
اڄ وري پاڻ وٽ يعني پياري پاڪستان ۾، خاص طور تي سنڌين ۽ بلوچن سان ٿيندڙ ظلمن جي تشريح به انهيءَ سوشل ڊارونزم جي روشنيءَ ۾ ئي نظر اچي ٿي. سنڌ، جيڪا تمدن جي جنم ڀومي آهي، جتي سنڌو دريا زندگيءَ جو سرچشمو رهيو آهي. جتي تھذيب، ٻولي، موسيقي، ۽ روحانيت هزارين سالن کان پوري دنيا کي امن ۽ خوشحال زندگيءَ جو پيام ڏيندي رهي آهي؛ اڄ ان ڌرتيءَ کي اهڙي ريت برباد ڪيو پيو وڃي، ڄڻ ڪا اھا غير ضروري، ٻڏي ويل تھذيب هجي. اِن برباديءَ جا هٿ معاشي به آهن، سياسي به پر صفا چِتائي ڏسجي ته سڀ کان اهم طور تي، اهي طاقت جي نشي ۾ ورتل رياستي پاليسين جا نتيجا آهن.
سنڌو دريا، جيڪو سنڌ جي حياتيءَ جو ضامن آهي، ان تي زبردستيءَ ڊيمَ، واھ ۽ لنڪ ڪئنالَ ٺاهي پاڻيءَ کي روڪيو پيو وڃي. “وسيع تر قومي مفادن” جي نام نھاد نالي تي اهڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن ٿيون، جن مان فائدو پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب کي ئي ملي ٿو، پر نقصان رڳو سنڌ يا بلوچستان کي. ان ناانصافيءَ سبب ھتي صرف ڌرتي ئي ٺوٺ نه ٿي آھي، پر سموري حياتياتي نظام تي تباهي جي تلوار لٽڪي پئي آهي. انڌي ٻلهڻ، جيڪا ناياب ترين پاڻيءَ جي جيوت پڻ آھي ۽ جيڪا فقط سنڌو درياھ ۾ ئي زندھ رهي ٿي، اھا ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب زمين ۾ سيڪ وڌي ويو آهي، پورهيت، ماهيگير، ۽ هزارين ڳوٺن جا ماڻهو پنھنجي روزگار کان محروم ٿي رھيا آهن.
هي ھٿراڌو قھر رڳو معاشي يا ماحولياتي تباھيءَ جو مظھر ناهي پر هي ته ثقافتي نسل ڪشي پڻ آهي. سنڌ لاءِ سنڌو درياھ رڳو درياھ نه آھي، پر ھزارين سالن کان آباد ھتي سنڌين جي ماءُ پڻ آهي. سنڌو ندي لوڪ گيتن جي، شاعريءَ جي، فلسفي جي، ۽ زندگيءَ جي علامت پڻ آهي. جڏهن اھا ندي وھائڻ بند ڪئي وڃي، تڏھن سچ به ته اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ کي تباھ ڪيو پيو وڃي. ھي غليظ ڪم، جيڪو رياستي سطح تي منظم انداز سان جاري آهي، رڳو سياسي طور ظلم ئي نه، پر تاريخ سان غداري پڻ آهي.
مونکي اهو چوڻ ۾ ڪا به ھٻڪ نه ٿي ٿئي ته هي سڀ ڪجهه هڪ اهڙي سوچ جي پيداوار آهي، جتي طاقت کي ئي برتر سمجهيو وڃي ٿو. جتي عدل، انصاف ۽ برابريءَ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ، اڄ به طاقتور ڌڙن جي نظر ۾ بغاوت آهي. سنڌ جي وسيلن تي حق جي ڳالهه ڪرڻ، ڄڻ ڪنھن “قومي وحدت” خلاف سازش هجي. چِتائي ڏسو ته هيءَ روش، سوشل ڊارونزم جو جديد روپ آهي؛ جتي سگهاري ڌر هر ڪم جو جواز پاڻ ٺاهي، پاڻ ئي فيصلا ڪري، ۽ پاڻ ئي مظلوم ماڻهن کي خاموش ڪرائي ڇڏيندي آھي. پر دنيا اڄ جتي “ماحولائي انصاف”جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اتي سنڌ کي زندھ رهڻ جو حق به نه ڏيڻ، ھڪ ڀيانڪ ترين ظلم آهي. جيڪڏهن هيءَ ناانصافي جاري رهي ته اها رڳو سنڌ جي تباهي نه هوندي، پر ڏکڻ ايشيا جي امن، فطرت ۽ انساني وقار لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي. اسان کي انهيءَ بگاڙيل سوچ کي للڪارڻ جي ضرورت آهي، جيڪا سائنس کي سياسي طاقت جي اوزار طور استعمال ڪري ٿي. اصل ترقي تڏهن ٿيندي، جڏهن طاقت جي جاءِ تي انصاف، لوڀ جي جاءِ تي همدردي، ۽ تباهيءَ جي جاءِ تي تحفظ جو اصول لاڳو ٿيندو.
سنڌ، جيڪا هزارين سالن کان پنھنجي ڌرتيءَ، پنھنجي درياھ، پنھنجي تھذيب سان جيئري رهي آهي، اڄ اُن لاءِ علم، شعور، ۽ عالمي ڌيان جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تحفظ کانسواءِ، انسانيت جي بقا جو تصور اڌورو رهندو...