سائوٿ ائشين فلم Iratta

عرس پريو

سينيئر رڪن
MV5BYmI1ZGMyYzUtOWE0NC00MThjLTgyMzEtYzY3MGI4ZWNlMzNlXkEyXkFqcGc._V1_FMjpg_UX1000_.jpg


فلم جو نالو آهي Iratta، جن جو مطلب آهي "جاڙا". هيءَ ڪهاڻي ٻن اهڙن جاڙن ڀائرن جي آهي، جيڪي پوليس ۾ آهن هڪ سينئر آهي ته ٻيو ان جو جونيئر، پر ٻنهي جي پاڻ ۾ بلڪل به نٿي ٺهي. ان جو سبب فلم ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، پر اصل ڪهاڻي تڏهن شروع ٿئي ٿي، جڏهن جونيئر پوليس وارو ڀاءُ ٿاڻي ۾ قتل ٿي وڃي ٿو.

هاڻي جاچ دوران شڪ جا تير سندس ساٿين ڏانهن وڃي رهيا آهن، ۽ سڄي فلم هن قتل جي راز تي ڦريل آهي آخرڪار ان پوليس واري کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو؟ ماضي جي ڪهاڻي به فليش بيڪ ۾ هلندي رهي ٿي، ۽ فلم جو ڪلائمڪس ته توهان جي سڀني اندازن کي مڪمل طور تي غلط ثابت ڪري ڇڏيندو.

هي هڪ بهترين فلم آهي، ضرور ڏسو!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top