار ٿيو پوي.
قبرستان ملڻ.
قبر جي جاءِ ملڻ.
قبر جي کوٽائي وارو گورڪن ملڻ.
شامياني جو آڊر ڏيڻ.
ڪانڌپي جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن ديڳين جو آرڊر ڏيڻ.
پاڻي جو انتظام ۽ ٻيا سوين ڪم سڀ پئسن تي ٿيڻ ڪري اصل غم وسريو وڃين مورڳوئي عذاب.
هتي ڪراچي ۾ اسان جا ڪيترا ئي سنڌي ان سورن کان ميت ئي ڳوٺ کڻايو وڃن.
هتي ٻهراڙي ۾ جينئن ميمڻ ڳوٺ ۾ هر برادري جا ڪميونٽي ھال ٺهيل آهن. برادري طرفان هر ڪم ٿيو وڃي.
هڪ سٺي ڳالھ جيڪا هتي آهي پر پنهنجي ڳوٺن ۾ ڪونهي.
هتي دعا گهرڻ وارو ايندو جتي جاء مليس ويهي رهندو.
هٿ کڻي دعا گهرندو.
ڏکاري ڌر طرف صرف هٿ جو اشارو ڪندو معني جيڪا رب جي رضا ڪم ختم.
اسان وانگر جيڪو دعا گهري سو غمزده ماڻهو کي پٽ تان اٿاري ڀاڪر وجهي.
اٿي ويهي، اٿي ويهي ويچاري جي چيلھ ۾ ئي چُڪ پئجيو وڃي.
*******************
چانھن شربت پيش ڪرڻ هتي به آهي ته اسان وٽ به آهي، اهو ساڳيو ڪم ٿيو مرے ھوئے کو مارے شاھ مدار....
*****************
هڪ ته گهر ۾ ڏک ٻيو ويچاريون نياڻيون، ڀينرون وتن ٿرماس چانهن جا هر ڏهن منٽن کان پوءِ اماڻين.
اها ڪهڙي ڪڌي رسم آهي. ويٺل وري فرمائش ڪن ته ڦڪي چانهه موڪليو.
******************
پيڻ وارا ٻڏي نه ٿا مرن. هڪ ته تڏي تي غم جو ماحول ئي ختم ٿيو وڃي مٿان،
سياست تي تبصره،
کلڪا ٽهڪا،
وڏي آواز سان ڪچهري.
اها ڪهڙي دلجوئي آهي.
مائٽ ايندا هڪ ئي سوال ڪندا ڪيڏي مهل ٿا کڻو.
***********
گاڏين وارن صاحبن کي ته تڏي تي پنج منٽ به ويهڻ ڏکيو ٿيو پوي. گاڏين ۾ وڃيو ويهن يا ڪي دروازن تي آتا بيٺل نظر ايندا ته ميت کڄي ته جند ڇڏائي نڪران.
*****************
اول ته گهڻو ڪري جنازو پڙهي ڏکاري ڌر کي منهن ڏيکاري نڪري ويندا گويا موجودگي محسوس ڪرائي، توتي ٿورو ڪري آيا سين.
*******************
ورنہ قبرستان هليا به ته ٽولا ٺاهي مختلف جاين ويهي ٽهڪا پيا پوندن.
ڇا جو قرآن ڇا جو سيپارو. قبرستان جنهن لاءِ حضور ﷺ فرمايو ته اڪثر ويندا ڪيو عبرت حاصل ڪيو، سرڪش نفس جهڪندو.
*****************
ڪانڌپو يا ڪڙو ڀت....
هي ڀت قبرستان مان واپس پهچي تڏي تي هر ڪانڌي کي کارايو ويندو آهي.
هاڻي پڇو ڪانڌين کان ته توهان ڪهڙي ڪوڏر هڻي آيا آهيو جو ڏکارو گهر اوهان کي قرض کڻي ڀت ٺهرائي کارائي.
*******************
اهو ڀت جي ٿئي ٿو ته به ان اصول تي ته ڏکاري گهر کي کارايون يا ان جي پري کان آيل مهمان کارايون.
*****************
پر سائين هن ڀت تي به نفسانفسي ٻوٽين لاءِ ٻوڪڙ پيا پون. خدا جو خوف رکجي.
مان غلط هجان ته پڪڙيو يا دليل سان قائل ڪيو ته اهو ڀت جائز آهي.
آقا ﷺ جن جو فرمان آهي ته مومن جا مومن تي ٽي حق آهن.
*ملو ته سلام ڪيو
*مومن بيمار ٿئي ته مزاج پرسي ڪيو.
*وفات ڪري وڃي ته جنازو پڙهو ۽ ڪلهو ڏيو.
ان حساب سان ته ڪانڌي ٿيندڙ پنهنجو حق ادا ڪيو.
ڳالھ ختم توهان ثواب ڪمايو اتي خدا لڳ ڳالهايو ته ڀت کائڻ جائز آهي؟
****************
مٿان ظلم ته ماڻهو جي حيثيت ڏسي تڏي تي وڏن ماڻهن لاءِ منرل واٽر جو بوتلون ۽ ڪوڪا ڪولا جا ڪين پيش ڪيا وڃن.
استغفرﷲ.
******************
براہ ڪرم هن ڪڌي رسم تي ناگواري جو اظهار ڪري ختم ڪرايو. شعور پيدا ڪيو، ڪرايو.
باقي ٽيجهو، ڏهو، ٻارهو سڀ فضول رسمون آهن.
ڪٿي به شرعي طور ثابت نه آهن.
شرعي معاملن ۾ اسان کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳايو ويو آهي.
اتي پئسي وڃائڻ بدران ڏکارو گهر مسڪين آهي ته ساڳي رقم گڏ ڪري لڪ ڇپ ۾ انهن جي مدد ڪيو.
مثال طور بيوه آهي ته جيسين پينشن وغيره جا معاملا حل ٿين سندن گهر جو گاڏو هلي.
ادل عملي practical ٿيو سنڌي قوم کي به عمل جي راه تي لڳايو.