• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صحبت جو اثر.. واقعي ڪمپني مئٽرز!

شبير احمد قريشي

سينيئر رڪن
سنڌي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته "ڪارو ٻڌ قمري سان رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور بدلائي."
صحبت جو اثر پوي ٿو پر هن پر آشوب دور ۾ جتي رڳو پنهنجي ساراه هلي ٿي اتي صحبت جو ڪهڙو اثر پوندو ٻڌو ميڏي سائين ڪمپني مئٽرس.
*ڏھ منٽ توهان شرابي سان ويهو ائين لڳندو ته جهڙوڪ زندگي ۾ ڪو به ٽينشن ڪونهي. بابر به عيش ڪوش کہ عالم دوبارہ نيست.
*ساڌو سنت عالم سان ويھ ته ائين لڳندو دنيا ڪجهه ڪونهي سڀ ڪجهه قربان ڪري نڪري پئو.
*ڪجهه دير ڪنهن آڱوٺي ڇاپ ليڊر يا سياست دان سان ويهو ته لڳندو ته هي پڙهائي، ڊگريون ۽ ڪتاب سڀ بيڪار وقت جو زيان آهن.
*صفا مايوس جهونن سان ويهو ته رڳو عذاب ثواب جون ڳالهيون ڪري توهان جو ساھ ڪڍندا.
*ڪجهه دير ڪنهن انشورنس ايجنٽ ، ڊاڪٽر سان ڪمپني ڪئي ته توهان کي لڳندو ته ايتريون ته بيماريون لڳل آهن جو هاڻي جيڻ بيڪار آهي.


  • واپاري دوست سان ڪمپني ڪندو ته احساس ڪمتري ۾ هليا ويندو ته مان ته تمام گهٽ ڪمايان ٿو.
    *پوءِ ڍايو يا ڪم ظرف جي دوستي ۾ اچڻ کان پوءِ محسوس ڪندا ته اسان هن مهل تائين جهڪ پئي هنئي ڪجهه ڪونه ڪيو.
    *ڪنهن سائنسدان سان ڪمپني ڪندو ته توهان کي محسوس ڪرائيندو ته تون ڪجهه نه ٿو ڄاڻين.
    *طارق جميل صاحب جي ساٿ نصيب ٿئي ته توهان کي حورن جي حدود جو پتو پوندو ته گهوڙي تي چڙهي سفر ڪندو ته شام تائين هلندا رهندو اهو ته صرف هڪ حور جو قد بت آهي.
    *هڪ سٺي استاد جون فهم واريون ڳالهيون ٻڌي توهان کي لڳندو ته ٻيهر پڙهائي شروع ڪيان.
    *هاري مذدور جي صحبت مان فيضياب ٿيندو ته توهان کي محنت جي عظمت جي خبر پوندي.
    *حجام جو ساٿ ملندو ته توهان کي ايتريون ته خبرون ملنديون جو محسوس ڪندا ته هي بي بي سي ۽ سي اين اين رڳو جهڪ ٿا هڻن. سڀ خبرون ته حجام وٽ آهن.
    *هڪ سٺي ۽ پرخلوص دوست جو ساٿ ملي ٿو ته محسوس ڪندا ته دنيا حسين آهي.
    *گهر جي زندگي پرسڪون آهي ته محسوس ڪندا دنيائي جنت هتي آهي.
    *آخر ۾ ڪمال جي ڳالھ ته ٻه ٽي منٽ زال سان ويهو ته انڪشاف ٿيندو دنيا جا ناڪام، نڪما ۽ آواره انسان توهان آهيو.🤣🤣
 
چاچا سائين، اوهان جي لکڻي اهڙي ته مزيدار آهي، ڄڻ ته سماج جي ڀاڱ ڀاڱ تي وڇايل ڪو ٽوال هجي.. جتي هر صحبت هڪ الڳ رنگ، الڳ خوشبو. کلائيندي به سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي. ساڌو، شرابي، واپاري، استاد ۽ زال سڀني جو مقام به ڏيکاريل ۽ انجام به!
خاص ڪري زال واري جملي تي ته لڳو ڄڻ هر مڙس جي دل جي ترجماني ٿي آهي. سچ پڇو ته هي تحرير ادب به آهي، تجربو به، ۽ ريئلٽي شو به..
جنهن جو عنوان ئي آهي:
Company Absolutely Matters!
 
توهان بلڪل صحيح لکيو آھي، هر ماڻهو جي نظر ۽ سوچڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز هوندو آهي. پر ڪامياب اهوئي ٿيندو آهي جيڪو پنهنجو هڪ الڳ نظريو اختيار ڪري ۽ ان کي زندگي جو اهم اصول بڻائي ٿو۔
 
Back
Top